منصور سرور
سينيئر رڪن
زرار پيرزادو
- سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حوالي سان خاص ڪري جڏهن به ڪو سنڌي اديب، دانشور يا ڪالم نگار پنهنجن خيالن جو اظهار ڪنهن مضمون يا ڪالم ۾ ڪري ٿو ته ظاهر آهي ته ان جو رد عمل به ٿيندو آهي.
- اهو فطري عمل آهي. جڏهن به ڪو خيال ڪنهن ماڻهوءَ جي اندر ۾ هوندو ته برابر اهو سندس نجي معاملو هوندو آهي پر جڏهن اهو اظهار بڻجي ٻاهر نڪرندو آهي ته پوءِ اهو ”قومي ملڪيت“ بڻجي ويندو آهي.
- پوءِ ڪنهن کي به ان اظهار تي رد عمل ڏيڻ کان روڪي نٿو سگهجي ۽ نه ئي روڪڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته روڪڻ وارو عمل غير فطري ۽ غير سائنسي آهي.
- سو ڳالهائڻ به گهرجي، ٻڌڻ به گهرجي لکڻ به گهرجي، پڙهڻ به گهرجي ۽ پنهنجو رد عمل ظهار به ڪرڻ گهرجي پر پارلياماني ۽ اخلاقي حد اندر.
- اسانجا دانشور ۽ اديب جڏهن به سياسي پارٽين ۽ سياسي اڳواڻن تي تنقيد ڪندا آهن ته ان خلاف سياسي پارٽيون ۽ سياسي حلقا منفي ۽ غير اخلاقي رد عمل اظهار ڪندا آهن ۽ اهي ڪجهه به ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار ناهن هوندا.
- هاڻي جيئن ته موبائيل سسٽم اچي ويو آهي فوري رد عمل ڏيڻ ته اڃا به سولو ٿي پيو آهي. جنهن جو جائز يا ناجائز ٻنهي نموني ڀرپور فائدو ورتو ويندو آهي.
- ان سان گڏوگڏ ”پڙهندڙن جو پنهنجو نج حلقو“ به هوندو آهي جيڪو جوابي طور سوال به پڇندو آهي ۽ بحث مباحثو به ڪندو آهي جيڪو بيحد مثبت ۽ درست رستو آهي.
- اهو مثبت ۽ درست رستو ان ڪري آهي جو ان ۾ هڪٻئي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ ان وسيلي ڪيتريون ئي غلط فهميون ۽ خوشفهميون ختم ٿين ٿيون.
- اهڙي پڙهندڙ حلقي مان هڪ حلقو اڪثر ڪري سنڌي اديبن، دانشورن ۽ ڪالم نگارن کان رد عمل ۾ اهو سوال پڇندو آهي ته ”توهان اديب ۽ ليکڪ رڳو ٿا ڳالهيون ڪيو. اوهان ڀلا ڪا تبديلي آڻيو ۽ ڪو پليٽفارم ٺاهيو ته اسان اتي اچون يعني ميدان تي اچو، عملي ڪم ڪيو ۽ ڪري ڏيکاريو وغيره وغيره.“
- ان حوالي سان هڪ پڙهندڙ کي بدر ابڙي صاحب پنهنجي هڪ ڪالم ۾ ڏاڍو پرمغز ۽ جامع جواب ڏنو هو. مثال طور هن لکيو ته ”ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ هر رانديگر جو پنهنجهو ڪم هوندو آهي. ڪو بيٽسمين هوندو جنهنکي بالر بالنگ ڪرائيندو ۽ ڪو وڪيٽ ڪيپر هوندو. وڪيٽ ڪيپر جو ڪم اتي وڪيٽ جي پويان ڪيپنگ ئي ڪرڻ هوندو آهي.ان کي بالنگ ناهي ڪرائڻي هوندي.“ معنيٰ ته شعبا ۽ ڪم ورهايل هوندا آهن ۽ سڀني جا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي الڳ مورچا آهن. جن کانسواءِ زندگيءَ جو ڪاروبار نٿو هلي سگهي.
- ڪجهه وقت اڳ ڪنهن ڪالم نگار لکيو هو ته سنڌ کي هن وقت سنڌي ادبي سنگت جي نه پر سائنسي سنگت جي ضرورت آهي.“ هاڻي ڪير ٿو چئي ته سائنسي تنظيمون نه هجن يا ڪڏهن سنڌي ادبي سنگت وارن چيو آهي ته سنڌ ۾ سائنسي تنظيمن جي ضرورت ناهي. اهو لکڻ وڌيڪ بهتر هو ته سنڌ ۾ سائنسي تنظيمون به هجڻ گهرجن.
- ٻيو ته جيڪو پڙهندڙ بدر ابڙي سان مخاطب ٿيو هو تنهن کي پهريون ته اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ گهرجي ها ته اهو جنهن ماڻهوءَ سان ڳالهائي ٿو سو پنهنجي دور ۾ تمام وڏو ۽ خطرناڪ سياسي ايڪٽوسٽ هو جنهن جيل به ڀوڳيو هو.
- اسانکي اهو به سمجڻ گهرجي ته عمر جون به ڪي تقاضائون ٿينديون آهن. عمر سان گڏوگڏ ڪم ۽ ذميواريون به تبديل ٿينديون رهنديون آهن. ۽ اهي سڀ ڪم ۽ ذميواريون پنهنجي پنهنجي وقت جي گهرج هوندا آهن ۽ صلاحيتون به ڀانت ڀانت جون هونديون آهن سڀني ۾ هڪجهڙيون ۽ هڪ ڪم لاءِ صلاحيتون ناهن هونديون
- ٻيو ته ڪير به ڄمندي ئي ڪنهن شئي جو ماهر نه ٿيندو آهي، ان لاءِ تجربن ۽ مشاهدن جي وڏن وڏن صحرائن مان گذرڻو پوندو آهي.
- سنڌ جي ماهرن ۽ دانشورن مان اهو ئي فائدو وٺي سگهجي ٿو ۽ وٺڻ گهرجي ته اُهي اوهانکي ايندڙ هڪ صدي جي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بقا ۽ ترقيءَ جون راهون ٻڌائن.
- محب وطني جو جذبو برابر عظيم هوندو آهي. پر ان جو جائزو وٺڻ به ضروري هوندو آهي ته اهو درست رخ ۾ استعمال به ٿي رهيو آهي يا ضايع ٿي رهيو آهي. ۽ اهڙو جائزو وٺڻ ڪو ڏوھ ناهي.
- سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته رستو ڀلجڻ کان يا رستو ڳولهڻ وارو وقت بچائڻ لاءِ ڪنهن ڄاڻو يا سونهين کان رهنمائي وٺڻ ۾ ڪو عيب ناهي.