سنڌ ۾ قومپرست تحريڪن جي ناڪامي جا سبب

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سنڌ ۾ قومپرست تحريڪن جي ناڪامي جا سبب
    روزاني سنڌ حيدر آباد JUNE 8, 2014 يوسف شاهين
    [​IMG]
    جيئن ئي پاڪستان ٺهيو ته سنڌ مان ذري گهٽ سموري هندو آباديءَ کي لڏائي هندستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن دربدر ڪيو ويو. پاڪستان ٺهڻ تائين اها ڪنهن کي به خبر نه هئي ته سنڌ مان هندو سنڌين کي لوڌيو ويندو. اهي اسان جا هندو ڀائر اسان مسلمان سنڌين وانگر سنڌ جا حقيقي ۽ اصلوڪا وارث هئا. لڏ پلاڻ کان پوءِ هندو سنڌين جا گهر گهاٽ، زمينون ۽ ٻيون ملڪيتون انهن ماڻهن کي ڏنيون ويون جيڪي هندستان کان لڏي هتي آيا. هندو سنڌين جو ترو ڪڍڻ کان پوءِ هڪدم سنڌي مسلمانن جي ڳچي ۾ هٿ وڌا ويا. اسلام ۽ پاڪستان جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي سنڌين کان هر شئي، روزگار ۽ اقتصادي وسيلا ڦرڻ جو اڻ کٽ سلسلو جاري ٿي ويو. سنڌ کي مڪمل طور تباهه ٿيندو ڏسي سائين جي ايم سيد سنڌ جي آزاديءَ جو نعرو هنيو ۽ سنڌو ديش ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ سائين جي ايم سيد کي زندگيءَ جا باقي ڏينهن قيد ۾ گهارڻا پيا. هو وفات وقت به پاڪستان جو قيدي هو. سندس وفات کانپوءِ سنڌ جون ڪيتريون ئي شخصيتون، ڪيترائي گروپ ۽ پارٽيون سائين جي ايم سيد جي مشن کي پوري ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿيون، جيڪي گذريل پنجاهه سالن کان سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪنديون رهن ٿيون. مگر حيرانگي اها آهي ته ايڏو عظيم نعرو، ايڏو وڏو پروگرام ڏيڻ جي باوجود، سنڌ جو ماڻهو انهن قوم پرست پارٽين جي اميدوارن کي سنڌ توڙي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٺاهڻ لاءِ به تيار ناهن. ڇا اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته سنڌ جا ماڻهو آزادي نٿا گهرن. ڇا هو پاڪستان سان ايڏي محبت ڪن ٿا جو هو آزاديءَ بابت ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. ان معاملي کي اڄوڪي جديد عالمي تاريخ جي حوالن سان سمجهي سگهجي ٿو.

    اسڪاٽلنڊ جا ماڻهو گذريل اٺ سوء سالن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ انگريزن خلاف لڳاتار ويڙهه کائيندا رهن ٿا. هنن جا هزارين جوڌا جنگي جوان ڪسجي ويا. هنن کي انگريزن سان سخت نفرت آهي. آئون ڪئين ڀيرا اسڪاٽلنڊ ويو آهيان جتي گلاسگو ۽ ايدنبرا جي رستن ۽ پلين تي اهي نعرا لکيل آهن ته U English go home اڙي انگريزو هتان هليا وڃو. اسڪاٽلنڊ وارا گئلڪ (Galic) ٻولي ڳالهائيندا هئا. انگريزن جي مسلسل تسلط سبب هاڻ هنن کان پنهنجي مادري ٻولي وسري ويئي آهي ۽ هو هاڻ انگريزي ڳالهائين ۽ پڙهن ٿا. وليم ولاسي (William Walace) اسڪاٽلنڊ جي آزاديءَ جو سڀ کان وڏو هيرو آهي. جنهن 1297ع ۾ انگريز فوج کي شڪست ڏيئي اسڪاٽلنڊ کي انگريزن کان آزاد ڪرايو. مگر ٻي ڀيري هو شڪست کائي ويو. انگريزن وليم ولاسي کي پنج سزائون ڏنيون جن تحت 1305ع ۾ سڀ کان اولهن کي هلڪو ڦاهو ڏنو ويو، پوءِ هنجا هٿ ۽ پير وڍيا ويا. پوءِ جيئري هن جو پيٽ چيري هنکي ڪهاڙيءَ سان ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو. هاڻ اٺ سوء سالن کان پوءِ برطانيه جي ملڪه ايلزا بيٿ اعلان ڪيو آهي ته اسڪاٽلنڊ جي آزاديءَ لاءِ راءِ شماري ڪرائي وڃي. جيڪڏهن ماڻهن جي اڪثريت آزاديءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو ته اسڪاٽلنڊ کي ازاد ڪيو ويندو. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته هن وقت تائين ٻه ڀيرا جيڪا سروي ڪرائي ويئي، ان تحت اسڪاٽلنڊ جي ماڻهن آزادي وٺڻ کان انڪار ڪيو. فقط 34 فيصد ماڻهن اهو چيو ته هو آزاديءَ جي حق ۾ آهن. هتي اها ڳالهه سمجهڻ جوڳي آهي ته اسڪاٽلنڊ جي ماڻهن آزادي وٺڻ کان ڇو انڪار ڪيو.

    اسڪاٽلنڊ بلوچستان وانگر هڪ جابلو ۽ ٿڌو علائقو آهي. هتان جي خاص پيداوار ”ڪوئلو“ آهي. هتي مڇي به تمام گهڻي ٿئي ٿي جيڪا برطانيه جي 70 فيصد آباديءَ جي خوراڪ آهي. هتي ڪڻڪ ۽ جَوَ به پوکيا وڃن ٿا. ان کان علاوه ٽيڪسٽائل، مٽي ڊوهڻ واريون مشينون، گهڙيال، واچون ۽ سامونڊي جهاز ٺاهڻ جو ڪم ڪيو ويندو هو، جيڪو هاڻ ختم ٿي رهيو آهي. مجموعي طور اسڪاٽلنڊ جي اڪانامي برطانيه جي محتاج آهي، جنهن کي اڄ يو ڪي(UK) چئجي ٿو. جيئن ته برطانيه جي شاهي خاندان جو دنيا جي لڳ ڀڳ 78 ملڪن تي قبضو رهيو، انهن ملڪن ۾ اسڪاٽلنڊ جي ماڻهن کي وڏيون نوڪريون ڏنيون ويون. هو پنهنجو ڪيتروئي مال وڏي پيماني تي انهن ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ڪري سگهيا. هن وقت به برطانيه جي خاندان جو دنيا جي 24 ملڪن تي قبضو آهي، جن ۾ آسٽريليا، نيوزيلنڊ، ڪئناڊا ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. ملڪه ايلزا بيٿ انهن ملڪن جي راڻي ۽ هيڊ آف اسٽيٽ آهي. ملڪه طرفان مقرر ڪيل گورنر جنرل انهن ملڪن تي سڌو ۽ اڻ سڌيءَ طرح حڪمراني ڪن ٿا ۽ اهڙن سڀني معاملن تي نظر رکن ٿا ته جيئن ڪوبه شاهي خاندان خلاف بغاوت نه ڪري سگهي. واصع رهي ته اڄ کان هڪ هزار اڳ 1066ع دوران موجوده ملڪه ايلزابيٿ جي پڙ ڏاڏي وليم باسٽرڊ (William the Bastard) انگلينڊ تي قبضو ڪيو، جيڪو ناروي جو سامونڊي ڌاڙيل (Viking) هو. اهو قبضو اڃان تائين جاري آهي. بهرحال، اسڪاٽلنڊ جا ماڻهو خوفزده آهن ته آزادي ماڻڻ کان پوءِ هو وڏي پيماني تي بيروزگار ٿي ويندا. اسڪاٽلنڊ جي پائونڊ اسٽرلنگ جي قيمت به ڪري پوندي. هن وقت برطانيه جي اڪانامي دنيا ۾ تمام گهڻو مٿاهين15.4 فيصد جي رفتار سان ترقي ڪري رهي آهي. اسڪاٽلنڊ جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ ممڪن آهي ته هنن جي اڪانامي ڪري پوي. اهي ۽ ٻيا ڪيترائي مسئلا اسڪاٽلنڊ جي ماڻهن لاءِ پريشانيءَ جو سبب آهن. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هن ئي سال هڪ ڀيرو وري اسڪاٽلنڊ ۾ آزاديءَ بابت راءِ شماري ڪرائي ويندي. 18 سيپٽمبر 2014ع تي اسڪاٽلنڊ جي ماڻهن کان فقط هڪ سوال پڇيو ويندو ته ”ڇا اسڪاٽلنڊ آزاد ٿيڻ گهرجي“ اهڙي راءِ شماري بابت آمريڪا جي موجوده صدر بارڪ اوباما سخت تنقيدَ ڪئي آهي. هن برطانيه جي شاهي خاندان سان همدردي ڏيکاريندي اهو چيو ته اسڪاٽلنڊ کي برطانيه(UK)جو حصو رهڻ گهرجي. ساڳي صورتحال ڪئناڊا جي صوبي ڪيوبڪ (Quebec)سان به آهي. جتي فرينچ ڳالهائيندڙ جي اڪثريت آهي. اهي انگريزن جي غلاميءَ کان آزاد ٿيڻ چاهين ٿا. ڪيوبڪ جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سندن تهذيب، ٻولي ۽ مذهبي عقيده خطري هيٺ آهن. هتي ٻه ڀيرا 1960ع ۽ 1995ع ۾ راءِ شماري ڪرائي ويئي. مگر ٻنهي ڀيري ڪيوبڪ جي ماڻهن آزادي وٺڻ کان انڪار ڪيو. فقط 44.75 فيصد ماڻهن آزاديءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. اندازو آهي ته 2017ع ۾، جڏهن ڪئناڊا کي ڄائي 150 سال پورا ٿيندا. تڏهن ڪيوبڪ جي ماڻهن کان ٽيو ڀيرو اهو پڇيو ويندو ته ڇا هنن کي آزادي گهرجي يا نه. اڪانامي ۽ روزگار جي حوالي سان ڪيوبڪ جي حالت اسڪاٽلنڊ جهڙي آهي. مگر جيتري قدر سنڌ جو تعلق آهي ته هتي اسڪاٽلنڊ ۽ ڪيوبڪ کان صورتحال بنهه ابتڙ آهي. سنڌ پاڪستان کان ڪجهه و‎ٺڻ بدران پاڪستان جا 70 فيصد خرچ پورا ڪري ٿي. پاڪستان جي سموري بجيٽ جو 70 فيصد بار سنڌ کڻي ٿي. سنڌ نوڪريون وٺڻ بدران ٻين صوبن جي لکين ماڻهن کي روزگار مهيا ڪري ٿي. ٻين صوبن ۽ مختلف ملڪن کان سنڌ ۾آيل چار ڪروڙ ماڻهن کي گهر ،گهاٽ، پاڻي، لائيٽ، دوائون ۽ ٻيون ضروري سهوليتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون. هتي جي سرڪاري اسپتالن ۾ هڪ سال جي دوا هڪ مهينو به جهلو نٿي ڪري. سنڌ جون اڌو اڌ زمينون ٻين صوبن کان آيل ماڻهن کي ڀڳڙن مٺ تي يا بخشش طر ڏنيون ويون آهن. سنڌ جا ذري گهٽ سمورا ڪارخانه ڌارين جي ملڪيت آهن. سنڌ جو سمورو ڪاروبار ۽ هتان ٿيندڙ اربين رپين جي ايڪسپورٽ گهڻي ڀاڱي ڌارين جي حوالي آهي. سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هنيا وڃن ٿا، مجموعي طور سنڌ جي حالت اڳوڻڪي مشرقي پاڪستان کان به وڌيڪ خراب آهي. سنڌ گذريل 20 سالن کان فقط وڃائڻ واري حد تائين محدود آهي. پنجاب جو سم، ڪلر ۽ ڪارخانن جو زهريلو پاڻي سکر وٽ سنڌو درياءُ ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. ان معاملي بابت سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته پنجاب جو ذهريلو پاڻي پيئڻ سبب سنڌ جا لکين ماڻهو آهسته آهسته مري رهيا آهن. مگر ايڏي وڏي ڏوهه جو ڪو تدارڪ ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي.اهڙي صورتحال جي باوجود سنڌ جا ماڻهو آزادي نٿا گهرن. هو قوم پرست تحريڪن جي آزاديءَ واري نعري جو منفي جواب ڏين ٿا. ڇاڪاڻ قوم پرست تحريڪون سنڌ جا سور گهٽائڻ لاءِ ڪي به انقلابي قدم کڻي نه سگهيون.
    ڳالهه ڳُجهائتي، ويڙهي مون ويئي
    پُڇان پاڻَ کان، پاڻا منجهه پيهي
    ڇو سورَ سڀيئي، پلئه سنڌ پيا
    -يوسف
    لڳاتار حَقَ وڃائڻ سبب اڄ سنڌي هڪ هيسيل، خوفزده ۽ وائڙي قوم آهي. وائڙپ ۾ قومون ڪي به صحيح فيصلا نه ڪري سگهنديون آهن. ايتري قدر جو ڏينهن ڏٺي اکين آڏو ڦر تي به هو خاموش رهنديون آهن. قوم پرست تحريڪن لاءِ اها چئليجنگ صورتحال آهي. آخر ۾ منهنجي دعا آهي ته تاريخي لحاظ کان دنيا هيءَ عظيم قوم، شل هڪ ڀيرو ٻيهر ماضيءَ جيان هن جهان ۾ عظمت ماڻي.
    چڻڪ پيئي چت ۾، تان سُتي ٿيم سارَ
    اٿي آڌيءَ رَات جو، ڪيم پرت پچارَ
    او سٻاجها ستارَ، سگهو ڪر سنڌ کي.
    -يوسف
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 جون 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو