موڪليندڙ: ”نرمل“ کوهارو لکندڙ: عبدالباسط وگهيو ڦوڪ فقير- مزاحيه ڊرامو اداڪار: ڦوڪ فقير خدمتگار وسند خدمتگاروٽو چريو الوٽ چري جي ماءُ ڦوڪ فقير جي گهرواري انگريز (ٻئي خدمتگاراسٽيج تي اچن ٿا) وڏو خليفو چوي ٿو خدمتگاروسند: خليفا وٽو لڳي ٿو ته پنهنجي روزي جي ڪڍ ماما لالو لڳو پيو آهي. (خدمتگاروٽو ڏند ڪڍي جواب ڏيندي) خدمتگاروٽو: خليفا وسند اهو وري ڪيئن؟ (وسند منهن گهنجائيندي ) خدمتگاروسند: وٽو پاڻ وارو فقير الائي ڇا ٿو ڪري جو ماڻهو ڌاڳي ڦيڻي لاءِ اچن ئي ڪو نه ٿا؟ (وٽو دانهيندي) خدمتگاروٽو: ها يار چوين سچ ٿو، مان پنهنجي باري ۾ کيس چيو هو ته مونکي ڌاڳو ڪري ڏي ته منهنجو محبوب مون سان ٺهي پر هن اهڙو ته ڌاڳو ڏنو جو هو مون سان ٺهيو ته نه پر ٻئي ڪنهن مرد سان پسند جي پرڻي ڪرڻ لاءِ گهران ڀڄي ويو. (وسند عجب مان) خدمتگاروسند: يار ڪنهن سان؟ ) خدمتگاروٽو روئيندي پيار ڪٿا ٻڌائي ٿو) خدمتگاروٽو: پاڻ واري مخالف ملي جي پٽ سان (روئي ٿو) ٻيو وري ڪنهن سان. (هڪ انگريز ٻاهران ڦوڪ فقير ڏي اچي ٿو تعويذ ڪرائڻ ) انگريز: رڙيون ڪندو اندر داخل ٿئي ٿو. انگريز: ڦوٽ فٽيڙ جيئي فوٽ فٽيڙ.....(ٻئي خدمتگارجلدي انگريز کي پڪڙين ٿا ۽ چماٽون هڻي کيس ٻڌي ويهارن ٿا. (خدمتگاروسند خليفي وٽو جي ڳالهه جاري رکندي چوي ٿو) خدمتگاروسند: ها يار تڏهن ته پاڻ واري يار وٽ عورتون گهٽ ۽ مرد گهڻا ٿا اچن سو به واندا رڳو رنن ڀڄائڻ جا تعويذ ٿا ڪرائين. پر هن جي تعويذن مان ته مرڳو اثر ئي ختم ٿيندو پيو وڃي. تڏهن ته سامهون مخالف مُلي وٽ رش به گهڻي آهي. (ڦوڪ فقير پاڻ کي ڇنڊيندو ۽ جلال واري انداز سان اسٽيج تي اچي ٿو) فقير: اڙي وسند اڙي وٽو منهنجي روزي تي ويٺا هو ۽ منهنجون ئي گلائون پيا ڪيو ٻيو ڪم اٿئو گلا کان سواءِ؟ (خدمتگاروسند سندس چمچاگيري واري انداز ۾ کيس مخاطب ٿو ٿئي) خدمتگاروسند: نه سائين اسان جي اهڙي مجال جو توهان جي باري ۾ ڪجهه ڳالهايون رڳو حقيقت پيا هڪٻئي کي ٻڌايون..... ڪيئن وٽو. (ڦوڪ فقير ٻنهن کي دڙڪي واري انداز ۾ چوي ٿو) فقير: ڏيو خبر ماڻهن کي ڪو مرون کائي ويو آهي ڇا...... صفا سڃ لڳي پيئي آهي آستاني تي- لڳي ٿو ته هاڻي هي آستانو بند ڪري ڪنهن يونيورسٽي جي پوائنٽ ۾ شاگردن جا کيسا ڪٽڻا پوندا باقي مزو ناهي هاڻي هن ڌنڌي ۾. (خدمتگاروٽو کلندي ) خدمتگاروٽو: ها سائين چئو سچ ٿا- (خليفو وسند کيس دڙڪو ٿو ڏئي ) آهستي چئو..... سامهون ويٺل سائين وارن ٻڌو ته يونيورسٽي مان به ريسٽيگيٽ ڪرائي ڇڏيندا. ( ماءُ سندس چريي پٽ سميت اندر داخل ٿئي ٿي ته وسند نعرو ٿو هڻي ۽ وٽو پڻ سندس نعري جو جواب ٿو ڏئي) خدمتگاروسند: حق ڦوڪ فقير حق - ڦُوڪ فقير جو ڌاڳو .... وٽو : ڄاڻ مئو چريو نڀاڳو.. (فقير مائي کان چريي جي حالت جي باري ۾ پڇي ٿو) فقير: ڏي خبرمائي هن ڇوري کي ڇا ٿيو آهي؟ (چريي جي ماءُ سواليه انداز ۾ فقير کي دانهن ٿي ڏئي) ماءُ: فقير منهنجي ڇوري کي الائي ڇا ٿي ويو آهي؟ (فقير ٻنهي خدمتگارن کي حڪم واري انداز ۾ چريي کي هيٺ ويهارڻ لاءِ چوي ٿو) فقير: اڙي نڀاڳئو هن کي وٺي هيٺ ويهاريوس ته جن ڪڍانس. (ٻئين خليفا هاڪار ڪندي) ٻئين خدمتگار: حاضر سائين. (ڦوڪ فقير چريي مٿان منتر پڙهڻ شروع ٿو ڪري ) ڦوڪ فقير: ڍون ڍارا پون پارا.... هٻڙ ڇٻڙ ڦوڪ ڦري.... اڙي جن ڇڏ هن سائل کي ڍون ڍارا پون پارا.... هٻڙ ڇٻڙ ڦوڪ ڦري.... (ايتري ۾ ڦوڪ فقير جي گهر واري ٻهاري سميت اندر داخل ٿي ٿئي ۽ ڦوڪ فقير توڙي سندس خليفن کي ڪُٽڻ شروع ٿي ڪري سڀئي اسٽيج تان ڀڄي وڃن ٿا ڦوڪ فقيرجي مائي به سندس پويان اسٽيج کان ٻاهر ٿي وڃي ۽ چريو توڙي سندس ماءُ به اسٽيج کان ٻاهر ٿا وڃن ته انگريز اٿي ٿو ۽ اسٽيج تي ويٺل شائقين کي مائيڪ تي چوي ٿو) انگريز: اڙي ڦوڪ فقير تون پنهنجي پاليل جنڙي مان ته جان ڇڏائي پوءِ اسان لاءِ تعويذ ڪجانءِ.......ڏسو سائين اهي هن حال هن ڦوڪ فقير جا...... ها ها ها ها)
جواب: ڦوڪ فقير- مزاحيه ڊرامو يار اهي گهر وارين جا ٻهارا ڏاڍا ڏکيا ۔۔۔ کائڻ کانپوءِ اصل ڪتي خارش ٿيو پوي ۔۔۔