• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مومل راڻو جيڏيون جَيهَائي ڪئي، رات رُسي راڻي

سائل مهراڻ

سينيئر رڪن
لُوٺيَس لُڊاڻي, پسو جو پريَن کي
جيڏيون جَيهَائي ڪئي, رات رُسي راڻي
هلبَو هاڻي, ويرا ڪاڪ وهُ ٿئي.

سر مومل راڻو

لُوٺيَس = جليس, ماريس, باه ۾ ساڙيس
لُڊاڻي = لُڊاڻو اُها جاءِ جتي مومل ڪاڪ محل جوڙايو هيو.
پَسَو = ڏسيو
جيهائي = بي واجبي, ويڌن, ظلم, جُٺ, ڪيسُ,قهر
ويرا = ويرَ,ويلَ,مهلَ هاڻي ئي, هن مهل ئي
وهُ= زهر

* مومل ٿي چئي راڻي کان سواءِ لُڊاڻي ته جيءُ جهوري وڌو آهي, هنيانءُ ڳاري وڌو آهي. پاڻ کي باهه ۾ جلندي ۽ سڙندي ٿي محسوس ڪريان.

* او سرتيون راڻي مون کان رُسي, ڪاوڙجي وڏي بي واجبي ڪئي آهي, وڏو ظلم ۽ قهر ڪيو اٿئين.

* هيءَ ڪاڪ ته هاڻي زهر ٿي لڳي, راڻي کي پرچائڻ لاءِ اوڏانهين ڍَٽ هلڻو پوندو.

پنهنجو خيال رکندا ڪيو
صبح جو سلام
سائين مظفر منگي صاحب جي فيس بوڪ جي ٽائيم لائين تان ورتل
 
هر روز خوبصورت سمجهاڻي سان گڏ لطيف سائين جو بيت سمجهائڻ تي سائين مظفر منگي جا ٿورائتا آهيون. اوهان جي سهڻي شيئرنگ
 
Back
Top