• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آچو ته لات، منات ۽ هزا جا بت نه بڻايون

منصور سرور

سينيئر رڪن
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

جيڪڏهن پنهنجي ئي ڏيئي مان گهر کي باهه لڳي ته ڪنهن کي ميار ڏبي ؟ دشمنين، تضادن ۽ مفادن جي هن دنيا ۾ جيڪڏهن اسان پاڻ ئي پنهنجن لاءِ خطرو بڻجي پئون ته ڪنهن کي ڏوهه ڏبو ؟ اسان جي علم ۽ قلم جي دنيا، سڌ سماءُ جا وسيلا ۽ تاريخي خواهه تحقيقي اهميت جا ادارا اسان کي روشني ڏيڻ بدران اوندهه ۽ انڌوڪار ۾ اڇلائن ته ڪنهن کي دانهن ڏينداسين، اهي ٽئي شعبا جيڪڏهن لات، مزات ۽ هزا جا بت بڻجي، رڳو اسان کي سيس نمائڻ جي ترغيب ڏين ته پوءِ انهن بتن کي اوس ئي ٽوڙڻ گهرجي، اسان به انهيءَ هنڌ تي اچي پهتا آهيون، جتي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪنڌ جهڪائجي،يا ڪنڌ ڪپائجي ؟. لات، منات ۽ هزا جي بت پرسي ڪجي يا بت شڪني ڪجي ؟ اسان پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي نه پائينداسين، پاڻ کي درست نه ڪنداسين ته پوءِ فرشتا يا ملائڪ اچي اسان کي ڪو نه سڌاريندا.

علمي ۽ قلمي دنيا اسان کي نظرين، قدرن ۽ اصولن جي ساڃهه ڏيندي آهي، علم، ادب ۽ صحافت عوام کي هوشيار ۽ خبردار رکندا آهن، پر ڪي مجبوريون ۽ ڪي مفاد اسان جي علم ۽ قلم ڌڻين کي اهو قومي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ رڪاوٽون وجهن ٿا، ان ڪري اسان مان ڪيترا پيشوريءَ بدران دهشتگرديءَ ڪرڻ ۾ سلامتي محسوس ڪن ٿا اڳ چيو ويندو هو ته ماسترن جو وڏو انگ وڏيرن ۽ پيرن جي منشگيري ڪري ٿو، پر هاڻي انهن ۾ ڪيترن صحافين ۽ اديبن جو تعداد به شامل ٿيندو وڃي ٿو، ان جو منفي اثر هي ٿئي ٿو ته اهولکيو يا ڇپيو وڃي ٿو، جيڪو تر جو وڏيرو پير يا عملدار چاهي ٿو، اهڙيءَ صورتحال ۾ به جڏهن اخبارن ۽ ڪتابن ۾ عوامي دردن جون آهون اچن لکجن ۽ ڇپجن ٿيون ته ان ۾ علم ادب ۽ صحافت جي معجزاڻي قوت ۽ تخليقڪار جي عوام دوستيءَ جو وڏو هٿ آهي، ان ڪري کوڙيءَ کي ڪو گهمرو نه چئبو پر هينئن چئبو ته علم، ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ مجبورين ۽ مفادن جي بنياد تي ٻڌل استحصالي سوچ رکندڙ هڪ هر اول دستو جنم وٺي رهيو آهي، جيڪڏهن ان جي روڪ ٽوڪ نه ٿي ته پوءِ سچا صحافي ۽ آدرشي اديب آڱرين تي ڳڻجڻ جيترا رهجي ويندا ۽ پوءِ جمهوريت جي حساب سان جن جو تعداد وڏو يا جن جي هٿن ۾مضبوط ڏنڊو، حڪمراني اهي ئي ڪندا. اسان کي پڙهڻ لاءِ اهو ئي ملندو، جو هو چاهيندا.

ڳالهه پڙهڻ جي ئي رڳي ڪانهي، پر هاڻي اسان کي ٻڌڻو به اهو ئي پئي ٿو، جيڪو سڌ سماءُ چاهي، اسان کان جهڙوڪ پاڻ سوچڻ، پاڻ ڪنهن فيصلي تي پهچڻ ۽ پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ جي حق کان محروم ڪيو وڃي ٿو، اسان جي ٽي وي چئنلن هڪ بدعت جو آغاز ڪيو آهي، اڪثر چئنلن وٽ ڪرائي جا مبصر ۽ مخصوص ماهر حاضر ناظر ۽ موجودويٺا آهن، ڪو واقعوٿيو ناهي جو هنن همراهن جا مفڪرانه گفتگو شروع ٿي وڃن ٿا، اهڙا پروگرام ٿيڻ گهرجن،پران ۾ عوام جي شرڪت کي به اهميت ڏني وڃي ٿي، مبلغ بڻجي، ڪنهن مخصوص سمت ۾ ماڻهن جي عام راءِ کي موڙيو نه وڃي،هونءَ نه ته ههڙا پروگرام اهڙن نقلي ۽ هٿرادو دانشورن جي طبقي کي جنم ڏيندو جو اصلي دانشورن جو عقل ۽ دانش تان ويساهه کي کڄي ويندو، اسان جا اڪثر چئنل ذاتي نوعيت جا آهن ۽ انهن جي قيام ۾ ڪنهن جي رسي پتي ڪانهي، ان ڪري اهڙا ادارا ڪجهه وقت مالڪن جي بت سازيءَ ۾ به مصروف ٿي وڃن ٿا، ان حوالي سان به اها سپروائيزڊ، مانيٽرڊ ۽ منصوبا بنديءَ واري دانشمندي به ڪنهن نه ڪنهن منات جي بت بنائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، پر عوام جي فڪر کي پروان چڙهڻ ۾ موقعو فراهم نه ٿي ڪري، ڪيڏو نه بهتر ٿئي ته هر ڪنهن واقعي ۽ موقعي تي ڪئميرائون کڻي پهريون ماڻهن ۾ نڪري پون ۽ انهن کان دانشمنديءَ جو دڳ پڇن ۽ نه ڪي کين اڻ پڙهيل، جاهل ۽ عقل کان ڪورو ڄاڻي پنهنجي منطق، راءِ ۽ فلسفي کي مٿن مسلط ڪن.

پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جي حوالي سان اهي سنڌي قوم سان اهڙيون زيادتيون ٿين ٿيون، جن جي ازالي ڪرڻ ۾ اڪيچار سال لڳندا، اهڙيءَ طرح اسان جي ڀينگ انهن سرڪاري ادارن به ڪئي آهي، جيڪي اسان جي ثقافت ۽ تاريخ جي تحفظ ۽ ترويج لاءِ قائم ڪيا ويا آهن، ڪن ادارن ۾ دلپسند دادلن کي ڪرسيءَ تي ويهاري نالي ڪمائڻ ۽ سرڪاري دانشوري ڪرڻ جا موقعا ڏنا ويا آهن، ته ڪن ادارن ۾ پنهنجي يارن ۽ پيارن کي راضي رکڻ جون سهولتون پيدا ڪيون ويون آهن،

اهڙي صورتحال ۾ قبضا گروپ استحصالي هر اول دستا جنم وٺن ٿا، اسان جي اهڙن کوڙ سارن ادارن ۾ ڪيترا لاڏلا ڪرسيءَ ۽ عهدي ڪارڻ معتبر به آهن ته دانشور محقق ۽ عالم به آهن، پر حقيقت ۾ آهن ڪرسيءَ تي بار ۽ ادارن لاءِ شامت ادارن ۾ ڪک پن به سندن مرضيءَ بدران ڪو نه چرندو، کين خبر نه تاريخ جي نه تحقيق جي ۽ وري ثقافت يا علم ادب جي ان ڪري ادارن ۾ ڪم اهڙا ٿيندا جيڪي سندن عقل ۾ ايندا ۽ جتان کين ٻه ڏوڪڙ ڪمائڻ جو موقعو ملندو.

ضرورت آهي ته انهن سمورن ادارن جي اعراض و مقاصد، طريقه ڪار ۽ اختيار تي نظر ثاني ڪئي وڃي ۽ هر هڪ اداري کي انهيءَ ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ هر ٽين مهيني پنهنجي ڪارڪردگي عوام اڳيان رکن ۽ ان جي اسيمبليءَ کان وٺي ويندي اخبارن ۽ مذاڪرن ۾ بحث ٿئي.
 
Back
Top