بهتر سماجي رابطن خاطر 6 ترڪيبون

'مختلف موضوع' فورم ۾ گورڌن ولاسائي طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2014۔

  1. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    1. جڏهن به ڪو ناراض، غُصي ۾، يا ڪاوڙيل هُجي ته ان کي پُٺي ڏئي ان سان ڳالهايو. انهي سان ناراض شخص جي ڪاوڙ ختم ٿي ويندي.

    2. اڇا، منهنجي ٿوري مدد ته ڪجان؟ ماڻهو بُڻيادي طور ته ٿورڙي مدد ڪرڻ خاطر هميشه تيار رهندا آهن. ناراض دوست کي چئجي ته منهنجي ٿورڙي مدد ڪر. انهي سان ٻه ڪم ٿيندا هڪ ته انهي دوست کي مدد ڪندي فخر محسوس ٿيندو ۽ ناراضگي گهٽبي.

    3. اڳيون ماڻهو توهان کي ڪا ڳالهه ٻُڌائيندو هُجي ته انهي جي چيل ڪجهه جملن کي ورجائڻ سان اڳيون ماڻهو توهان مان خوش ٿيندو ته توهان هُن جو ڳالهيون ڌيان سان ٻُڌي رهيا آهيو.

    4. جيڪڏهن توهان چاهيو ته اڳيون ماڻهو توهان جي ڳالهين سان متفق ٿئي ته توهان ڳالهه ڪندي پنهنجي ڪنڌ هاڪار ۾ لوڏڻ سان اڳيون ماڻهو پُڻ هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏڻ تي مجبور ٿيندو.

    5. جيڪڏهن ڪو ماڻهو توهان سان ناراض هُجي ته ان کان پينسل يا پين گهُرو ۽ ڪجهه لکڻ شروع ٿي وڃو. انهي سان اڳين ماڻهو کي ناراضگي وسري ويندي.

    6. اڳين ماڻهو سان ڳالهائڻ وقت ان جو نالو ٻه، ٽي دفعا ضرور ورجايو، انهي سان اڳيون ماڻهو گهٽ ڳالهائيندو ۽ خوش به ٿيندو پنهنجو نالو ٻُڌي.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    هي انجيل جي مشهور آيت ته جي ڪو اوهانکي ساڄي ڳل تي ٿڦ هڻي ته اوهان کي پنهنجو کاٻو ڳل به ڏيو جي ڪو اوهانجو ڪڙتو گُهري ته ان کي قميض به ڏئي ڇڏيو. جي مصداق برابر آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    انتهائي ڪم واريون ۽ ڪارائتيون ڳالهيون... هوئن ته توهان جي عقل، شعور ۽ علم اسان کي اڳ ئي ڪافي متاثر ڪيو آهي... پر سچي ٻڌايو هي ڳالهيون توهان تجربي جي بنياد تي لکيون آهن... يا خداداد صلاحيتن ذريعي لکيون آهن...؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين ....

    پر يار جڏهن کان موبائل آيو آهي تڏهن کان ماڻهن پين ۽ پينسل رکڻ ڇڏي ڏني آهي ....
     
  5. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    هاهاهاهها....... چوري ڪيل آهن. انٽرنيٽ تي نفسيات تي مرتب بلاگ تان. فيسبوڪ تي شيئر ڪيم، حفيظ صلاح ڏني ته ترجمو ڪري سنڌ سلامت تي هڻ. باقي انهن شين جو هلڪو هلڪو تجربو آهي......
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    توهان پئسا گهُرندا ڪريو!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پوء ڇا ٿا سمجهو ... بندوق ڪونه کڻندا مونتي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سچل ڳوٺ جي مشهور سماجي ۽ سياسي شخصيت تاج محمد وساڻ کي اهو فن الائي سِکي يا قدرتي طور پر آهي ضرور. مون اهي سڀ ڳالهيون منجهس نوٽ ڪيون. پاڻ ٻيو ته ٺهيو ايم ڪيو ايم جهڙي ڏُکي پارٽي جي ماڻهن سان بحث ۾ کين کُٽائي ٿڌو ڪري آمر مشرف دؤر ۾ سچل لاءِ اسڪيمون وٺي ايندو هو. هاڻ به وٽس روز فيصلا ايندا آهن جن ۾ کيس مٿيون ڳالهيون ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. تاج محمد سليمان وساڻ جو ماما آهي ۽ ٻئي هن وقت سچل ڳوٺ ۾ گڏجي رهن ٿا.

    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    بندوق هڻڻ وارا هونئن به دير نه ڪندا. مٿين تحرير دوستن، مٽن مائٽن ۽ واقفڪارن خاطر لکيل آهي.....
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو