مومل راڻو راڻي سندو روحَ ۾، پسَو پَڳهُه پيوم

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jXxUoXqMf83ov.jpg

راڻي سندو روحَ ۾، پسَو پَڳهُه پيوم
ٻيڙيءَ جيئن ٻڌي ويو، سوڍو ساهه سندوم
وهڻ وههُ ٿئوم، جاڳيو ٿي جَرَ هاريان.


سر مومل راڻو

پَڳَھُ = ٻيڙيءَ کي ٻڌڻ جو رسو، نَوڙُ
پِئَومِ = پيم
پِسَو = ڏسئو
سَندَومِ = سندم، منهنجو
وِھُ = زهر
ٿِئَومِ = ٿيم، منهنجو ٿيو
جَرُ = پاڻي، ڳوڙها، هنجون، لڙڪ

بيت جو پس منظر

~ روح راڻي سان ٻيڙيءَ جي رَسَي جيان ڦاٿل ٿي ڏسان.
~ سوڍو منهنجي ساھ کي ٻيڙيءَ جيان ٻڌي ويو آهي.
~ منهنجو ويهڻ زهر ٿي ويو آهي ۽ جاڳيو پئي هنجون هاريان.

سمجهاڻي

راڻو رُسِي پنهنجي ملڪ ڍٽ هليو ويو آهي. مومل جو روح راڻي جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويو آهي. مومل پاڻ کي ايئين محسوس ٿي ڪري جيئين ٻيڙي لنگر سان ٻڌي ڇڏبي آهي. سندس کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ آرام ڪرڻ زهر ٿي ويو آهي. مومل پنهنجي محبوب راڻَي لاءِ راتو ڏينهن هنجون هاريندي ۽ لڙڪ لاڙينديٿي رهي.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

____
 
سائين مظفر منگي صاحب جا ٿورائتا آهيون جو هو روز هڪ بيت جي سمجهاڻي سان گڏ دوستن ڏانهن شئير ڪندا آهن
 
Back
Top