سوڀوديرو جو شهر مه ڪيتريون ئي وڏيون شخصيتون پئدا ٿيون پر انهن سڀني مه هڪ عظيم شخصيت آهي استاد رحيم بخش عباسي، پاڻ علم جا تمام وڏا اڪابر هيا، سندن شمار سنڌ جي تمام وڏن استادن مه ٿئي ٿو، پاڻ سموري زندگي علم جي جوت کي ڏنائون، هروقت علم ادب ء فڪر سان هوندا هيا. زندگي جو وڏو حصو استاد ٿي رهيا ء سوڀوديرو هاء اسڪول مان هيڊماستر جي پوسٽ تان رٽائر ٿيا، پر افسوس ڪجه ڏينهن پهرين 7 جون 2014 جي ڏينهن سوڀوديرو شهر هن شخصيت جي شپر ڇانو کان محروم ٿي ويو ء ان ڏينهن پاڻ هن فاني دنيا مان هميشا لاء لاڏاڻو ڪري ويا. پاڻ هر دل عزيز شخصيت جامالڪ هيا سندن ڪردار هر قسم جي داغ کان بالا تر هيو، کلندڙء پرعظم شصيت جا مالڪ هيا، سندن شاگردن جو تعداد تمام گهڻو هيو پوري زندگي پاڻ علم جي لاءوقف ڪيائون، شاگردن سان سندس رويو والدين کان وڌيڪ هيو،سدائين شفيق استاد هيا، اصول پرست ماڻهون هيا. جڏهن اسٽيج تي بيهي صدارتي تقرير ڪندا هيا ته ڪلاڪ گزري ويندا هيا پر وقت جو احساس ڪون ٿيدو هيو ء هر ماڻهون کيس غور سان ٻڌندو هيو. پاڻ علمي ادبي ويهڪن جي جان هوندا هيا، سندن زندگي مه ڪو اهڙو عمل ڪون هيو جنهن ڪري هو پشيمان ٿين، سندن زندگي هڪ کليل ڪتاب وانگر روشن هئي، سندس هزارين شاگرد هيا جيڪي ساڻس بي پناه پيار ڪندا هيا، جن ما ڪيترا ئي وڏن عهدن تي پهتل هيا پر هو ساڻس والدين جيترو پيار ڪندا هيا. سائين رحيم بخش جي زندگي جو سڀ کان وڏو ڏک هيو سندس اڪيلو موڀي پٽ ڊاڪٽر غلام شبير عباسي جو جواني مه وڇوڙو، تقريبن ٽي سال پهرين ڊاڪٽر جو انتقال ٿي ويو ء استاد هڪ نوجوان پٽ سان گڏ هڪ بهترين دوست کان بي جدا ٿيو، جنهن سندس جيء جهوري وڌو پر سندس صبر ظاهري محسوس ئي ڪون ڪرايو. استاد سائين جهڙيون شخصيتون تاريخ مه ڪڏهن ڪڏهن پئدا ٿينديون آهن ء سندن ڪردار ڪنهن عظمت کان گهٽ ڪون هوندو آهي. سندس وڇوڙو سالن تائين ڪون وسرندو ء سندس خال ڀرجڻوئي ڪون آهي. چوندا آهن ته مرندا ماڻهون آهن ، ادارا ء فڪر ڪڏهن به موت ڪون ڏسندو آهي، استاد سائين به هڪ ادارو هيو هڪ فڪر هيو هڪ فلسفو هيو هو علم جو شهر هيو، سندس شخصيت ڪا عام ڪون هئي هو ڪا عظيم شخصيت هو، سندس وڇوڙي اسان کي غم ڏنو آهي پر سندس علم اسان جي سدائين رهنمائي ڪندو. ڪو اهڙو علم ڪون هيو جيڪو استاد جي سوچ مه نه هجي، ڪو اهڙو سبجيڪٽ ڪون هيو جنهن جي مهارت کيس نه هجي. انگريزي کان اسلاميات تائين، ادب کان عربي تائين، فڪر کان فلسفي تائين، فزڪس کان ڪيمسٽري تائين، سماجي اڀياس کان سائنس تائين، ڀٽائي کان سچل تائين، سامي کان اياز تائين، بخاري کان رومي تائين، زندگي جي هر پل هر علم جو خزانو کيس هيو ء جڏهن هو ڪنهن موضوع تي بيان ڪندو هيو ته سامهون ويهندڙ سندس خطاب مه گم ٿي ويندا هيا ءوقت جو کين احساس ڪون ٿيندو هيو، سندس تقريرجي مهارت اعلئ درجي جي هئي. هو صوفي هيو سندس صحبت هر مقطب فڪر سان هئي، هن جي شخصيت مان ڪو به بيزار ڪون هيو، سندس ڪو به دشمن ڪون هيو، هر ماڻهون سان پيار ڪندو هيو. ڪچهرين جو ڪوڏيو هيو ، جتي ويهندو هيو اتي سنگت اچي گڏ ٿيندي هئي، سندس اوطاق سدائين ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي، رات گزري ويندي پر سائين جي گفتگو مان ٿڪ نه ٿيندو.
اڄ نه اوطاقن م، طالب تنوارين، آديسي اٿي ويا، مڙھيون مون مارين، جي جيءَ کي جيارين، سي لاھوتي لڏي ويا. اڄ نه اوطاقن م، سندي جوڳين ذات ساري سناسين کي، رنم ساري رات، مون جـِنهين جي تات، سي لاھوتي لڏي ويا. اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪـَک، آديسي اٿي ويا، پئي اڏامي رک، سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا. اهڙا ماڻهو سدائين ياد رهندا ... جيڪي ساهه ڏئي ويساهه ڏئي ويندا آهن.