• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا جا 10 بهترين تفريحي ماڳ

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
دنيا ۾ اڻ ڳڻيا تفريحي ماڳ موجود آهن۽ سڀئي هڪ ٻئي کان وڌيڪ آهن. جيڪڏهن ڪي ماڳ خوبصورت آهن ته ڪجهه جو تاريخ سان گهرو تعلق آهي. پر ڪجهه ئي ماڻهو ان ڳالهه کان واقف هوندا ته دنيا جا سڀ کان وڌيڪ سهڻا تفريحي ماڳ ڪهڙا آهن ؟ انٽرنيٽ تي ڳولها ڪندي هڪ ويبسائيٽ ڏٺم جنهن هڪ فهرست ترتيب ڏني آهي جنهن ۾ بهترين تفريحي ماڳن جي درجه بندي ڪئي وئي آهي. اها درجه بندي 2013 سال جي اهڙن تفريحي ماڳن تي مشتمل آهي جيڪا سياحن جي توجه جو مرڪز رهيا آهن.

45477_02.gif

دنيا جي بهترين تفريحي ماڳن جي اُن فهرست ۾ تُرڪي جي گاديءَ جي هنڌ استنبول جو آهي جتي سياحن کي خوبصورت سُرمئي (نيري) مسجد ( Blue Mosque ) ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو.

45477_04.gif

اٽليءَ جي گاديءَ جو هنڌ روم بهترين تفريحي ماڳن جي ان لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي آهي. پهرين اهو اعزاز نيويارڪ کي هو.

45477_06.gif

لنڊن هن سال (2013) صرف گذريل سال واري پوزيشن کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ويو. دنيا جي بهترين تفريحي ماڳن جي لسٽ ۾ لنڊن ٽئين نمبر تي آهي.

45477_08.gif

دنيا جي بهترين تفريحي ماڳن جي هن سروي ۾ چوٿين نمبر تي چين جي گاديءَ جو هنڌ بيجنگ آهي ۽ ان جو ڳاڻيٽو چين جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري شهرن ۾ ڪيو وڃي ٿو.

45477_10.gif

فهرست ۾ پنجون نمبر چيڪ ريپبلڪ جي گاديءَ جي هنڌ Pragueکي حاصل آهي هن شهر ۾ سياحن جو وڏو انگ Saint Guy Cathedral کي ڏسڻ ايندو آهي.

45477_12.gif

دنيا ۾ ڇهون نمبر تي بهترين تفريحي ماڳ جو اعزاز Morocco جي شهر Marrakech کي حاصل آهي جيڪو خاص عربي اسٽائل جي بازارن ۽ مارڪيٽن جي ڪري انتهائي مشهور آهي .

45477_14.gif

پئرس گذريل سال 2012 ۾ دنيا جي بهترين تفريحي ماڳن ۾ پهرين نمبر تي هو پر هاڻي ستين نمبر تي آهي.

45477_16.gif

ان سروي ۾ اٺون نمبر Hanoi جي Halong Bay کي حاصل آهي ۽ ان کي دنيا جي مقبول ترين تفريحي مان هڪ سمجھيو وڃي ٿو، ان جي مقبوليت جو وڏو سبب سمنڊ ۾ موجود پهاڙ (جبل) ۽ انهن کي ڪراس ڪندڙ جهاز آهن.

45477_18.gif

Siem Reap ڪمبوڊيا جو هڪ خوبصورت شهر آهي جيڪو Siem Reap نالي صوبي ۾ آهي ، کيس فهرست ۾ نائون نمبر حاصل آهي. ۽ هن شهر ۾ اڪثر سياح Angkor Wat نالي هن تاريخي عمارت کي ڏسڻ ايندا آهن.

45477_20.gif

دنيا جي بهترين تفريحي ماڳن جي هن لسٽ ۾ ڏهون نمبر به چين جي ٻئي شهر شنگھائي کي حاصل آهي.

(آئون اڪثر ٿريڊ سنڌسلامت جي دوستن کي ٽيگ ڪندو آهيان ته جيئن اهي به ان ڄاڻ کان محروم نه رهن.
جيڪڏهن منهنجو هي ٽيگ ڪرڻ وارو عمل جنهن رُڪن کي نه وڻي ته ذاتي ڪچهري ۾ چئي سگهي ٿو ته جيئن ان کي اَن ٽيگ ڪجي . )

فاروق سومرو ، سليمان وساڻ ، عبدالغني لوهار محمد جان زريناڻي ذيشان رشيد شيرين ممتاز قريشي سمير عبدالله

مست ڦلپوٽو فقير عمران درويش سومرو عاشق سولنگي رياض حسين گلال ممتاز علي وگهيو نثارناز نثارابڙو رحيم بخش عرس پريو ڏاڏل شينو افتخار علي چوهاڻ جهاندادسمون رضوان علي جمالي يونس ملڪاڻي غلام مصطفي ميمڻ شاهين لطيف ، سنڌي ، ابو واصف
ALI AKBAR SHAR Nashad Mallah TAHIR SINDHI صفي الله منڱڻيجو زاهد سومرو
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
بهترين سهيڙ ۽ اوهان سهڻا منظر ڏيکاريا .... خوبصورت منظر .... ها پر قدرتي منظرن جي وري پنهنجي جاذبيت آهي. هي ڏسو ڀلا

j5pbYd5QJihnp.jpg
 
Back
Top