• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇولين جي رم جهم

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نرمل
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نرمل

سينيئر رڪن
”نرمل“ کوهارو

غزل

ڇولين جي رم جهم هئي،
البيلي! تنهن منجهه گم سم هئي.

ڪينجهر ڪنارو ۽ وار وکريل،
تيز هوائن جي ڇم ڇم هئي.

ماڻهو به اتي ها ٻيا به گهڻا،
۽ چاهت جي وڻندڙ موسم هئي.

”نرمل“ لُڇندي کيس تڪيم،
ڄڻ بانسري جي ڪا رڌم هئي.

 
جواب: ڇولين جي رم جهم

يار نرمل! اڄ تنهنجي هن گيت ته وري دل جي ڪنهن لڪل هنڌان ڪينجهر جو ڪو منظر وري سامهون آڻي ڇڏيو ۔۔۔ افسوس جو هن وقت اهو ڪينجهر ڪناري تي يادگار ڦوٽو نڪتل مون وٽ ناهي نه ته اوهان دوستن سان ونڊ ضرور ڪريان ها ۔۔۔

سهڻي ۽ حقيقي منظر نگاري ٿيل آهي ۔۔۔
 
جواب: ڇولين جي رم جهم

ادا ابڙا صاحب ڪينجهر ۾ آخر توهان جون ڪهڙيون يادون آهن جو توهان ڪينجهر تي گهور پيا ويندا آهيو۔
 
جواب: ڇولين جي رم جهم

ادا ابڙا صاحب ڪينجهر ۾ آخر توهان جون ڪهڙيون يادون آهن جو توهان ڪينجهر تي گهور پيا ويندا آهيو۔

سائين ممتاز يار! ڪينجهر جو ذڪر اچڻ سان ئي منهنجي دل جون تارون وڄڻ شروع ٿينديون آهن ۽ لطيف جا ڪئي حساس بيت ذهن تي تري ايندا آهن ۽ جوانيءَ جا اهي ڏينهن جڏهن هو ۽ مان وڃي ڪينجهر جي ڪناري تي پير پسائيندا هئاسون ۔۔۔ بس نه پڇو؟
 
Back
Top