ناهيد اسرار 8 جون وارو ڏينهن، گهڻن پاڪستانين لاءِ اهميت وارو ڏينهن هوندو، ڪنهن لاءِ ڪاميابين جي ته ڪنهن لاءِ ناڪامين جي حوالي سان. ڪٿي زندگيءَ جي شروعات ٿي هوندي ته ڪٿي پُڄاڻي! پر 8 جُون سال 2014 کان پوءِ اِهو ڏينهن پاڪستاني عوام ڪڏهن به وساري نه سگهندو، ڇو ته اُن ڏينهن مُلڪ دشمنن، مُلڪ جي روح تي ٻه وار ڪيا آهن. پهريون ايراني سرحد ويجهو ضلع تفتان ۾ هڪ هوٽل ۾ ترسيل زائرين تي خودڪش حملو، ٻيو 8 جُون جي رات جو ڪراچي ايئرپورٽ تي. اچو ته پهرين واردات طرف هلون ٿا، جنهن ۾ مختلف ذريعن مطابق 24 زائرين ازل جو شڪار ٿيا. پاڪستان جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ زائرين جيڪي ايران مان مقدس ماڳن جي زيارت کان واپسي دوران تفتان جي ٻن هوٽلن ۾ پنهنجي گهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو انتظار ڪري رهيا هُئا، تڏهن کين خودڪش حملي جو نشانو بڻايو ويو. گذريل ٻن سالن کان مسلسل شيعا دهشتگرديءَ جو نشانو بڻجي رهيا آهن، پر ان حوالي سان حڪومت جي طرفان ڪي واضح ۽ جامع قدم کڄندي ڏسڻ ۾ نٿا اچن. قدم ته رهيا ماڳ، ذميوار سياسي ۽ حڪومتي پارٽي هڪ عدد مذمتي پيغام تائين جي زحمت گواره ناهي ڪئي، ائين لڳي ٿو جيئن اُنهن کي انسان ئي نه سمجهيو ويندو هُجي. هڪ اهڙي ڪميونٽي جيڪا مُلڪ جي مجموعي آباديءَ جو ويهه سيڪڙو آهي، اُن سان اهڙو ورتاءُ افسوسناڪ آهي. حيرت ٿيندي آهي پنهنجن ليڊرن تي جيڪي وزيرستان ۾ ٿيندڙ فوجي ڪارروائين تي ته وڏيون وڏيون دانهون ڪندا آهن، پر جڏهن ڳالهه فرقيواراڻي قتل عام جي ايندي آهي ته جهڙوڪ اُنهن کي نانگ سُنگهي ويندو هُجي. هڪ مخصوص طبقي جي خلاف ٿيندڙ اهڙين ڪارروائين کي ’نسل ڪشي‘ سمجهيو ويندو آهي، پر جڏهن به انهيءَ نسل ڪشي تي آواز اُٿاريو ويندو آهي ته اهو چئي خاموش ڪرايو ويندو آهي ته اوهين فرقيواراڻي نفرت کي هوا ڏئي رهيا آهيو. منهنجا دوستو اِهو ٻڌايو ته جيڪڏهن ٻن سالن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ شيعن جي نسل ڪشي Genocide ناهي ته پوءِ ڇا آهي؟ اُن حملي جي ذميواري جيش الاسلام نالي پابندي پيل تنظيم قبول ڪئي آهي. هاڻ ڏسڻو اِهو آهي ته ڄاڻايل تنظيم جي خلاف حڪومت ڪنهن ڪارروائيءَ جو حڪم ڏئي ٿي يا اُن کي به ٻين دهشتگرد تنظيمن جيان ڳڙکيءَ تي رکي وساري ڇڏيندي. هاڻ اچون ٿا ٻي قيامت طرف. پهريان اِهو ٻڌايان ته شيعا ڪميونٽيءَ جي خلاف تخريبڪاري جي نوعيت سنگين آهي، اُن کان ڪو انڪار ناهي، پر ايترو ئي سنگين ڪراچي ايئرپورٽ تي دهشتگردن جو حملو آهي. واقعي جي تفصيلن کان اسين واقف آهيون، ڪڏهن شروع ٿيو، ڪيئن ۽ ڪنهن ڪرايو، اسين سڀئي سڄي رات اِهي تفصيل ٻڌندا ۽ پڙهندا رهيا آهيون. پر اُنهن ڪجهه حقيقتن تي ڳالهائڻ ضروري آهي، جيڪي اُن واقعي کان پوءِ سامهون آيون. پهرين ته اِهو حملو تحريڪ طالبان پاڪستان ڪرايو آهي، انهن انهيءَ حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي ۽ گڏوگڏ مستقبل ۾ وڌيڪ حملا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. (جنهن جو ثبوت ڪالهه اڱاري ڏينهن صبح جو اي ايس ايف جي ڪيمپ نمبر 2 تي هٿياربندن وارو حملو آهي، جنهن ۾ جيتوڻيڪ ڪو جاني ۽ مالي نقصان ناهي ٿيو) انهيءَ مان ظاهر ٿو ٿئي ته طالبان ڳالهين يا امن جا خواهشمند ناهن. ”ڳالهيون“ يا ”جنگبندي“ جي نالي تي جيڪو وقت لڳايو ويو، اُهو فقط پاڻ کي ٻيهر منظم ڪرڻ جو هڪ ڍونگ هو. اسان جي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر بيوقوف بڻجي وئي. تنهن ڪري اُهي ليڊر جيڪي بار بار امن، ڀائيچارو ۽ رُٺلن کي پرچائڻ جي بانسري وڄائي رهيا آهن، هاڻ وقت آهي ته خاموش ٿي وڃن ۽ عوام کي وڌيڪ گمراهه نه ڪن. انهيءَ واقعي دوران هوم منسٽري بريءَ ريت ناڪام رهي، پوري ايڪشن ٿرلر دوران ائين لڳي رهيو هو جيئن مُلڪ ۾ ڪنهن گهرو وزارت جو وجود ئي ناهي! اهڙي خاموشيءَ کي مجرماڻي خاموشي جو نالو ڏنو وڃڻ گهرجي. واقعي جي 12 ڪلاڪن تائين فقط مذمتي بيانن جو سلسلو هلندو رهيو. حڪومت اصل ذميدارن مٿان آڱر کڻڻ کان لنوائي رهي آهي، اُها دهشتگردي جي ڪارروائي ته ضرور چوي ٿي پر ڏوهارين جا نالا وٺڻ کان گهٻرائي رهي آهي. ڇا اڃا به حڪومت انهن سان امن ڳالهيون چاهيندي؟ دهشتگرديءَ جا اهي واقعا ڪو هڪ ٻن ڏينهن جو قصو ناهن، بلڪه گذريل هڪ ڏهاڪي کان مُلڪ مسلسل اُنهن جي لپيٽ ۾ آهي، پر اُن جي باوجود ڪنهن به قسم جي تخريبڪاراڻي ڪارروائي کي مُنهن ڏيڻ جي لاءِ اڃا تائين ڪا ٽاسڪ فورس ناهي جوڙي وئي، ڪو اسپيشل ٽريننگ سينٽر ناهي جوڙيو ويو. گذريل رات واري ڪارروائي ۾ اي ايس ايف جي ڪارڪردگي يقينن قابل تحسين آهي، پر اهو به سمجهڻ جي ضرورت آهي ته جيڪڏهن ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي سخت هجي ها ته وڏي تعداد ۾ ٿيڻ واري انساني ۽ مالي نقصان کي روڪي سگهجي ها. ايئرپورٽ هڪ حساس ترين هنڌ آهي، آئي ڏينهن ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن کي نظر ۾ رکندي اُن جي حفاظت تي مامور سيڪيورٽي فورس کي ڪنهن به ايمرجنسي کي مُنهن ڏيڻ جي ٽريننگ ۽ سازو سامان سان ليس هُجڻ گهرجي. هتي اِها ڳالهه به ڌيان طلب آهي ته تفتان ۽ ڪراچي ايئرپورٽ جي خلاف ٿيندڙ ڪارروائين جي پيش نظر اطلاع انهن ادارن وٽ موجود هُئا، اُن جي باوجود ڪنهن به قسم جا حفاظتي قدم نه کنيا ويا، اُن جي ذميداري ڪنهن تي لاڳو ٿئي ٿي، ڪير اُن جو ذميوار آهي؟ اِهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ٻنهي واقعن ۾ دهشتگرد ’جديد ترين‘ هٿيارن سان ليس هُئا. آئون اها ڳالهه سمجهڻ کان قاصر آهيان ته هڪ ملڪ جيڪو نيوڪليئر پاور هئڻ جو دعويدار آهي، آخر اُن وٽ ’جديد ترين‘ هٿيارن سان مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت ڇو ناهي؟ ڇا ان کي مجرماڻي غفلت سان تعبير نه ڏيڻ گهرجي؟ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڪراچي ۾ آپريشن جي واويلا مچائي پئي وڃي، پر ڪالهه رات وارا واقعا ته اهو ئي نتيجو ڪڍن پيا ته اهو آپريشن بُري نموني ناڪام رهيو آهي. اُن جي ڪا حقيقت ناهي. ايترو ئي نه پر دهشتگردن اها ڳالهه ثابت ڪري ڏيکاري ته اُهي جڏهن ۽ جتي چاهين حملو ڪري سگهن ٿا، ڪير اُنهن کي روڪي نٿو سگهي. ڪارڻ اِهوئي آهي ته دهشتگرد مضبوط آهن، جو اسان جا ادارا پنهنجي عوام سان مخلص ناهن. ان حملي صرف پاڪستاني عوام کي ئي مايوس ناهي ڪيو، پر پوري دنيا ۾ پاڪستان جي وقار کي به نقصان پهچايو آهي. پهريان ئي پوليو وائرس جي ڪري پاڪستانين تي ٻاهرين مُلڪ سفر ڪرڻ جون پابنديون پيل آهن، جڏهن ته آچر ڏينهن وارن واقعن کان پوءِ ٻاهريان ماڻهو به پاڪستان اچڻ کان ڪنارو ڪندا. ايئرپورٽ کي بچايو ته ويو آهي، پر ڪهڙي قيمت تي؟ پوري دنيا ۾ رسوائي، جاني ۽ مالي نقصان، دهشتگردن کي مُنهن ڏيڻ ۾ ادارن جي ناڪامي، انهن سڀني حقيقتن پاڪستان کي اهڙي ماڳ آڻي بيهاريو آهي، جتان آر يا پار جو ئي فيصلو ممڪن آهي، اُن کان علاوه ٻيو ڪو رستو قابل قبول ناهي.