چوندا آهن ته جڏهن بجلي نه هُئي ته ايتري بيچيني به نه هوندي هئي، ماڻهو بغير ڪنهن پکي يا اي سيءَ جي آسري آرامي ٿيندا هئا. سَوير سُمهندا هئا، سَوير اُٿندا هئا، عبادتون ڪندا هئا، تندرست رهندا هئا، پوءِ بجلي آئي ۽ سُکَ ختم ٿي ويا، هر شئي بجليءَ تي منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويئي، ڪم ڪار، آرام، ايتريقدر جو نمازون، عبادتون به پَکن، اي سيءَ ۽ روشنين ۾ ٿيڻ جا عادي بڻجي وياسين. هن وقت اسان انتهائي پريشانيءَ ۾ ورتل آهيون ۽ انهيءَ پريشانيءَ جو اهم سبب بجلي آهي. پهرين منٽن جي، پوءِ ڪلاڪن جي، هاڻ ته سڄو سڄو ڏينهن لوڊشينگ هر انسان جي سُک آرام ۽ ڪاروبار کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آهي. هن جديد دور ۾ جتي هر شئي بجليءَ تي ٿي ويئي آهي، ته اتي ان بجليءَ جي نه هئڻ سان انسان بيچيني، بي آراميءَ سان گڏ لاتعداد مسئلن جو شڪار ٿي چُڪو آهي، ان لاءِ ڪڏهن ڪڏهن دِل چوندي آهي ته، هن جديد دور کان ته وڌيڪ اهو قديم دور سُٺو هو، جڏهن ’بِجليءَ‘ جو ڪو آسرو ئي نه هوندو هو، گهٽ ۾ گهٽ بيچيني ۽ بي آرامي ته نه هوندي هئي، ان ڪري جيڪڏهن لوڊشيڊنگ تي ڪو ڪنٽرول نه ٿو ٿئي ته مورڳو بجليءَ کي ئي بند ڪري ڇڏجي، پوءِ نه هوندو آسرو ۽ نه هوندو ’بِجليءَ‘ جي اچڻ جو انتظار! محمد اڪرم/ٺٽو
اها هڪ حقيقت آهي جڏهن تڏن جي نُکن تي نماز پڙهندا هياسين ۽ روزي جي افطاري ۾ سادڙو کاڌو هوندو هو وڏو مزو هوندو هو، مغرب جي آذان لاءِ پاڙي واري مسجد ڏي ٻارڙا وڃي انتظار ڪندا هئا ته ڪڏهن ٿو مؤذن آذان ڏي ، بجلي جي اچڻ سان لاؤڊ اسپيڪر اچي ويا مسجد ڏي ٻارڙن وڃڻ ڇڏي ڏنو. ٽي وي آئي ته لاؤڊ اسپيڪر کان به ڌيان هٽي ويو. بغير بجلي جي نماز تراويح جو به پنهنجو مزو هو. هاڻ ته هرڪو پيو لنوائي ته بجلي نه هوندي پگهر نڪرندا تنهن ڪري وڃ ئي نه.