هوءَمون ڏي آئي هئي، ڪوشش ڪرڻ باوجود کيس سڃاڻي نه سگهيو هئس، سونهن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ پئي لڳي، هن جهڙي سونهن راڻي مون اڳ زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. هوءَ خاموش بيٺي مون کي تڪي رهي هئي ۽ آئون کيس سڃاڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هئس. نيٺ هن خاموشي جو روزو ٽوڙي ڳالهائڻ شروع ڪيو، چوڻ لڳي “ڪونه سڃاتئي نه..!! مون کي پڪ هئي تون مون کي نه سڃاڻي سگهندين، جيڪڏهن سڃاڻي سگهين ها ته ايئن نه ڪرين ها جيئن هينئر تو ڪرين پيو؟“ مان حيران و پريشان هن کي ڏسندو رهيس، چيائين “جڏهن تو مونکي سڃاتو ٿي تڏهن تون ٻار هئين لاپرواه هئين پر جڏهن کان تون عاقل بالغ ٿيو آهين، ذميوارين جي ڄار ۾ ڦاٿو آهين تڏهن کان تو مونکي وساري ڇڏيو آ، تو منهنجي سار ناهي لڌي.ڪڏهن اهو به نه سوچيئي ته منهنجو محبوب ڪهڙن حالن ۾ هوندو” هن جي واتان محبوب جو لفظ مون لاءَ ڀالو بڻجي آيو. هوءَ خاموش مون کي ڏسي رهي هئي ۽ مان ماضيءَ جي عڪس ۾ هن جو چهرو سڃاڻڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ اڃان تائين رڌل هئس. مگر مون کي پنهنجي سموري پنجٽيهه سالا زندگيءَ ۾ هن جو نوراني چهرو ڪٿي به نظر نه آيو، هونئن به مون محبت ڪئي ڪونه هئي صرف صدف کي ئي چاهيو هئم پر وقت ۽ حالتن سبب هن کي حاصل نه ڪري سگهيو هئس، ڇو ته انهن ڏينهن ۾ مان سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهدن ۾ سرگرم هوندو هئس. ۽ هڪ دفعو هڙتال دوران گرفتار ڪيو ويو هئس ۽ انهن ئي ڏينهن جڏهن مان جيل ۾ هئس ته صدف جي مڱڻي ٿي وئي هئي، ۽ مان اها خبر ٻڌي ذري گهٽ منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي هئي مون ان بعد زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن به ڇوڪريءَ کي نه چاهيو هو، پوءِ هيءَ ڪير ٿي ٿي سگهي. نه نه هن کي مان نٿو سڃاڻان.. هيءَ مون کي بليڪ ميل پئي ڪري... مان سوچي رهيو هئس جو هن ٻيهر ڳالهايو “ياد ڪر تو مون سان واعدو ڪيو هو ته جڏهن به تون سڏ ڪنديين ته مان سر اڏيءَ تي رکي تو وٽ ايندس، تو چيو هو ته مان مران ته به تنهنجي جهوليءَ ۾ جيان ته به تنهنجي هنج ۾. تڏهن تو وٽ پئسو نه هو، گاڏي نه هئي ملڪيت نه هئي مگر اٿاه محبت جو سمنڊ هو، تو مون کي خوش رکڻ لاءِ هر ناممڪن کي به ممڪن ڪرڻ گهريو ٿي، مگر جڏهن کان تون دنيا جي نظرن ۾ وڏو ماڻهو ٿيو آهين ته تو مون کي وساري ڇڏيو آهي.تون وڏن شهرن جي سوڙهن فليٽن جي دنيا ۾ پنهنجو ماضي وساري پهتو آهين.مون سمجهيو هو تون دودو بڻجي منهنجي حفاظت ڪندين، مون ته توکي هوشو، هيمون، روپلي جو ٻيو روپ سمجهيو هو، مگر هاڻي خبر پئي آهي ته تون چنيسر جو ٻيو روپ آهين جيڪو دولت جي لالچ ۾ رشتن جا ليڪا لتاڙي ڌارين جي ڀر وٺندو آهين. مون توکي مجنون ۽ منصور پئي سمجهيو مون سوچيو هو ته توکي مجني وانگر اگر زهر پيالو پيئن جي آڇ ٿي ته به منهنجي خاطر زم زم سمجهي پيئندين مگر تون مون کي ئي وساري ويٺو آهين. تون بيوفا آهين تون غدار آهين.“ منهنجي دماغ تان دز لهڻ لڳي هئي هن کي سڃاڻي ورتو هئم هوءَ منهنجي محبوبا سنڌ کان سوا ٻي ڪا به نه ٿي ٿي سگهي. هن جي جيون تي گهرا گهاءَ ضرور آهن پر محبوب عاشق کي نه سڃاڻي اهو ڪٿي ممڪن آ. پنهنجي ڪئي تي پڇتاءُ ٿيو هئم واقعي به مان بيوفا هئس مون هن سان وفا نه ڪئي هئي مون لڙکڙائيندڙ لبن سان وراڻيو “معاف ڪجان مون کي واقعي به مان توکي سڃاڻي نه سگهيو هئس، توکان معافي گهرڻ چاهيان ٿو، مگر مان ان لائق ناهيان رهيو، مون دولت جي لالچ تي تنهنجي رشتي کي اهڙا گهرا گهاءَ ڏنا آهن جو شايد سڄي عمر تنهنجي غلامي ڪيا ته به ان جو ازالو ناممڪن آهي.” ايئن چئي مان روئي پيس هن مون کي آٿت ڏيندي چيو “منهنجي دل جا ٽڪرا.! نه روء، مون کان تنهنجو روئڻ برداشت نه ٿو ٿئي، مان هن وقت سخت مصيبت ۾ آهيان اٿ منهنجي مدد ڪر” چيم ”تون حڪم ڪر جانان..! تنهنجي دشمن جو ڪنڌ ڪپي سسي ڌڙ کان ڌار نه ڪريان ته منهنجو نالو به سنڌي ناهي.“ هن وراڻيو “پنهنجي پيار جا ڪجهه ويري مون کي ڌارين حوالي ڪرڻ چاهين ٿا، مان تنهنجي آهيان مان تنهنجي ٿي رهڻ گهران ٿي مگر ڇا ڪريان هو ڏاڍا سگهارا آهن انهن وٽ ايتري طاقت آهي جو هو مون کي ٻن پلن ۾ ڌارين در ڏيئي سگهن ٿا. سنڌي..! اٿ غيرت ڌار پنهنجي محبوبا کي ڌارين حوالي ٿيڻ کان بچاءِ. مان هر جنم تنهنجي محبوبا ٿي رهڻ چاهيان ٿي. هو ظالم آهن مون تي ظلم ڪندا جبر ڪندا منهنجي جوڀن کان جوت کسيندا. منهنجي مک تا مرڪون کسيندا. بچاءِ مون کي سنڌي بچاءِ مون کي ”چيم“ نه آئون هرگز توکي ڌارين حوالي ٿيڻ نه ڏيندس. مگرٻڌاءِ اهي آهن ڪير جيڪي توکي مون کان الڳ ڪرڻ چاهين ٿا. پاڻ ٻنهي جي رشتي کي ٽوڙڻ چاهين ٿا. ڪير آهن اهي؟؟ ٻڌاءِ جاني من ٻڌاءِ” هن مون جهيڻي آواز ۾ جواب ڏنو “هو تنهنجا ۽ منهنجا ڀاءَ آهن. جيڪي ڌارين سان مليل آهن. انهن وٽ رشتن جو ڪو قدر ڪونهي اهي جانورن کان به بدتر آهن. ها سنڌي اهي پنهنجا مائٽ ئي آهن جيڪي مون کي ڏولاون جو ڏيج ڏيئي سورن جي سيج تي سمهارڻ جا خواهش مند آهن. ان جي عيوض انهن جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ ٿينديون ۽ پاڻ ٻئي جيون ڪيئن گهاري سگهنداسين.“ چيم “ ايئن مان هرگز ٿيڻ نه ڏيندس مون کي پڪ آهي ته دنيا ۾ جنهن به دل ۾ احساس هوندو اها دل پنهنجي پيار لاءِ پناه گاه ضرور بڻبي تون منهنجي آهين منهنجي ئي رهنديين ڇو ته تون سنڌ آهين. سنڌ ڪڏهن به سنڌيءَ کان کسي نه ٿي سگهجي. ڇو ته تون آئي ئي منهنجي لاءِ آهين، منهنجي زندگيءَ کي مرڪون ارپڻ لاءِ.. ۽ تنهنجي حفاظت منهنجو فرض آهي. مون پنهنجو ماضي جنهن ۾ مون تولاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو ان ماضيءَ تي لعنت وجهندي مان تو سان وچن ٿو ڪيان ته ”مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون“ هن مسڪرايو هو. مون ٻيهر بلند آواز ۾ چيو هو ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ ڇرڪ ڀري اٿي ويو هئس. اهو هڪ خواب هو. مون کي پنهنجي اکين تي يقين نه پئي آيو. ليڪن ان خواب منهنجيون اکيون کولي ڇڏيون هيون. مان آهستي آهستي گنگنائڻ لڳس “نه ٿو جو سنڌ لاءِ وڙهي سو سنڌ مان لڏي وڃي سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.“ مون محسوس ڪيو هو ته مون وٽ ويندڙ وهيءَ جي پڇاڙڪن پلن ۾ به جسم ۾ جان موٽي آئي هئي. آئون پنهنجو پاڻ مان پهريون ڀيرو مطمئن ٿيو هئس
بهتــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــريــــــــــــــــــــــــــــــــن خيال بهترين ڪهـــــــــــــــــــاڻي.