مرس ھڪ نئون ايندڙ خطرو مرس يعني مڊل ايسٽ ريسپائيريٽري سيندروموائرس ساھ جي پيچيدھ ۽ خطرناڪ بيماري آھي جنھن جو پھريون مريض سعودي عرب ۾ 2012 ۾ سامھون آيو. مرس جو ڪارڻ ھڪ ڪورونا وائرس آھي جنھن کي مرس_ڪوءَ چيو ويندو آھي. اھي مريض جن ۾ مرس_ڪوءَ وائرس جي اثر جي پڪ ٿي آھي تن ۾ انتھائي سخت قسم جي ساھ جي بيماري نوٽ ڪئي وئي آھي. انھن ۾ تيز تپ، دست، کنگھ ۽ ساھ جي تڪليف ڏٺي وئي آھي. ڪجھ مريضن جون بڪيون بئ فيل ٿيون آھن. وائرس ۾ مبتلاءِ مريضن جي عمر گھڻو ڪري 50 سالن کان مٿي آھي. تقريبن 40 سيڪڙو مريض جن ۾ مرس_ڪوءَ وائرس جي اثر جي پڪ ٿي موت جي ھٿان پنھجي زندگي ھارائي ويا. مرس جا سيمپٽمس ساڳيائي آھين جيڪي 2003 ۾ دريافت ٿيندڙھڪٻي سارس جي وبا جا هئا. سارس جا 2003ع ۾ 8000 ڪيس سامھون آيا جنھن ۾ مرڻ وارڻ جو تعداد 773 ھو جيڪو 9.66 سيڪڙو ھو. جڏھن تھ مرس ۾ مرڻ وارڻ جو تعداد 40 سيڪڙو آھي جنھن جي ھڪ انسان مان ٻئي انسان مان پکڙجڻ جي ڪري انديشو پيدا ڪري ڇڏيو آھي ھي مرض ھڪ خطرناڪ ۽ موتمار وبا جي صورت اختيار ڪري سگھي ٿو،جنھن کي 1918 ۾ پکڙجندڙتپ ۽ زڪام جي وبا سان ڀيٽ ڏئي سگھجي ٿي جنھن ۾ دنيا جي آبادي جو 3 کان 5 سيڪڙو اجل جو شڪار ٿيو. مرس جو وائرس ماضي ۾ پکڙجندڙ ٻين 70 سيڪڙو بيمارين جھڙوڪ سارس، ايڊز۽ ايبولا وانگر اصل ۾ جانورن مان نڪتو آھي. جن ۾ اُٺ ۽ چمڙو شامل ٿي سگھن ٿا. سعودي عرب ۾ اٺن تي ٿيندڙ ھڪ تحقيق جي مطابق ڪيترنئي اٺن ۾ مرس_ڪوءَ وائرس جا ثبوت مليا آھن. وائرس جو اثراٺن ۾ شروعاتي عمر ۾ شروع ٿي ڪري پو۽ ختم ٿيو ٿي. تقريبن 70 سيڪڙو اٺن ۾ ھن وائرس جو اثر مليو آھي. جيئن تا اٺن جي پيدائش بھار جي موسم ۾ ٿيندي آھي، تنھن ڪري ٿي سگھي ٿو تا بھار۽ گرمي جي مند ۾ هي وائرس گھڻو پکڙجندو ھجي. نتيجي طور انسانن ۾ بئ ھي وائرس موسمي وبا اختيار ڪري سگھي ٿو. ٿي سگھي ٿو تھ جانورن مان انسانن ۾ هي وائرس گوشت يا کيراستعمال ڪرڻ جي ڪري ٿيندو ھجي پر ھڪ فرد کان ٻئي فرد ۾ ساھ جي نظام جھڙوڪ نڪ ۽ وات مان نڪرندڙ زڪام ۽ کنگھ جي ڪري پکڙجي ٿو. ھيستائين مرس وائرس جا ڪيس عربستان يا ڳن جي ويجھو وارن ملڪن ۾ سامھون آيا آھن. ھي وائرس بيمارفرد مريض کان ٻئي فرد تائين ويجھي ڪانٽيڪٽ ۾ اچڻ جي ڪري پکڙجي ٿو، جن ۾ مريض جي سار سنڀال ڪرڻ وارو فرد يا گڏ رھڻ وارو فرد متاثر ٿيو آھي. پر ھيستائين ھن وائرس جي ڪميونيٽي جي سطح تائين پکڙجڻ جا اطلاع نا مليا آھين. سعودي عرب جي صحت کاتي جي اطلاع مطابق اتي مرس جي بيماري جي ڪري مرڻ وارڻ جو تعداد 2012 کان وٺي ھيستائين 282 تائين پھچي ويو آھي. رڳو پنج ھفتا اڳ سعودي عرب جي رپورٽ مطابق 339 ڪيس دريافت ٿيا جنھن مان 102 مريض الله ڏانھن روانا ٿيا. مرڻ وارن جي شرع ٽوٽل دريافت ٿيڻ وارن ڪيسن جو 30 سيڪڙو آھي. جڏھن تي سڄي عرب ملڪن ۾ ٽوٽل متاثر ٿيڻ وارن جو تعداد 688 آھي جنھن مان 353 افراد صحتمند ٿي گھر روانا ٿيا ۽ 53 مريض علاج ھيٺ آھين. ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن جي تازي رپورٽ جي مطابق هيستائين 18 ملڪن ۾ مرس جا 571 ڪيس سامھون آيا، جن ۾ 171 اموات ٿيون. جيڪو ٽوٽل ڪيسن جو 30 سيڪڙو آھي. پر ٻي اطلاع مطابق ھيستائين دنيا ۾ 800 ڪيس سامھو آيا جنھن ۾ مرڻ وارن جو تعداد تقريبن 40 سيڪڙو يعني تا 310 اھي. مرس جي ڪيسن جو گھڻو تعداد سعودي عرب ۾ مليو آھي پر ٻين علائقن جھڙوڪ عرب عمارات، قطر، عمان، جارڊن، ڪويت، يمن، لبنان، لنڊن، فرانس، اٽلي، مليشيا، فلپائين، مصر، ۽ امريڪا ۾ بئ ان جا ڪيس مليا آھين. ھيستائين امريڪا ۾ مرس جا 2 ڪيس انڊيانا ۽ فلوريڊا اسٽيٽ ۾ سامھون آيا آھين. امريڪا ۾ 2 مئي 2014 تي پھريون ڀيرو مرس جي وائرس جي پڪ سعودي عرب مان آيل ھڪ ھيلٿ ڪيئرورڪر مان ٿي. جنھن کانپوُ ٻيو مرس جو ڪيس 11 مئي 2014 تي سامھون آيو. ھي مريض پڻ سعودي عرب جو سفر کري امريڪا پھتو ھو۽ ھيلٿ ورڪر ھو. پر ھنن ٻنھي مريضن جو پاڻ ۾ ڪو بئ تعلق نا آھي. ھيستائين مرس جي وائرس جي ويڪسينيشن دريافت نھ ٿي سگھي آھي، ۽ ھي مرض لاعلاج آھي. مريض کي صحت جي سھولت مھيا ڪئي ويندي تا جيئن مرض جي علامتن ۽ نشانين کي ڪنٽرول ڪري سگھجي. ھن وائرس ۾ مبتلا مريضن کي اسپتالن ۾ انتھائي سخت قسم جي ساھ جي تيمارداري ڏني ويندي آھي جن ۾ وينٽيليٽر ۾ رکڻ سان گڏوگڏ خاص قسم جي دوا ڏيڻ جيڪا ساھ جي نالين کي صاف ۽ ڇاتي جي اندر جي وڳوڙ کي ختم ڪندي آھي. جئين تا مرس جو وائرس 48 ڪلاڪ پنھجي وجود کي برقرار رکي سگھي ٿو، تنھنڪري ٿي سگھي ٿو تا ھي اسپتال ۾ موجود مشينن ۽ وزارن جي ذريعي اسپتال ۾ موجود اسٽاف ۽ ٻين مريضن کي لڳندو ھجي. مٿي لکي چڪو آھيان تھ ھيستائين ھي وائرس رڳو اسپتالن ۾ يا وري مريض جي ويجھن مائٽن ۾رپورٽ ڪيو ويو آھي جتي وائرس جي مريض سان ويجھو رابطو لازمي ھو. پر جيڪڏھن اڳتي ھلي اھڙا ڪيس سامھون آھيا جيڪي موجودھ ٽرينڊ کان مختليف آھن جئين مختليف آبادين مان مريضن جو سامھون اچڻ تا پوءِ هي وائرس خطرناڪ خطرو اختيار ڪري ويندو. مرس جي ڪيسن جو مختليف ملڪن ۾ سامھون اچڻ ھڪ پريشان ڪندڙ صورتحال تا ضرور آھي پر حيران ڪندڙ بلڪل ڪونھي جو انسان گلوبلي ھڪٻئي سان گڏيو پيو آھي. غيرملڪي ھوائي سفر ۽ زميني سفرھن وائرس کي پکڙڻ ۾ آساني پيدا ڪري رھيو آھي. اھو انتھائي ضروري آھي تا ھن مرض تي سخت نظر رکي وڄي. رڳو سعودي عرب ۾ 70 لک غير ملڪي ورڪر آھن ۽ ھر سال 30 لک حاجي دنيا مان حج ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. جنھنجي ڪري نوان ڪيس دنيا ۾ پکڙبا. اھو انتھائي ضروري ٿي پيو آھي تا ھن وائرس کي منھن ڏيڻ لاءِ نھ فقط ملڪي سطح پر بين الاقوامي سطع تي بئ اپاءِ ورتا وڄن. معلومات سان گڏوگڏ مريض جا سيمپل بئ ٻين کي ڏنا وڄن تھ جئين ھن وائرس تي نظر رکڻ سان گڏوگڏ دوا ۽ ويڪسين جي دريافت ۾ مدد ملي سگھي. صورتحال کي مدي نظر رکندي سعودي عرب جي حڪومت تازوئي غير ملڪي ٽيمن کي ھن گلوبل خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني آھي. جيتوڻيڪ بين الاقوامي سطح تي مرس تي نظررکي پئي وڄي پر سچ تا اھو آھي تا مختليف وائرس ۽ انٽيبايوٽيڪ جو ڪو با اثر نا ٿيندڙ بيڪٽيريا جن ۾ وبا جي صورت اختيار ڪرڻ جي صلاحيت آھي مسلسل پيدا ٿي دنيا ۾ پکڙجي رھيا آھين. جيڪڏھن ڪنھن کي مڊل ايسٽ يا ان جي ڪنھن ويجھي ملڪ جي سفر ڪرڻ جي 14 ڏينھن جي اندر تپ، کنگھ، يا ساھ کڻڻ جي تڪليف ٿئي تئي تا ان کي يڪدم ڊاڪٽر سان ڪانٽيڪٽ ڪرڻ کپي. عام ماڻھن کي بھ ھن وائرس کان بچڻ لاءِ احتياتي تدابير ڪرڻ گھرجن. جن ۾ پنھجن ھٿن کي صابڻ ۽ پاڻي سان گھٽ ۾ گھٽ 20 منٽ ڌوئڻ، پنھنجي اکين، نڪ ۽ وات کي ڪوشش ڪري اڻ ڌوتل ھٿن کان بچايو وڃي تا جئين وائرس جسم ۾ داخل ٿي نا سگھي. ٻئي ڪنھن بيمار ماڻھون سان ويجھو ڪنٽيڪٽ جھڙوڪي مريض جو ذاتي ٿانوُ يا شئي وغيره استعمال نا ڪيو وڃي. ان کان علاوه عام استعمال جي شين جھڙوڪ دروازن جا ڪڙا ۽ ميزن وغيره کي انٽي بيڪٽريل سان صاف رکڻ گھرجي. تازو سامھون ايندڙ ڪيس اڃان تائين انتھائي خطرو نا آھين پر جيڪڏھن ھي وبا پکڙجي ٿي تھ پوُ ضروري آھي تا اسين ان خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ جنگي بنيادن تي تيار رھون.
سائين اوهان تمام سٺي ڄاڻ ڏني آهي .... ٻڌو آهي ته هاڻ عمري ۽ حج تي ويندڙن کي به احتياط طور ماسڪ پائڻا پوندا. بحرحال اهو هڪ ڏکيو وائرس آهي جيڪو منجهائيندڙ مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي.