پنهنجي اڇن وارن کي قدرتي طريقي سان ڪارو ڪريو ۽ ڪيميڪل ڊيميجز کان بچايو

'صحت سرير جي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجي اڇن وارن کي قدرتي طريقي سان ڪارو ڪريو ۽ ڪيميڪل ڊيميجز کان بچايو
    [​IMG]

    اڌيڙي عمر ۾ جسم ۾ (وٽامن اِي) جي گهٽتائي ڪري ڪارن وارن جو پروسيس اڇن وارن جي پروسيس ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. پوءِ وڌندڙ عمر شخصيت سميعت هر شخص جي اندوني نفسياتي خواهش هوندي آهي هر وقت پنهنجا خوبصورت ڪارا وارا ڪرڻ ۽ پو هو انهن کي ڊائي ڪرڻ لا هو بازار مان مختلف ڪيميڪل پوڊر يا لِڪُئڊ يا ڪريم آڻي وارن کي رنگي ڪارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ اهو ڪيميڪل عمل ويتر سندس ڪارن وارن کي به اڇو ڪري ڇڏيندو آهي.
    اچو ته اسان توهان کي وارن کي ڪارو ڪرڻ ۽ انهن ڪيميڪل عملن کان بچائڻ لا قدرتي ڪارو ڪرڻ جو طريقو ٻُڌايون جيڪو اسانجي روزمره استعمال ۾ به آهي.
    توهان کي صرف ٽن شين کي استعمال ڪرڻو آهي
    1. ليمون جو رس
    2. آملا پائوڊر (بازار مان يا پنساري کان آرام سان ملي وڃي ٿو)
    3. سادو پاڻي.
    ٺاهڻ جي ترڪيب هن ريت آهي:
    1 . چار چمچا آملا جو پائوڊر کڻو.
    2. هن ۾ هڪ چمچو ليمي جو رس ملايو.
    3. پو هن ۾ ٻه چمچا پاڻي جا ملايو.
    4. چڱي طرح مڪس ڪري ان جي پيسٽ ٺاهيو.
    5. ان پيسٽ کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ تائين پاسي ڪري رکو ته عمل مڪمل ٿي وڃي.
    6. ڪلاڪ تائين رکيل اها پيسٽ چڱي طرح پنهنجي وارن ۾ هڻو جتي جتي اڇا وار هُجن.
    7. ان وارن ۾ ٿڦيل پيسٽ کي هاڻ گهٽ ۾ گهٽ 20 يا 25 منٽ سڪڻ لا ڇڏيو ته جيئن اها آهستي آهستي وهي توهانجي وارن جي پاڙ وڃي وٺي.
    8. آخر ۾ پنهنجي 20 يا 25 منٽ پيسٽ لڳل وارن کي صرف سادي پاڻي سان کنگهالي ڌوئي صاف ڪريو.
    تنبيهه :
    1. ڪوشش ڪريو ته وارن کي صاف ڪرڻ وقت ڪو صابڻ يا شيمپو استعمال نه ڪرڻ گهرجي.
    2. وار ڌوئڻ وقت خيال ڪريو ته اکيون کُليل نه هُجن ۽ اهو پاڻي اکين ۾ نه پئجي سگهي.
    3. هن پيسٽ کي هر 4 ڏينهن کان پو استعمال ڪندا رهو.
    عمل مڪمل:
    اهو عمل جسم ۾ گهٽ موجود (وٽامن اِي) کي بُوسٽ ڪندو ۽ ڪُجهه مهنن جي عمل ڪرڻ کان پو توهان ڏسندا ته توهان جا وارا منهنجي وارن جيان مُڪمل ڪارا ٿي ويندا. ۽ ها جنهن ڏينهن توهان اها گهر ۾ ٺاهيل وارن کي قدرتي ڪارو ڪرڻ جي پيسٽ استعمال نه ڪري رهيا هُجو ته پنهنجي وارن ۾ صابڻ يا شيمپو هڻي سگهو ٿا. بهتر ٿيندو ته ڪو هربل شيمپو استعمال ڪندا ۽ پنهنجي وارن کي ڪنهن سرهن جي تيل جي مالش به ڪريو ته وار جلد وڏا ۽ گهاٽا ٿي پوندا.

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 جون 2014
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واهه يار ... هي ته بلڪل آسان ۽ سولو حل آهي ....

    پوء سڀاڻي کان ئي لڳون ٿا ان ڪم سان
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. غلام قادر ڀيو

    غلام قادر ڀيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2013
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ننڍڙو موبائل شاپ
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    مهرباني سائين جن جي اسان جا اڌ کان وڌيڪ وار
    اڇا آهن
     
  4. Heero Thakur

    Heero Thakur
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جون 2014
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    sain dadhi suthi maloomat mokli aahey,, munhjo pehnjo maslo bhee aahy
     
  5. غفوررند

    غفوررند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اد
    ادا ڳالھ پڪي آ يا اڳيون سوجھرو چٽ
     
  6. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين
     
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    هفتي ۾ ٻه دفعا اهو عمل ڪرڻ سان وار ڪارا ٿي ويندا ؟ يا ڪجھ مهينن جي عمل کانپوءِ ، ۽ ڇا هي عمل مجرب آهي؟
     
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُحترم عبدالغني لوهار صاحب! نه! هرگز نه! ڇو جو عمر ۽ وقت وڏو ظالم آهي، ڪيتري به خوراڪ کائجي، دُنيا جي وڏن ادارن مان علاج ڪرائجن پر ڪمزوري وقت گذرندڙ عمر ساري ايندي ئي آهي. بس هڪ شفا آهي قدرت جي شين ۾ ته ان جي تيزي جي عمل ۾ ٿورڙي رڪاوٽ آڻجي ٿي. خاص طور اُهي نوجوان جن جا وار وٽامن اِي جي گهٽتائي ڪري وقت کان پهرئين اڇا ٿي وڃن ٿا جيڪي وارن کي ڪيميڪل لڪُئڊ، پيسٽ يا پائوڊر سان ڊا ڪن ٿا ۽ ويتر اڇا ڪري ويهن ٿا هي نُسخو بُنيادي طور سندن وارن جي ٽريٽمينٽ لا ئي آهي. هن کي خضاب ڪرڻ جي مانند به نه سمجهيو وڃي ڇو جو خضاب هڻڻ شرعي ممانيت آهي ۽ ها خضاب کان علاوه پنهنجي وارن کي ڪنهن به رنگ ۾ رنگڻ حُڪم نبي صلي الله عليه وسلم آهي ۽ حديثن ۾ به آيل اهي. خضاب ان لا منع آهي ته عمر جو دوکو ڏي ٿو ۽ دوکو اسلام ۾ جائز ڪونهين جڏنهن ته ٻيا رنگ ظاهر ڪن ٿا ته وار رنگيل آهن ۽ عمر وڌندڙ آهي (والله اعلم بثواب)
     
  9. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا مون ڪڏهن به ڪنهن به قسم جو خضاب ، يا ڪيميڪل يا هيئر ڪلر استعمال ڪونه ڪيو آهي ، صرف اوهانجي نسخي بابت تصديق پئي چاهيم ته هي اوهانجو مجرب آهي ؟ ۽ ڪيترو عرصو استعمال ڪرڻ کانپوءِ هي اثر ڪريٿو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو