ڍَولَي ڍَڪي آهيان، هُيَس اُگهاڙي آنءُ
رَکي پَنهنجَو نانءُ، ڪَڪَرُ ڪيانئيم ڪَاڪ جو.
سر مومل راڻو
ڍَولَي = ڍولڻ، پرين، محبوب، راڻو ۽ مرشد ڪامل، مولا پاڪ جي ذات
ڍَڪي آهيان = پنهنجي پردي پناه ۾ ڪيائين، عيب ڍڪيائين
اُگهاڙي = گنهگار، عيبدار، مومل ڪاڪ محل ۾ ٺڳي، جادو، حرفت ۽ چالاڪيءَ سان ماڻهن کي ڦريندي هئي. تاش جي پتن سان جوا جي راند ۾ هارائي ماڻهن جو الهه تلهه چٽ ڪندي هئي. پنهنجي حسن ۽ سونهن جي ڄار ۾ ڦاسائي ڪيترن ئي ماڻهن جون زندگيون تباه ۽ برباد ڪري چڪي هئي.
رَکي پنهنجو نانءُ = پاڻ سان منسوب ڪري، پاڻ ڏي ڇڪي، پنهنجي نالي ڪري، راڻي مومل سان شادي ڪري کيس پنهنجو ڪيو هو.
ڪَڪَرُ = ڪڪر جي معني' جُهڙ آهي پر هتي معني' ٿيندي ڇانوَ، ڇانورو، پاڇو، ٻاجهه، شفقت، رحمدل، انسان دوست.
ظاهري معنى :
* راڻي منهنجي عيبن تي پردو وجهي ڇڏيو نه ته آئون ته گنهگار هيس، عيبدار هيس.
* راڻي مون کي پنهنجي نالي ڪري، پنهنجو بڻائي، مون سان شادي ڪري سڄي ڪاڪ جي لاءِ ڇپر ڇانوَ ڪري ڇڏيو.
روحاني معنى :
انسان گنهگار ۽ عيبدار آهي سوين عيب آهن ماڻهونءَ ۾ پر جيڪڏهن مولا پاڪ جي ذات ڪامل مرشد ذريعي پنهنجي شفقت ۽ رحمت سان راضي ٿئي ته هڪ گندي ۽ عيبن سان ڀريل انسان کي نيڪ ۽ انسان دوست بڻائي ٿو ڇڏي. پوءِ ماڻهون ٻين لاءِ به ٻاجهه ڀريو رحمدل ۽ ڇپر ڇانوَ ٿيو پئي.
سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل