ڪراچي ايئرپورٽ آپريشن ڪنهن ڪيو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    وسعت الله خان
    24 ڪلاڪ پهريان ئي ڇو ته ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي زبردست خوني ڊرامو ٿي چُڪو هو، تنهن ڪري اُن جي اڳئين ئي ڏينهن (10 جون) تي ايئرپورٽ جي آس پاس فائرنگ ٿي ته اُن جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ پهريان ئي ڪڙي سان ڪڙي جوڙي وئي هئي.

    نانگ جو ڪکيل نوڙيءَ کان ڊڄي، تنهن ڪري قانون نافذ ڪرڻ وارا سڀئي ادارا حرڪت ۾ اچي ويا. ايئرپورٽ آپريشن معطل ٿي ويو. رستا بند ڪيا ويا. ايئرپورٽ جي پُٺيان آبادين کي گهيري ۾ وٺي تلاشي شروع ڪئي وئي (اهو ردعمل شايد قدرتي هو)، پر چينلن تي جهڙوڪ هڪ ڀيرو ٻيهر جشن لڳي ويو. شون شان، ڇڪ ڇڪ ڊم ڊم جي آوازن سان گڏ هر رنگ جي بريڪنگ نيوز هلڻ لڳي.

    ڪنهن به پوليس ٿاڻي تان واقعي جا تفصيل وٺڻ جي زحمت نه ڪئي يا سبب معلوم نه ڪيا. شايد خطرو اِهو هو ته جيڪڏهن ’کهودا پهاڙ اور نڪلا چوها‘ ته پوءِ ميڊيا جي رنگ ۾ ڀنگ نه پئجي وڃي.

    · ايئرپورٽ تي هڪ ٻيو حملو

    · ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس ۽ حملي آورن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ

    · حملي آورن جو تعداد چار آهي. هڪ پڪڙيو ويو، ٽن جي تلاش جاري آهي.

    · پنجن ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع

    · پنج ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي

    · قانون نافذ ڪرڻ وارن اهلڪارن نهايت ڦُڙتيءَ سان حالتن تي ڪنٽرول ڪري ورتو

    · صرف 24 ڪلاڪن ۾ ايئرپورٽ جي آس پاس اهڙو واقعو ٻيهر ٿيو؟ ٿورو سوچيو... وغيره وغيره.

    ڪهاڻي هيءَ آهي ته هڪ ڇوڪرو ڇوڪريءَ کي پُٺيان ويهاريو موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هو ته اچانڪ ڪنهن موٽر سائيڪل واري تي ٻه ٽي فائر ڪيا. ذاتي دشمني جي نتيجي ۾ اهو واقعو اتفاق سان اُنهيءَ جڳهه ٿيو، جتي ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس جي آفيس يا چوڪي يا جيڪي به چئو ويجهو هئي. پر اُن واردات کي آسمان تي کڻڻ وارو ڪو به خبر ڏيندڙ اُن واقعي کي زمين تي لاهڻ ۽ ريڪارڊ درست ڪرڻ جي لاءِ اڃا تائين تيار ناهي.

    بلڪل اهڙي نموني جيئن اُن معمولي واقعي کان 24 ڪلاڪ پهريان هڪ چينل جناح انٽرنيشنل جي غير معمولي واقعي ۾ باهه لڳل باهه ۽ دونهين ۾ گهيريل جهازن کي پهريان ڳڻيو ۽ پوءِ پنج جهاز تباهه ڪرائي ڇڏيا.

    هڪ اخبار وڌيڪ تيزي ڏيکاريندي ايترو پڻ ٻڌائي ڇڏيو ته اُنهن مان هڪ جهاز پي آءِ اي جو، هڪ ايئر بليو جو، هڪ شاهين جو ۽ ٻه روسي ڪارگو جهاز هئا. گهرو وزير چوڌري نثار علي خان وٽ پنهنجي بريڪنگ نيوز آهي، جنهن مطابق ٽي جهاز زخمي ٿيا، فوج ۽ رينجرز جا ذريعا صرف عمارت جي تباهي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.

    ها، جيڪڏهن ڪو ڳالهه ناهي ڪري رهيو ته سا اِها ته خطرناڪ هٿيارن سان ليس دهشتگرد حفاظتي حصار ٽوڙي رن وي تائين ڪيئن پهتا؟

    ڪو سوال نٿو اُٿاري ته موجوده حڪومت جنهن طمطراق سان سڀني ادارن کي اهڙي موقعي تي گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي تخليق ڪئي آهي، اُها پري پري تائين ڏسڻ ۾ نه آئي، ڪنهن اداري انهيءَ مامري کي مُنهن ڏيڻ ۾ پنهنجي پنهنجي طور ڪيترو ڪردار نڀايو، اِهو واضح ناهي. ۽ جيڪڏهن اها ڪارروائي سڀني ادارن جي گڏيل آهي ته پوءِ صرف هڪ ادارو ئي زنده باد ڇو؟ رينجرز، ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس ۽ پوليس زنده باد ڇو نه؟

    ڪير نٿو ٻُڌائي ته معمولي هٿيار هوندي ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس جي ميمبرن، خطرناڪ هٿيارن سان ليس پروفيشنل ۽ سرفروش حملي آورن کي صرف هڪ علائقي تائين محدود رکڻ جي لاءِ ڪهڙي قرباني ڏني؟ (مرڻ وارن ۾ 13 اي ايس ايف جا ميمبر ٻڌايا وڃن ٿا).

    آپريشن دوران ميڊيا چينل واضح نموني ورهائجي چُڪا هئا. ڪجهه مسلسل اها لائين وٺيو بيٺا هُئا ته آپريشن جي ڪمانڊ ڊي جي رينجرز ڪري رهيو آهي، ڪجهه ٻڌائي رهيا هُئا ته ڪور ڪمانڊر قيادت ڪري رهي آهي. 81 ساله صوبائي وزيراعليٰ قائم علي شاهه به ايئرپورٽ تي ئي هو پر اهو واضح ناهي ته ڇو هو (ڇا اُهو به ڪمان ڪري رهيو هو؟)

    اها به خبر نٿي پوي ته ڇا ڏهن دهشتگردن مان ڪنهن هڪ کي به انهيءَ نيت زندهه گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پُڇا ڳاڇا ذريعي منصوبي، نيٽ ورڪ ۽ اندر جي مددگارن تائين پهچي سگهجي؟ جيڪڏهن ائين نٿي ٿي سگهيو ته پوءِ ڪيئن خبر پئي ته دهشتگردن ڪو جهاز هاءِ جيڪ ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ سڀني جهازن ۽ انفراسٽرڪچر کي برباد ڪرڻ جي مشن تي هئا؟ وغيره وغيره.

    البته گهڻي ڀاڱي ٽي وي ناظرين کي لڳي رهيو هو ته جيئن آپريشن جي ڪمان چينلن جي ڪيميرامين ڪري رهيا آهن ۽ دهشتگردن جي ڪمان به انهن جي هٿ ۾ آهي. ٽن چينلن جي رپورٽرن کي فائر جي انداز ۽ آواز مان ئي خبر پئجي وئي هئي ته دهشتگرد ڀارتي هٿيارن سان ليس آهن. ڊي جي رينجرز به شروع ۾ اِهوئي چيو، پر پوءِ پنهنجو بيان واپس ورتو، پر چينل پنهنجي زبان تي آخري گهڙي تائين قائم رهيا.

    ميڊيا جي ان پيشي وراڻي خدمتن جو اعتراف فوج جي شعبه تعلقات عامه جي سربراهه ميجر جنرل عاصم باجوه آپريشن واري رات سوا هڪ بجي پنهنجي هڪ ٽوئٽر تي ڪري ڇڏيو، ”ايئرپورٽ جي اندر براه راست ڪوريج بند ٿيڻ گهرجي. اُن سان نه صرف آپريشن ۾ رڪاوٽ ٿي رهي آهي، پر متاثر علائقي ۽ فوجين جي چرپر واري فوٽيج سان دهشتگردن جي مدد ٿي رهي آهي.“

    چڱو آهي ته اڃا تائين حڪومت مُلڪ جي سڀ کان وڏي ايئرپورٽ جي اهڙي نموني پائماليءَ جا سبب ۽ ذميداري جي تعين جي تحقيقات جي لاءِ ڪنهن حاضر يا رٽائرڊ جج کي نامزد ناهي ڪيو، اُن سان وقت ۽ اسٽيشنري جي خاصي بچت ٿيندي. پهريان ئي ويهارو ڪميشنن جي ويهه سفارشن کي اُڏوهي کائي رهي آهي.

    هونئن به دهشتگرد دماغ جي ورزش ۾ رياست کان ٻه قدم اڳيان ئي ڏٺا ويا آهن. ڪميشن ڪهڙي ڪهڙي واردات پُٺيان ڊوڙندي رهندي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 جون 2014
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    ڏاڍو بهترين ڪالم لکيل آ.
     
  3. عاشق علي سومرو

    عاشق علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 مئي 2014
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    ڪراچي
    اها هڪ سياستي گيم آهي، اسان پاڪستان جي عوام کي اسان جا پنهنجا سياسي اڳواڻ بيوقوف بڻائي رهيا آهن، ٻه مختلف طالبانن جا گروپ ان ڳالهه کي مڃي رهيا آهن ته اسان اهو حملو ڪيو آهي، اهي ڳالهه اسان کي بلڪل سمجهه ۾ نه اچي رهي آهي، ٻي ڳالهه ته ايترو هٿيار ايئرپورٽ ۾ پهتو ڪيئن، ؟؟؟ سوال ته ڪافي آهن، پر اسان جي عسڪري قيادتون بلڪل ننڍ ۾ پيل آهن. ڇا اسان جي ملڪ جي سيڪورٽي ۽ انٽيلجنس سسٽم ايترو سست آهي جو اسان کي ڪنهن قسم جي ڪا خبر ئي نٿي پوي. اهي ڳاله واضع آهي ادا، اسان سڀ سمجهون ٿا، اهو حڪومتي ڊرامو عوام کي بيوقوف بڻائڻ جو رٿيو ويو آهي. ان مان ڪافي نقصان به ٿي رهيا آهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ترجمو وڻيو. اهو ڪم سُٺن سانڍڻ جهڙن ليکن کي گڏ ڪرڻ لاءِ محنت طلب پر بهترين ڪم آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    سائين تمام بهترين.
    لڳي ائين ٿو جيو کي بند ڪري ٻيا چينل جيو جي مقابلي بيهڻ چاهين ٿا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو