پروفيسر ڊاڪٽر نور مصطفيٰ شيخ ٽوٽڪو : (خانداني پيشو) مڱڻ هار جو ٻار روئيندو به سُر ۾ ۽ پيراڻيون عادتون به ننڍپڻ ۾ ئي پختيون ٿينديون آهن (گوَيا ۽ پير خانداني). ججن جا پٽ وڪيل، وڪلين جا پٽ جج ۽ آفيسرن جا ٻار به آفيسر ٿين. فوج ۽ ريلوي ته آهن ئي موروثي. ڊاڪٽر جي زال به ڊاڪٽرياڻي ته ميڊيڪل سينٽر کلندو، پروفيسر جي زال به ٽيچر ته ٽيوشن سينٽر کلندو ۽ عالم جي زال حافظياڻي ته مدرسو پنهنجو. شاعرن جا پٽ شاعر ۽ اديبن جا پٽ اديب ڪي ورلي هوندا، حالانڪه انهن ۾ جيوڙا ته آهن پر ڪمائي خاص نه آهي (مشهوري گهڻي آهي). رياضي ۽ سائنس نه ته خانداني پيشو آهي ۽ نه وري گهوٽي پيئڻ سان ايندي. سياست به خانداني پيشو آهي، مثلاً ايوب خان جا پٽ ۽ پٽيلا، ضياءُ الحق جا پٽ ۽ پاليل، ذوالفقار ڀٽي جو خاندان ۽ ولي خان جو خاندان (کهڙا، سومرا، مخدوم، شريف خاندان، جمالي ۽ منگسي سردار، مهر، انڙ، ارباب ۽ شيرازي). جنرل مشرف جي پٽ جو نالو به نه ٿو ٻڌجي ۽ الطاف ڀائي جي سياست، نظرئي ۽ ملڪيت جو وارث ڪير ٿيندو؟ ٽوٽڪو2: (کُٽي کڻڻ) ڳوهه کي کٽي کڻي ته باگڙين جا گهر ڳولي. عالم کي کٽي کڻي ته جاهل سان بحث ڪري. پير کي کٽي کڻي ته اهل ٿي پئي (ڏن ڏيڻ وارا ته ٺهيو پر هٿ ملائڻ وارو به ڪونه). اديب کي کڻي کٽي ته فوجين، پيرن يا فرقن خلاف لکي. ڊڪٽيٽر کي کڻي کٽي ته کل (وردي) لاهي ڇڏي يا پير ٻڌي ڪوڙ ڳالهائي (ٻوٽيون به نه لڀنس). رياضيدان کي کڻي کٽي ته امتحان ۾ سوالن جو درجو ڦيرائي يا غير حل شده سوال پڇي (سخت پڇاڻو ٿيندس). ٽوٽڪو3: (مت کسجڻ) رب رسي ته مت کسي هڻي ڪونه هٿيار. ملازم جي مت کسجي ته باس سان بحث ڪري. ورڪر جي مت کسجي ته ليڊر سان بحث ڪري يا وصيت جي ڪاپي گهري. اديب جي مت کسجي ته ايڊيٽر جي راءِ سان اختلاف ڪري. پير جي مت کسجي ته مريدن کي چئي ته پنهنجي رب کي پڪاريو. رياضيدان جي مت کسجي ته شاگردن کي مقرر ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کان علاوه ٻين ڪتابن تان به سيکاري. پروفيسر جي مت کسجي ته ڀري محفل ۾ وائيس چانسلر کي سچ چئي ڏئي (پوءِ بيٺو نچي). ڊڪٽيٽر جي مت کسجي ته سردارن ۽ عالمن کي مڪا ڏيکاري. ٽوٽڪو4: (موت ويجهو) گدڙ جو موت ويجهو ته شهر جو رخ ڪري. سياست دان جو موت ويجهو ته بين الاقوامي چوڌرين ۽ اسٽئبلشمينٽ کي للڪاري. استاد جو موت ويجهو ته اسڪول کي اوطاقن ۾ تبديل ڪندڙ خلاف ڳالهائي. اديب جو موت ويجهو ته طاقتور ڌرين تي ڇتي تنقيد ڪري. آمر جو موت ويجهو ته ڪرسيءَ کي مضبوط سمجهي ججن کي نظربند ڪري، سردارن ۽ عالمن کي مارائي يا اليڪشن ۾ بي انتها ڌانڌليون ڪري. پروفيسر جو موت ويجهو ته ليڊر کي ڪاپي ڪندي پڪڙي يا ان جي بدران ٻئي ويهندڙ کي هال مان ٻاهر ڪڍي. ٽوٽوڪو 5: (دانهن ڏيڻ) درياهه توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي. عالمن تي دانهن ڏبي ته ماڻهن کي فرقن ۾ ورهائين، طالبن کي دهشت گرد بنجڻ جي ترغيب ڏين ٿا. استاد تي دانهن ڏبي ته ٽيوشن سينٽر هلائي، ڪاپي ڪرائي ۽ سفارشون ڪرڻ ۾ پورا آهن. بجليءَ تي دانهن ڏبي ته سخت گرمي ۽ گهري ننڊ جي ٽائيم تي گم ٿي ويندي آهي. اديبن خلاف به گهٽ نه ڪبي، ڇوته اهي ڪالم نگار ۽ ائنڪر پرسن بنجي غدارن ۽ آمرن جي فائدي ۾ لکن ۽ ڳالهائن ٿا. ججن خلاف به دانهن ڏبي ته اهي حڪمرانن جي مرضيءَ مطابق فيصلا ڏين ٿا. رياضي دانن تي به پڪاربو ته اهي شاگردن ۾ سوچ ويچار ۽ شوق پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا. رياضيءَ جو استعمال ٻين مضمونن ۾ خواه هڪ کان وڌيڪ طريقا سيکاري نه سگهيا. حاڪمن خلاف به عوام جي درخواست تيار آهي ته انهن بي انتها ڪرپشن ڪئي. ميرٽ جو ته جنازو ڪڍي ڇڏين ۽ صوابداري اختيارن جو ناجائز فائدو ورتن. ٽوٽڪو 6: (پڪارڻ) نبي به پنهنجي امت خلاف پڪاريندا ته سندن ڏسيل واٽ کي ڇڏي ڏنائون. جعلي پيرن تي به پڪاربو ته پيٽ پالڻ لاءِ واپار يا نوڪري نه ٿا ڪن پر مريدن کي قصا ڪهاڻيون ٻڌائي گمراهه ٿا ڪن. سياست دانن خلاف به پڪاربو ته بئنڪن جا قرض معاف ڪرائڻ ۽ پنهنجن دادلن کي سڻڀين ڪرسين تي ويهارڻ لاءِ اسيمبلين کي استعمال ڪندا آهن ۽ اليڪشن وقت تمام گهڻا ڪوڙا وعدا ڪندا آهن. شاعرن تي به پڪاربو ته حاڪمن ۽ ظالمن جي شان ۾ قصيدا لکيائون. شاگردن خلاف ته استادن پاران باقاعده FIR تيار آهي ته علم بدران ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارتوس، داٻن ۽ رشوت تي ڀاڙي ويٺا آهن. ٽوٽڪو 7: (هڪ ٻئي خلاف پڪارڻ) هارين خلاف زميندار پڪاريندا ته فصل مان حصو پورو نه ٿا ڏين. زميندارن خلاف هاري پڪاريندا ته بيگر ۽ ڇيڙ کان علاوه قرض جي رقم ٻيڻي ڪري ڇڏن ۽ ووٽ ڏيڻ جي به آزادي نه آهي. صنعت ڪارن خلاف مزدور پڪاريندا ته ڪم تمام گهڻو ٿا ڪرائن پر مزدوري تمام گهٽ ٿا ڏين. پڪو به نه ٿا ڪن ته متان قانوني فائدا ڏيڻا پون. مزدورن خلاف صنعتڪار پڪاريندا ته روز نوان مطالبا ۽ هڙتالون. گئس ۽ بجلي گهٽ هئڻ ڪري پيداوار ۽ نفعو گهٽ، ته به چون پگهار وڌايو. آمرن خلاف سياستدان پڪاريندا ته اسان کي هڪ ٻئي خلاف بدگمان ڪري ڏهه ٻارهن سال (هر دفعي) حڪمراني جا مزا وٺندا رهيا. عوام جي ڀلائي جا ڪم ڪرڻ بدلي صرف پنهنجا ڀڀ ڀرين. (نوٽ) ڊاڪٽر، ميٽر ريڊر، رڪشا وارا، گئس خواه پوليس وارا به آخرت ۾ حساب ڏيڻ لاءِ تيار رهن. انجنيئر، ٺيڪيدار، خزانچي ۽ ايجنٽ به ڊڄن. mujtaba.shaikh@faculty.muet.edu.pk