ڪجهه ڦوٽوگرافي انجنيئرنگ......

'مختلف موضوع' فورم ۾ گورڌن ولاسائي طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2014۔

  1. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڦوٽو گرافي مون کي ڏاڍو وڻندي آهي.

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ٻين کي ته ڇا پاڻ کي به حيرت ٿيندي اٿم ته بظاهر صفا ويجها يار (آهيون به صفا ويجها) پر گورڌن ولاسائي سان اڄ تائين منهنجيون رُڳو ٻه مُلاقاتون آهن. سو به هڪ اتفاقي طور حيدرآباد ۾ هُنڊا پيليس لڳ هوٽل تي سج لٿي مهل جڏهن هڪ ٻي جو منهن به نظر نٿي آيو. بس چانهه جي ڪم تي هڪ سرد شام جا 15 منٽ هڪ ٻي کي ڏيئي اُٿياسين جو هو ٿڪل هو ۽ آئون تڪڙو هوس.
    ٻيو دفعو تازو تُرڪي جي گادي واري هنڌ انقره ۾ سڄو ڏينهن گهُمندي ڦِرندي گڏ گُذاريوسين. پر گُذريل چار سالن ۾ شايد ئي ڪو ڏينهن (هفتو ته قطعي نه) هوندو جو اسان جو فيس بُڪ يا فون تي رابطو نه ٿيو هُجي. تنهنڪري ئي چوندو آهيان ته سماجي رابطن جي ويب سائٽس اسان کي ڪمپيوٽر ۽ موبائل ۾ اکيون هڻڻ ۽ آسپاس کان بي خبر ضرور ڪيو آهي پر پيارن سان هر پل رابطي جو تُحفو به اهڙو ڏنو آهي جو املهه ٿو لڳي.
    گورڌن ۽ منهنجي ڳوٺ ۾ فاصلو ڪو 35 ڪلوميٽر مس آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ به ڪي وٿيون ناهن. پر پوءِ به اسان جي پهرين ملاقات فيس بُڪ تي ٿي. جڏهن هي منهنجي فرينڊ لسٽ ۾ به نه هو پر هن جو هڪ مائٽ مُڪيش منهنجو شاگرد رهي چُڪو هو جنهن جي وال تان هن جي ٿر جي فوٽو گرافي تي نظر پئي. اهو البم جنهن مون کي ايترو مُتاثر ڪيو جو رهي نه سگهيس ۽ فورن ساڻس رابطو ڪيم ۽ ڪا دير فوٽو ڇڏي انٽر کان پوءِ مُنجهي بيهه رهندڙ شاگردن جي مسئلن تي ڳالهائيندا رهيا هُئاسين. گورڌن جي فوٽو گرافي جو اُن ڏينهن کان شيدائي آهيان ۽ اڪثر اهو البم به ورائي ورائي پيو ڏسندو آهيان جنهن ۾ هُن ٿر جا فوٽو ڪڍيا هُئا. پوءِ سندس سنگاپور ۽ ملائيشيا ٽوئر جا فوٽو ۽ وري حيدرآباد جا فوٽو . . . . . .
    هاڻي انقره ۾ مُلاقات ٿي ته ڪُجهه گُر به سِکيم پر هڪ ڏينهن ۾ گورڌن سان ڪچهري، تاريخي مُلڪ جو گادي جو هنڌ گهُمڻ ۽ فوٽو گرافي سِکڻ . . . .ڪول ملائي ڪُجهه به نه ٿيو;)
    همراهه هاڻ شؤق کي جنون ۾ بدلجندو ڏسي وڏي ”فوڪس“ واري وڏي ڪئميرا ورتي آهي جنهن سان شاندار فوٽوگرافي جاري آهي.
    هن جو اڪ جي ماکي جو ڪڍيل فوٽو بابت به اڳ لکيو هُئم . . .
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 جون 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453

    فوڪس لفظ کي ايپاسٽرافي ڏئي، دل کٽي ورتي اٿئي........

    ڪيمرا کي اٿلائڻ پُٿلائڻ شروع ڪيو اٿم. واهه جا رنگ ٿي ڏي، نوان نوان......
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڳالهه صرف وڏي فوڪس واري ڪيمرا جي ناهي ..... پر ڪمال اهو آهي ته اوهان تصويرن کي وقتائتو پنهنجي ڪيمرا ۾ قيد ڪندي اهڙا ته سين ڪلڪ ڪيو جيڪي ٻين کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ۽ ڏسندڙ ان طرف متوجهه ٿئي ....... ۽ اهو فن ۽ هنر گورڌن وٽ آهي. سندس اهو شوق سندس فيسبوڪ تي شيئر ٿيندڙ تصويرن مان اڳ ئي لڳائي چڪو آهيان ۽ اتفاق اهو آهي ته منهنجي گورڌن سان اڃان تائين ڪا ملاقات به ناهي ....

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 جون 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    حفيظ جڏهن گورڌن جي ٿر بابت فوٽوگرافي جي ڳالهه ڪئي ته لنڪ تي ڪلڪ ڪندو روانو ٿيس... 404 ايرر ڏسي البم بٽڻ تي ڪلڪ درست لنڪ کولي ورتم پر ان کان اڳ ئي ٻين البمز تي به نظر پئي.. گورڌن جي البمز ۾ تصويرن جو جهجهو تعداد نظر آيو... ٿر جي فوٽوگرافي واقعي به متاثر ڪيو...
    هوئن ته فوٽو گرافي جو شوقين منهنجو دوست علي علي به خاصو آهي پر سندس فوٽوگرافي ۾ اهو فوٽو ڪنهن به ڪم جو ناهي جنهن ۾ هو پاڻ موجود ناهي.. پر مان وري ان جي ابتڙ سمجهان... جنهن فوٽو ۾ پاڻ آهي اهو ڪنهن ڪم جو ناهي... :)
    خير ڪڏهن ڪڏهن اهڙا فوٽو به نظر مان گذرندا آهن جن ۾ هڪ تصوير اندر خاص آبجيڪٽ کي اهڙي طرح فوڪس ڪيو ويندو آهي جو باقي تصوير ڌنڌلي نظر اچي... بلڪل عام انسان جي اک جي نظاري وانگر... ڇا اهو ڪيمرا جو ڪمال هوندو آهي يا فوٽوگرافر جو...؟
    ڪوشش ته پاڻ به چڱي ڪندا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ فوٽو ڪڍڻ وقت اسٽائيل به چائنيز ماڻهن وانگي هوندا آهن پر پنهنجا فوٽو ڪڏهن اهڙ نڪتا نه ئي وري ڏيکارڻ جهڙا ... ڇا بهتر فوٽو ڪڍڻ لاءِ بهتر ڪيمرا هجڻ سان گڏو گڏ فوٽو ڪڍڻ جو بهتر طريقو به هجڻ گهرجي...؟

    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ها يار، اهي ٻئي ڦوٽو مون کي پاڻ کي به ڏاڍا وڻندا آهن. پهريون ڦوٽو شام ويل ٿڪيل جسم ۽ سُتل دماغ جي نوابشاهه کان حيدرآباد سفر دوران ورتل آهي. ٻي تصوير مٺي جي سرد شام آهي......
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    مون کي گهر وارا چوندا آهن ته جن تصويرن ۾ آئون نه هوندو آهيان اهي تصويرون سُٺيون هونديون آهن، باقي جن ۾ آئون هوندو آهيان اها تصوير سُٺي نه هوندي آهي. اها تعريف به ٿي وئي ته تعدي به. اُن وقت جا جذبات ۽ احساسات ٻُڙي هوندا آهن......
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مٿي ڏنل تصويرون ڏِسي مون کي به شوق ٿيو ته تصويرون اوهان سان ونڊ ڪريان.
    هي تصويرون هڪ سال پراڻيون آهن ۽ پروفيشنل ڪئمرا بجا موبائل فون تي ورتل آهن.

    [​IMG]
    اسان جي ڳوٺ ڀرسان ڪڻڪ جو فصل

    [​IMG]
    گرلز اسڪول جي ٺهندڙ نئين عمارت جي ڀرسان برسينگ (گاهه جو قسم) سهڻو پيو لڳي

    [​IMG]
    ڳوٺ ڀرسان نم جا وڻ پهرين ته تمام گهڻا هئا پر هاڻي واپارين جي وَر چڙهي ويا آهن .

    [​IMG]
    ڪمند جو تازو پوکيل فصل جنهن ۾ هٿرادو ڀاڻ ڇٽيل آهي.

    [​IMG]
    ڳوٺ جي ڀرسان خوبصورت منظر

    [​IMG]
    اسان جي پاڙي واري مسجد جيڪا هاڻ مڪمل تعمير ٿي چڪي آهي.

    [​IMG]
    جنوري 2013 ۾ ڪڻڪ جي فصل ۾

    [​IMG]
    ڳوٺ ڀرسان انبن جي باغ جو هڪ دلڪش منظر

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]
    ڳوٺ ڀرسان

    [​IMG]
    هڪ خوبصورت تصوير . (ڳوٺ جي پريان نظر ايندڙ دونهون ، ڪمند جي پَٽي ساڙڻ کان پو ٿيو)

    [​IMG]
    نج ٻهراڙي ۾ اسان جو ڳوٺ

    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    برسينگ ۽ سرنهن جو فصل

    [​IMG]

    [​IMG]
    ٽنڊوآدم . جهول روڊ تي هڪ خوبصورت منظر

    [​IMG]
    ٽنڊوآدم ويجهو فقير منٺار رح جي مدرسي جو پري کان ورتل ڦوٽو.

    [​IMG]
    اسان جي ڳوٺ ۾ منهنجي گهر جي مين گيٽ وٽان ورتل هڪ خوبصورت منظر

    [​IMG]
    ٽنڊو آدم جهول روڊ تي هڪ ”باغ واري مسجد“ جو ورتل ڦوٽو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 جون 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    واهه وااهه. سنڌ جو ٽئيلينٽ.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    توهان جو هي جملو مون کي هاڻي سوال طور نظر آيو آهي!

    خير ڪڏهن ڪڏهن اهڙا فوٽو به نظر مان گذرندا آهن جن ۾ هڪ تصوير اندر خاص آبجيڪٽ کي اهڙي طرح فوڪس ڪيو ويندو آهي جو باقي تصوير ڌنڌلي نظر اچي... بلڪل عام انسان جي اک جي نظاري وانگر... ڇا اهو ڪيمرا جو ڪمال هوندو آهي يا فوٽوگرافر جو...؟

    جواب اهو آهي ته ڪيمرا ۽ ڦوٽو ڇِڪيندڙ ٻنهي جو گڏيل ڪمال هوندو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453

    واه سائين واه. تمام بهترين. ساوڪ تمام ڀلي لڳي رهي آهي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. زاھد مگسي

    زاھد مگسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    65
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    ڪمپوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا گورڌن ، ادا حفيظ سچ پيو چوي........... تصويرون ڏسي دل ڏاڍي خوش ٿي جيڪي فلڪرتي اپلوڊ ٿيل آھن اھي به......... واه واه ادا.........
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ذيشان رشيد جو سوال اهم هُيو جنهن جو مُطمئن ڪندڙ جواب گورڌن ولاسائي طرفان آيو.
    آئون انقره ويس ته گورڌن کان فوٽو گرافي جي هڪ ئي ٽِپ سکيم. هن ٻُڌايو ته ڪئميرا ۾هلڪو زوم آڻيو. ان سان اوهان جي پسند جو آبجيڪٽ وڌيڪ چِٽو ٿيندو. جيڪو اڪثر ماڻهو جي مُنڍي ئي هُجي ٿو. پر جي نظارو به کپي ته پوءِ ايئن ئي ڪڍي سگهو ٿا. اهو ترابزون جي جبلن جي سير دؤران فائقه جا فوٽو ڪڍندي تجربو ڪيم. هڪ ئي هنڌ جا ٻه فوٽو ڏسو.

    [​IMG]

    [​IMG]
    هي تصويرون ڪڍندي مون ڪي به اهڙا اسٽائل نه هنيا جيڪي مٿي رشيد پنهنجي جواب ۾ ڏيکاريا آهن. بلڪ هڪ انچ به نه چُريس بس رُھو هڪ ۾ زوم ۽ ٻي ۾ بنا زوم جي. اها ئي شئي مون کي مريد روجهاڻي جي فوٽوز ۾ به نظر ايندي آهي جنهن جا فوٽو ڪافي سُٺا لڳن ٿا.
    هڪ ٻيو فوٽوگرافر مليو جيڪو آمريڪا جو آهي. ان ٻُڌايو ته اوهان فوٽو ڇڪڻ مهل اسڪرين کي چار حصن ۾ ورهايو. ماڻهو کي کاٻي يا ساڄي پاسي کان ٻي نمبر ۾ رکو. اها به سُٺي ٽِپ هُئي.​
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پر اسان واري ڪيمرائن ۾ خانا ته ٺهن ئي ڪونه ٿا ....

    تصورن ڪڍرائڻ مهل مرتضى ڏاڍو ياد ايندو آهي .... چوندو آهي ته يار تصوير ڪڍي وٺو اسان ساهه ئي ڪونه پيا کڻون ته متان تصوير خراب ٿي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڦوٽو ڇڪڻ سان ساهه کڻڻ جو ڪو تعلق ڪونهي ڪو. بلڪي عام رواجي منظر دوران ڇڪيل ڦوٽو وڌيڪ سهڻا لڳن ٿا. مون کي چُرندڙ پرندڙ ماڻهن جا ڦوٽو وڌيڪ سُٺا پيا لڳن.....
    عبدالحفيظ لغاري چار خانن واري ڳالهه ڪم واري آهي. منهنجي ڦوٽن ۾ ڏسندين ته ماڻهو هميشه سائيڊ ۾ ئي هوندو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڦوٽو هميشه آبجيڪٽ جي بلڪل برابر اونچائي سان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪجي. فائقه جي ٻئين ڦوٽو ۾ حفيظ کي ٿورو هيٺ جهُڪي ڦوٽو ڇڪڻ کپي ها......
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مٺا ... ٽوٽڪو مليو .. معنا بهتر ڦوٽو گرافر ٿيڻ لاءِ مون واري ڏنل تصوير تحت ڊائمو ڏيڻو ئي پوندو... هوئن به توکي هن عمر ۾ شرمائڻ نه گهرجي... مان قيوم کي پارت ڪندس ته ڦوٽو ڪڍندي تنهنجو ڦوٽو بلڪل نه ڪڍي... :)
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    وڏا خدا جب حُسن ديتا هي نزاڪت آ هي جاتي هي. . . . . .

    گورڌن ولاسائي صحيح ٿو چوي. فوٽو ڪڍرائڻ مهل سيٽجي سُڪي بيهڻ کان ڀلو آهي ته بس ايئن ئي فوٽو ڪڍجن ته ڀلو. بخش مريد به اهو ئي چوندو آهي.
    ڪئيميرا ۾ خانا فعال ڪري سگهجن ٿا گرڊ جي آپشن سان. نه ته خيالي طور مٿان کان هيٺ اسڪرين کي چار ڪالم ۾ ورهايو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    عبدالحفيظ لغاري مون واري ڪيمرا جي اک ۾ 11 ٽٻڪا ٺهن ٿا، ڪتابچي ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن توهان جو سبجيڪٽ انهن 11 ٽٻڪن مان ڪنهن هڪ نظر اچڻ کپي. ڦوٽو پاڻهي ڀلو ٿيو وڃي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    [​IMG]

    .هن ڦوٽو ۾ مون اها ٽل استعمال ڪئي آهي​
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو