جيڏيون ! مُنهنجي جيءَ سان، راڻَي رڻُ ڪَيو
قَلَبُ ڪاڪ ڪنڌن ۾، پُرزا ٿي پَيو
ٻُجهان ٻَهَر ويو، هنئون هنڌ نه اڳيين.
سر مومل راڻو
جيڏيون = هڪجيڏيون، سرتيون
جيءَ = جان، جسم، بدن، دل
رڻُ = انڌيرُ، ظلم، برباد، غضبُ، قهرُ
قَلَبُ = دل هنئون
ڪنڌن = ڪنڌيون، ڪپر، ڪنارا
پرزا = ذرا ذرا
ٻُجهان = سمجهان ٿي، ڀانئيان ٿي
ٻَهَر = ٻاهر
هنئون = هنئڙو، دل
اڳيين = ساڳي، اها ئي
سمجهاڻي
*مومل ٿي چئي ته او سرتيون ! مون سان، منهنجي جان سان، منهنجي جسم سان، منهنجي دل سان راڻي وڏو ظلم ۽ قهر ڪيو آهي.
* منهنجي دل راڻي جي اوسيئڙي ۾ ڪاڪ نديءَ جي ڪپن تي ذرا ذرا ٿي ٽٽي پئي آهي.
* مان سمجهان ٿي ته منهنجي دل سيني کان ٻاهر نڪري وئي آهي شايد راڻي جي ڳولا ۾.
سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل