منصور سرور
سينيئر رڪن
1985۾ ضياءُ الحق جي حڪومت هئي ته مان پ پ جو سيڪريٽري هيس ۽ سياست ۾ تمام گهڻو سرگرم هيم، تڏهوڪي رٽرنگ آفيسر سيرت اصغر مون کي مشورو ڏنو هو ته تون غير جماعتي بنيادن تي ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺ جڏهن تون ڪامياب ٿيندين ته پ پ وارا توکي نه رڳو قبول ڪندا پر وڏن عهدن تي به رکندا سو ٻين پ پ جي ماڻهن تي به زور ڀر ته اهي چونڊن ۾ حصو وٺن، هو اهو مشورو پ پ کي ٽوڙڻ جي نيت سان ڏئي رهيو هو، پر اڄ وقت ثابت ڪيو آهي ته سندس مشورو صحيح هو.
مون ته غير جماعتي چونڊن ۾ حصو نه ورتو پر جن ورتو ۽ پ پ سان بي وفائي ڪئي سي اڄ پ پ جي فرنٽ لائين ۾ موجود آهن، ۽ وڏن وڏن عهدن تي ويٺل آهن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ٿي ويٺا آهن، مان به غير حمائتي چونڊن ۾ حصو وٺان ها، پ پ سان بي وفائي ڪيان ها ته اڄ ڪنهن وڏي عهدي تي هجان ها.
سو مان اعتراف ٿو ڪيان ته 1985ع ۾ غير جماعتي بنيادن تي ٿيل اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ منهنجي سياسي غلطي هُئي.