مير اعظم علي ٽالپر عشق به هڪ عجيب شيءِ آهي، جنهن سان جنهن جو عشق ٿئي، اهو پوءِ ختم ٿيڻ جو نه هوندو آهي. ڪنهن کي پنهنجي ڌرتيءَ سان عشق ته ڪنهن کي ليليٰ سان عشق، پر ٻنهي جو جذبو ساڳيو هوندو آهي. ورهاڱي کانپوءِ جيڪي هتان لڏي ويا، پر پنهنجي جنم ڀومي سان هنن جو اهو عشق وارو رشتو تاحال نه ٽُٽو آهي. هڪ سنڌي صحافي ديپڪ ڪوڏواڻي پنهنجي خاندان سميت سکر کان لڏي هند ويو ۽ مڌيه پرديش جي شهر انڊور ۾ سنڌي پريس کولي ۽ سنڌي اخبارون ڪڍيون. 70ع کان اڳ ۽ ڪجهه پوءِ طارق اشرف (سهڻي رسالي) وارن سندن اخبارون سنڌ ۾ هلايون ۽ ان کانپوءِ 1977ع ۾ هندستان ۾ انڌرا گانڌي جي ايمرجنسي لڳائڻ سان ديپڪ ڪوڏواڻي کي جيل ۾ نظربند ڪري ٻئي سنڌي اخبارون به بند ڪري ڇڏيون. ڇو ته ديپڪ ڪوڏواڻي جو تعلق جَنِ سنگهه پارٽي سان هو، جنهن جو ٻيو روپ راشٽري شيوڪ سنگهه آهي (آر ايس ايس). بهرحال ان دوران ديپڪ ڪوڏواڻي پنهنجي جنم ڀومي سنڌ گهمڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي پر ويزا نه ملي سگهي ۽ نيٺ هو لوڪ پڌاري ويو ۽ جيستائين هو زنده هو ۽ شڪنتلا فلمي اخبار شايع ٿيندي رهي، اها عبرت لاءِ موڪليندو هو ۽ هندستان جون فلمي خبرون ۽ فوٽو به عبرت جي فلم ايڊيشن لاءِ عنايت ڪندو هو، جن ۾ ساڌا جو انٽرويو 1972ع ۾ مڪمل طور فلم ايڊيشن (عبرت) ۾ شايع ڪيو هو. ان کانسواءِ مائي ڀڳونتي ناراڻي جو انٽرويو ممبئي مان پروفيسر رام پنجواڻي جي چوڻ تي عبرت لاءِ تصويرن سميت موڪليو هو. ان سلسلي ۾ سائين پروفيسر رام هڪ ناراضگي وارو خط راقم کي لکيو هو ته مون کيس خط جو جواب ڇو نه ڏنو، اها ٻي ڳالهه آهي ته اها ٽپال جي غلطي هئي. ڪجهه وقت اڳ ديپڪ ڪوڏواڻي جي فرزند ڪشور ڪوڏواڻي چيو ته بابا چوندو هو ته پنهنجو گهر سکر جي مٽڪن واري گهٽي ۾ هو. هاڻ اوهان سکر ۾ مٽڪن واري گهٽي ۽ ڪوڏواڻي فئملي جو معلوم ڪريو. اهو سڄو داستان ياد هو، پر سکر ۾ ڪنهن به ڪڏهن ڪجهه نه ٻڌايو، سو اتفاق سان هڪ ڏينهن گهوٽڪي جي وچ شهر ۾ اين ڊي وي وديالي (اسڪول) جي ميدان تي هيڊ ماستر سرفراز لغاري سان هڪ سابق هيڊ ماستر ديوان سِتوان جهونو ويٺو هو ۽ ڪچهري ڪندي سکر ۾ مٽڪن جي گهٽي جو معلوم ڪيم ته هن صاحب سکر ۾ مکيه منگهارام (ڦودني جي ٽڪي) جوهر ٽڪي واري سان ملڻ جو چيو، جن جو ڪارخانو لياقت چوڪ تي آهي. اڳ ان چوڪ جو نالو سَيرِد چوڪ هو، پر اتفاق سان منگهارام وارا ته نه ملي سگهيا، گهنٽا گهر جي مندر مان به ڪو پتو ڪو نه پيو ته آخر سکر ۾ ڪٿي مٽڪن واري گلي هئي. شايد اڳ عبرت واري سائين گيلاني کان پڇان ها ته خبر پئي ها، پر هاڻي به خالد ٻانڀڻ ۾ اميد آهي. بهرحال ان ئي سائين ڪشور ڪوڏواڻي چيو ته سنڌ ۾ سائين ظفر ڪاظمي جيڪي شاهه سائينءَ جي سَتَ سُورَمين جا پورٽريٽ ٺاهيا آهن، انهن جا فوٽو ۽ داستان هجن ته اصل عشق جو مقابلو انگريزي جي ويلنٽائن ڊي سان ڪجي. جڏهن ته سندس فرزند مهندر ڪوڏواڻي به هندستان جو هڪ وڏو چترڪار آهي. هن مذهبي عقيدي موجب اڏيري لال درگاهه نصرپور ۾ اڏيري لعل سائين جي اصل جاءِ جا فوٽو گهريا، جيڪي بعد ۾ گهوڙا ٻاري ۾ لعل سائين جي آخري جاءِ کان صحافي دوست فيض سنڌي موڪليا. اهڙو ئي ڌرتي سان عشق جو هڪ ٻيو نمونو هڪ ڏينهن اچانڪ فون تي آيو ته ”سائين آئون دليپ ٽيڪچنداڻي احمدآباد جي ڪُٻير نگر مان ڳالهايان پيو، دور درشن جي سنڌي پروگرام سرهاڻ ۾ ايڊيٽنگ ڪندو آهيان، اوهان جو نمبر آشا چاند کان مليو، عرض آهي ته ”آئون بابا غريب داس مندر غوثپور جو مريد آهيان. اوهان مهرباني ڪري مون کي ان مندر جا فوٽو ڪڍي ڏيو ته گلاب ڊاٽ ڪام تي لڳايان. ان وقت تائين 2010ع واري سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ نه آئي هئي. بهرحال شڪارپور کان جيڪب آباد نيٺ غوثپور پهچي فوٽو هٿ ڪيا ۽ موڪليا ۽ ان سائين گلاب ڊاٽ ڪام جي زينت بنائي ڇڏيا. ياد رهي ته دليپ ٽيڪچنداڻي احمدآباد ۾ سنڌي ٻولي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ سندس پاڙيسري ارجن ڀمڀاڻي (سنڌي فلمي دنيا) هڪ زبردست سنڌي ڪتاب لکيو آهي ۽ ان جهڙو ڪتاب سنڌ ۾ سائين ممتاز علي شيخ (ڪمپيئر انائونسر) لکيو آهي. ان جي هڪ ڪاپي جڏهن ارجن ڀمڀاڻي کي موڪلي وئي ته سندس گهرواري ان جي ديهانت جو ٻڌايو. بهرحال سنڌ مان ڪتاب ملڻ تي مهرباني چئي ۽ خوشي جو اظهار ڪيو ۽ هاڻ هڪ اهڙو ڪتاب محمود مغل به لکي رهيو آهي. تازو دهلي ۾ هڪ سنڌي پروگرام اسٽيج ڪيو ويو، جنهن جي حامد انصاري صدارت (نائب صدر هندستان) ڪئي ۽ ان ۾ سنڌ مان طفيل سنجراڻي ۽ تاج مستاني شريڪ ٿيا هئا. تاج مستاني سنڌي ليکڪ وينا شرينگي جي اسڪرپٽ (جيڪو شاهه سائين) تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هر ملڪ ۾ صدر ۽ وزيراعظم جو پي آر او پنهنجو ماڻهو هوندو آهي. هندستان ۾ نريندر مودي پنهنجي لاءِ ڪو نئون يا ڪنهن وڏي نالي واري ماڻهي کي پي آر او مقرر ڪرڻ بدران پنهنجو ساڳيو گجرات ۾ وزيراعليٰ وقت پي آر او رهندڙ شخص دهلي ۾ به مقرر ڪيو آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ گجرات ۾ نريندر مودي کان اڳ ڪُسٿيو ڀائي پٽيل جي سرڪار ۾ به هڪ ٽائيپ رائيٽر ڪنڊ ۾ رکيو ويٺو هوندو هو. اها سنڌي ٻولي وارن جي خوش قسمتي آهي، جو هندستان جي وزيراعظم جو پي آر او هڪ سنڌي جڳديش ٺڪر آهي، جيڪو بنهه گهٽ ڳالهائڻ وارو آهي ۽ وزيراعظم جو ترجمان به آهي، جڏهن ته آڪاشواڻي ۽ آل انڊيا ريڊيو تان سنڌي خبرون پڙهندڙ سابق نيوز ڪاسٽر هيرو ٺڪر سندس عزيز (مائٽ) آهي. تازو آخر ۾ ڪانگريس سرڪار ويندي ويندي سنڌي زبان جي پڙهائي، ڪورس ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ يونيورسٽي ڪميشن پاران آديپور جي ڪاليج لاءِ اربين رپيا امداد ڏئي وئي آهي. پر ڏسجي ته هي نئين حڪومت ڇا ٿي ڪري؟ جنهن ۾ هڪ نالي وارو سنڌي ليڊر ايل ڪي آڏواڻي به شامل آهي، جيڪو اڳ واري اٽل بهاري باجپائي جي حڪومت ۾ گهرو وزير هو. ان زماني ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي ممبئي مان سنڌي اخبار (سنڌ سجاڳ) ڪڍندو هو ۽ ان ۾ منهنجو هڪ مضمون سنڌي چئنل شايع ٿيو هو. اها اخبار ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي وٽ هئي. اتفاق سان پوسٽ جي مهرباني سان مون تائين نه پهتي، پر هاڻي واري بي جي پي سرڪار جو وزير اطلاعات پرڪاش حاوڙي ڪر دور درشن تان سنڌي زبان جو چئنل شروع ڪندو يا نه؟ تازو هن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته ڀارت جي سرحد تائين آڪاشواڻي ۽ دور درشن جو آواز اچڻ ۽ پهچڻ کپي. جنهن لاءِ نوان بوسٽر لڳايا ويندا.