ڊاڪٽري پيشو ۽ سچائي!!!

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ محمد علي بوزدار طرفان آندل موضوعَ ‏14 جون 2014۔

  1. محمد علي بوزدار

    محمد علي بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جون 2012
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    Khipro
    ڊاڪٽري پيشو ۽ سچائي!!!

    محمد علي بوزدار

    [​IMG]
    الله تعاليٰ انسان کي سموري مخلوق ۾ اشرف المخلوق ڪري بڻايو آهي، انسان کي مختلف طبقن، فقرن ۾ ورهايو ويو آهي. هر ڪنهن جي زميواري نڀائڻ لاءِ معاشري ۾ مختلف پيشا ٺاهيا ويا آهن. ڪو ڊاڪٽر آهي ، ڪو انجنيئر آهي، ڪو رازو [​IMG] آهي ڪو مستري آهي، ڪو مزدور آهي، ڪو دڪاندار آهي، ڪو صحافي آهي، وغيره وغيره مطلب ته هر پيشي سان وابسته ماڻهو جي زميواري هوندي آهي. جيڪو ماڻهو پنهنجي پيشي سان سچو ٿي هلندو آهي اهو هن دنيا ۾ به ڪامياب اڳئين جهان ۾ سرخرو ٿيندو. معاشري ۾ سمورن پيشن جي نظرثاني ڪرڻ ۽ ان جي نگراني ڪرڻ لاءِ ملڪ قانوني تحت اداره ٺهيل آهن. جيڪي انهن کي ڏسن ٿا. پر اسان جي ملڪ ۾ اداره ته ٺاهيا ويا آهن مگر انهن کي هلڻ نٿو ڏنو وڃي، اسان جي معاشري ۾ قانوني جي بالادستي نه هجڻ ڪري پنهنجا نوازي، سياسي مفادن خاطر مقرر ٿيل ادارن جي ماڻهو پنهنجي حقيقي مالڪ کي وساري دنياوي مالڪ جي چوڻ تي لبيڪ چوندا آهن. جنهن جي ڪري اسان جا ادارا مڪمل طور نان فنڪشنل ٿي ويا آهن. اڄ هڪ خاص اشو تي لکڻ جو دل چئي رهيو آهي جيڪو انساني زندگي جو اهم اشو آهي، ”ڊاڪٽري پيشو ۽ صحت کاتو“!!. ڊاڪٽري جي سيٽ وٺڻ لاءِ شاگردن ۽ ان مائٽ جيڪي جتن ڪندا آهن اهو هر ڪو ڄاڻي ٿو، اهي شاگرد جڏهن ڊاڪٽر ٿيندا آهن ته شايد معاشري مان پلاند وٺن ٿا يا ٻين ڊاڪٽرن کي ڏسي اهي به ڪرپشن جي ور چڙهي ويندا آهن. سو سيڪڙو جيڪڏهن نه چئجي 90 سيڪڙو شاگردن کي سرندي وارا مائٽ مئٽرڪ ۾ مڪمل ڪاپي ڪرائي اي ون گريڊ وٺڻ جا جتن ڪندا رهن ٿا جيڪڏهن اي ون گريڊ وٺڻ ۾ نااميد ٿي ويندا آهن ته وري متعلقه بورڊ سان رابطو ڪيو ويندو آهي ته اتي ويٺل اسان جي معاشري جي زميوار ماڻهو ڏوڪڙن عيوض مارڪون وڌائي ڪنهن غريب شاگرد جي حق تي ڌاڙو وجهي انهن کي اي ون گريڊ ڏيندا آهن. ساڳي ريت وري انٽرميڊيٽ پري ميڊيڪل ۾ ساڳيو چرخو هلايو ويندو آهي. نيٺ سرندي وارن جا پٽ سٺين مارڪن سان پاس ٿي ميڊيڪل جي سيٽ لاءِ فارم ڀريندا آهن. ان وقت وري هوشياري ، ڏاهپ سان گڏ سياسي سفارش سميت پئسا خرچ ڪرڻ به ضروري هوندا آهن. جيڪڏهن ڪوٽا ۾ سيٽ نڪري وڃي ته بهتر نه ته وري سيلف فناس تي سيٽ وٺن جي ڪوشش ڪندا آهن. اهي شاگرد جڏهن ته ڊاڪٽري جي ڊگري وٺڻ لاءِ يونيورسٽي ۾ ويندا آهن ته ان جو خرچ وڏو ٿي ويندو آهي. جڏهن اهڙي ماڻهو پاس ٿي ڊاڪٽر ٿي ايندا آهن ته جيڪي جٺون اهي الله جي خلقيل مخلوق سان ڪندا آهن اهو هڪ ته الله ڄاڻي ٿو ٻيو اهي ڊاڪٽر ڄاڻين ٿا جيڪي اهڙا ڪڌا ڪم ڪندا آهن. اڄ اسان جي معاشري ۾ هڪ ڊاڪٽرن جو ڪردار اهم آهي انساني جانين کي بچائڻ سميت انسان جي مرض کي شفا ڏيڻ ۽ انسان جي بنا ڪنهن تفريق جي خدمت ڪرڻ انهن جي فرض ۾ شامل هوندو آهي. اسان جي معاشري ۾ 90 سيڪڙو ڊاڪٽر جن ۾ اسپيشلٽ ڊاڪٽر پڻ شامل آهن جيڪي لوڪل دوائن جي ڪمپنين جي رحم ڪرم تي هلن ٿا. اهڙن ڊاڪٽرن کي ڪمپنين پاران مڪمل سهوليتون ڏنيون وينديون آهن. جن ۾ هر دوا تي 100 کان 200 سيڪڙو تائين ڪميشن، اسپتالن جي تمام يوٽيليٽي بل ادا ڪرڻ، گهر ۾ ٻارن لاءِ نون ڪمپيوٽرن جي گفٽ، ايئر ڪنڊينشن، ٻاهر گهمڻ لاءِ فري ٽوئر سميت ٻيون سهولتون ادا ڪيون وينديون آهن. اهڙن ڪمپنيون جي دوائون جن جي قيمت فرض ڪريو ته 50 روپيا اوپين مارڪيٽ ۾ هوندي آهي انهن اسڪيمن جي ڪري انهن دوائن جي قيمت 200 رکي ويندي آهي جنهن جو گهڻو فائدو ڊاڪٽرن کي ٿيندو آهي، مريض کي نه فائدو ٿيندو نه وري نقصان، جهڙو ڪو جوس جو ڍڪ ڀريو مريض. ائين اسان جي معاشري ۾ ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي عزيز، مائٽ ، ٻارن کي علاج لاءِ ڪنهن پرائيوٽ اسپتالون ۾ کڻي ويندا آهيون ته اتي موجود 90 سيڪڙو ڊاڪٽر قاسائي هوندا آهن، معصوم ٻارن جي زندگي ۽ ان جي علاج جو نه سوچيندا آهن ڳريون فيون وٺن باوجود مريض کي هڪ ئي مرض جو 10 کان مٿي اهڙيون لوڪل ڪمپنين جو دوائون لکي ڏيندا جن جي قيمت مٿي ذڪر ڪيل 50 جي جاءِ 200 روپيه رکيل هوندي آهي. اهڙي ريت سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي، ميڊيڪل اسٽورن جي نگراني ڪرڻ لاءِ حڪومت هڪ ادارو پڻ ٺاهيو جنهن جا ڊرگ انسپيڪٽر هر ضلعي ۾ مقرر ڪيل آهن. جيڪي پڻ هر اسٽورن کان ماهوار مٺائي (رشوت) وٺن ٿا. اهي آفيسر ڪهڙيون ڪارروايون ڪندا انهن اسٽورن وارن خلاف. تنهنڪري غريب ، لاچار، مسڪين، ناسمجهه ماڻهن کي ڦرڻ جو سلسلو جاري آهي. خاص ڪري ذڪر ڪنداسين کپرو شهر جو جتي مون پنهنجي زندگي گذاري آهي کپرو ۾ 50 کان مٿي پرائيوٽ اسپتالون آهن جيڪي انساني خدمت ڪرڻ جي بجاءِ مسڪين کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن. هر ايندڙ مريض کي دوا سان گڏ، انجيڪشن، ڊرپ لڳائڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي، سمورن ڊاڪٽرن پنهنجا پنهنجا ميڊيڪل اسٽور ۽ ليبارٽريون کولرايو آهن جتي لوڪل ڪمپنين جي ايندڙ ايجنٽن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ بعد اهڙيون ڪميشن واريون دوائون رکيون وينديون آهن. جن کي هر مريض کي ٻين دوان سان گڏ لازمي ڏنيون وينديون آهين جيڪي بي اثر هونديون آهن. رڳو ٻاهر جي پرنٽنگ هوندي آهي. اهو سمجهو ته اٽي جو پوڊر جي برابر دوا وڌي ويندي آهي. هڪ دفعو جو ذڪر آهي ته ميرپورخاص جي هڪ دوست فون ڪري چيو ته منهنجو مائٽ دوائن جي ڪمپنين ۾ ڪم ڪري ٿو کپرو جو هڪ مشهور ڪو ڊاڪٽر پئسا کائي ويو آهي ونهوار وٺي ڏيو، تنهن تي مون چيو ته موڪليس ڊاڪٽر سان ڳالهايون ٿا. همراه جڏهن مون وٽ آيو ته معلوم ٿيو ته ڏيڍ لک روپين جي دوا وڪڻن تي ڪمپني ڊاڪٽر کي 70 هزار ڪميشن ايڊوانس ۾ ڏني هئي دوا سندس ئي اسٽور تي رکي ويئي هئي دوا وڪڻن جو مدو 2 مهينا مقرر ڪيو ويو هو. جڏهن ته دوا ٻن مهيني ۾ هڪ لک جي وڪرو ٿي هئي تنهن تي ڊاڪٽر ۽ ڪمپني وچ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هڪ مهيني جو ٽائيم ڏنو وڃي ته باقي رهيل دوا به ڊاڪٽر هلايئندو. مون اهو سب ڪجهه ڏسي پريشان ٿي ويس ته هي ڇا ٿي رهيو آهي دوست جو اماڻيل دوا ڪمپني جي ايجنٽ ٻڌايو هو ته اسان جي ڪمپني جون دوائون کپرو سميت پوري سنڌ ۾ اهڙي ريت هلايون وينديون آهن. جنهن ۾ سنڌ جو ڊرگ کاتي جو انچارج تائين اسان حصو پتي ڏيندا آهيون. وڏي افسوس جي ڳالهه آهي دوستو !! اسان جي معاشري ۾ ڊاڪٽري پيشو ايترو ڪري ويندو مون اهو سوچيو به نه هو. رڳو ٻن نمبر دوائن لکڻ تي ڊاڪٽر جو سلسلو ختم نٿو ٿئي. وري هر ڊاڪٽر پنهنجي اسپتال سان گڏ هڪ پرائيوٽ ليبارٽري پڻ قائم ڪندا آهن جن ۾ سکيا ورتل شاگردن پيٿالوجسٽ جي جاءِ ڪم ڪندا آهن. جيڪي غير قانوني آهن. جنهن کي بند ڪرائڻ پڻ ڊرگ کاتي وارن عمل ۾ اچي ٿو ، قانون موجب پيٿالاجسٽ کان سواءِ ڪنهن کي به ليبارٽري هلائڻ رت ڪڍن جو اختيار نه هوندو آهي. پر سائين ڇا ڪجي اسان جي معاشري ۾ ڪرپشن وڌڻ جي ڪري ڪوبه ادارو ڪارروائي نٿو ڪري رڳو پنهنجا کيسا گرم ڪر۾ رڌل نظر ٿو اچي. اسان جي شهر کپرو ۾ سميت پوري سنڌ ۾ اها ساڳي حالت برقرار آهي. دوائن جي ڪمپني اسان جي معاشري ۾ ڊاڪٽرن کي پنهنجي اصل پيشي تان هٽائي ڪاروباري بڻائي ڇڏيو آهي. الله سائين فرمائي ٿو يعني رشوت وٺندڙ ۽ رشوت ڏيندڙ ٻئي جهنمي آهن. مگر سائين انسان کي جيڪڏهن الله جو خوف هجي ته اهڙا ڪم نه ڪن ها.

    ڊاڪٽر پيشي ۾ جيڪي انسانيت هجڻ گهرجي اها هاڻي نه رهي آهي، ويم گهرن کان وٺي پرائيوٽ اسپتالن ۾ ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويو آهي، جتي مجبور ، غريب ماڻهن جي مجبورين کي نٿو ڏٺو وڃي جيڪڏهن ڪنهن ويم گهر ۾ بغير آپريشن جي ڊليوري ٿي سگهي ته اتي پئسا ڪمائڻ خاطر ڊاڪٽريانيون مائٽن کي خوف ڏيئي آپريشن تجويز ڏينديون آهن. جتي هزارين روپيا ورتا ٿا وڃن. منهنجي شهر کپرو سميت پوري سنڌ ۾ اهڙي پريڪٽس هلي رهي آهي، ڪيترن ئي سينٽرن تي ٻارن ڪيرائڻ لاءِ ڳريون فيسون مقرر ٿيل آهن جيڪي خدا جي خوف کان نٿيون ڊڄن ۽ اهڙيون ڪڌا ڪم ڪنديون رهن ٿيون. ڊاڪٽر هر مريض کي آخري ساهه تائين ڪمائي جو ذريعو بڻائيندا آهن.

    جيڪي ڊاڪٽر سٺو ڪم ڪن ٿا اهي شهورت جي بلندين تي پهچي ويندا آهن، وري اسان جي معاشري جي ڪريل طبقو انهن کي رشوت ، منٿلي وٺڻ لاءِ پرچيون ڏيندا آهن. نه ڏيندڙ ڊاڪٽرن کي اغوا ڪيو ويندو آهي، جنهن کان ڪڙوڙين روپيا ورتا ويندا آهن. حيدآباد سيمت پوري سنڌ ۾ اهڙا واقعا اسان جي سامهون اچي چڪا آهن جنهن ۾ هڪ مشهور ڊاڪٽر نيرو سرجن کي اغوا بعد قتل ڪيو هو، ۽ هڪ ٻارن جي ايماندار ۽ پيشي سان مخلص ڊاڪٽر کي اغوا ڪيو ويو بعد ۾ شايد پئسن عيوض ڇڏيو ويو. جيڪي ڊاڪٽر سٺو ڪم ڪن ٿا پنهنجي پيشي سان سچا آهن انهن کي وري اهڙن عتابن جو شڪار بڻايو ويندو آهي ته جيئن اهي ڊاڪٽر به اهڙن ڪڌا ڪم ڪري ڪميشنون مقرر ڪن.

    ذڪر ڪيون ٿا سرڪاري ڊاڪٽرن جو اتي ته به ساڳي ريت ڊاڪٽرن جيڪي لکن کان مٿي سرڪاري پگهارون وٺن ٿا مريضن کي ڏسڻ ته پري جي ڳالهه ڳالهائڻ به گوارا نٿا سمجهن. رڳو پنهنجو وقت پورو ڪرڻ بعد هليا ويندا آهن. غريب ، مسڪين، هاري، مزدور، فقير، اڻ پهنچ وارا ماڻهو جيڪي علاج لاءِ سرڪاري اسپتالن جو رخ ڪندا آهن ته اتي موجود 90 سيڪڙو ڊاڪٽر ٽارگيٽ ڪلر هوندا آهن. جيستائين مريض جي ڪو سفارش يا پارت نه ڪندو تيستائين مريض کي هٿ نه لڳائيندا آهن ڇا ڪاڻ تي ان کي سفارش ڪندڙ سياستدان، صحافي، سرندي وارن جو خوف هوندو آهي، پر الله سائين جو خوف نه هوندو آهي تنهنڪري اهي پنهنجون زميواريون نٿا نڀائين. هر سرڪاري اسپتالن ۾ ايندڙ سرڪاري بجيٽ ته ظاهر ئي نه ڪيو ويندو. آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن لاءِ ٻن ويلن جي ماني جو بجيٽ، بسترن کي ڌوئڻ جو بجيٽ، صفائي جو بجيٽ، دوائن جو بجيٽ، ريپئر مينٽيننس جو بجيٽ، آفيس بجيٽ، سميت ٻيو بجيٽ صرف ڪاغذي ڪارروائين تائين محدود ڇو هوندو آهي. آخر اسان جي ملڪ جا ادار ڇو نٿا فعال ٿين اهي ڇو نٿا عوام جي حقيقي خدمت ڪن. آخر ڪهڙا سبب آهن جو ڏينهون ڏينهن اسان جو معاشرو رشوت ۾ ڌڪجي پيو. جنهن ملڪ جا حڪمران رشوت ۾ ملوث هجن انهي ملڪ ۾ سرڪاري عملدارن کي ڀلا ڪير ڪرپشن کان روڪي سگهندو. روئڻ جو مقام آهي ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙن کاتن لاءِ قائم ڪيل ادارن ڇو نٿا حقيقي ڪم ڪن. ڊاڪٽر پيشو هڪ انساني خدمت جو پيشو آهي جيڪڏهن حقيقي نموني ڪيو وڃي ته هڪ سٺو ڊاڪٽر معاشري ۾ عزت جي لائق بڻجي ويندو آهي. اسان جي معاشري ۾ اهڙا ڪيتراءِ ئي ڊاڪٽر آهن جيڪي پنهنجي پيشي سان سچا آهن جن کي الله جو خوف آهي. جيڪڏهن سڀئي ڊاڪٽر اهڙي سوچ رکن ته اسان جو معاشرو سڌري پوي ۽ اسان جي معاشري ۾ غريب، مسڪين جي به داد رسي ٿي سگهي. آئون هن پنهنجي هن لکڻي ذريعي سمورن پيشورنه ڊاڪٽرن کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته خدارا ترس ڪيو غريبن تي، مسڪينن تي، لاچارن تي، بي وس ماڻهن تي لوڪل ڪمپنين جي چڪر ۽ پنهنجي ملڪيت ٺاهڻ جي چڪر کان منهن موڙي ڇڏيو. خدارا ڪجهه سمجهه ڪريو اسان جي معاشري ۾ اڳئي هر کاتو تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي صحت کاتي کي ۽ ڊاڪٽري پيشي کي بچايو ته جيئن انسانيت جي خدمت ٿي سگهي ۽ توهان ٻنهي جهانن ۾ سرخرو ٿي سگهون.

    e-mail: ma_rajak@yahoo.com
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    دنيا جو هر پيشو محترم ۽ عزت وارو آهي جڏهن انکي ايمانداري، لڳن ۽ پوري سچائي سان ڪيو وڃي.

    ڊاڪٽري پيشو هڪ پيغمبري پيشو آهي ڇو جو ڪنهن به انسان جي تڪليف کي دور ڪرڻ وارو انسانيت جي سڀ کان اعلى مقام تي فائز هجي ٿو.
    الله پاڪ اهو مسيحائي وارو پيغمبري رتبو صرف انهن انسانن کي ڏئي ٿو جيڪي دل جي پاڪائي سان، همدردي سان مختلف بيمارين جي اذيتن ۾ گهاريندڙ انهن انسانن جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ جو ذريعو بڻجن ٿا.

    ڊاڪٽرن سميت هر پيشي سان منسلڪ ماڻهو ڪرپشن تڏهن ڪندا آهن جڏهن اهي پنهنجيون معاشي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو وڃن. جڏهن سندن ڪيل محنتن جو اجر کين نه ملي سگهي.
    مهانگي تعليم، ڏينهن رات جي پڙهائي ڪرڻ کان پو به جيڪڏهن اهي ۽ سندن خاندان ايئن ئي غربت ۾ زندگي گُذارڻ تي مجبور هجن ته پو اُهي ڇا ڪن...!!؟؟

    ادا... توهان کي خبر آهي ته ڊاڪٽرن جي گورنمنٽ جي پگهار ڪيتري آهي..؟
    توهان کي ٻڌي شرم ايندو ته جيتري ڊاڪٽرن جي پگهار آهي ان کان وڌيڪ سندن نگراني هيٺ ڪم ڪندڙ سينيئر نرسنگ اسٽاف جون پگهارون هونديون آهن. اُهو ڊاڪٽر جيڪو ڏينهن هجي يا رات لاڳيتو ڊيوٽيون سرانجام ڏئي ايتري قدر جو گورنمنٽ هاليڊيز تي به هو ڊيوٽي تي موجود رهي ٿو ڇا ان جو ايترو به حق ناهي ته سندس گريڊ ۽ سندس پگهار گهٽ ۾ گهٽ ايتري هجي جيتري ٻين محڪمن ۾ موجود ساڳي گريڊ وارن جي آهي..؟ ڇا توهان يقين ڪندؤ ته اڄ تائين اسان وٽ ڊاڪٽرن جو ڪو سروس اسٽرڪچر ئي موجود نه آهي..!؟

    ٻي ڳالهه ته سڀ ڊاڪٽر گورنمنٽ جا ايمپلا نه هوندا آهن. انهن جي پي(General Practitioner) ڊاڪٽرن جا سُور ته وري ٻڌائڻ جهيڙا به ناهن. پو اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن اهي ايمانداري ۽ سچائي سان پنهنجون ڪلينڪس هلائن ته ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته اهي پنهنجي خاندان جي ڪفالت بخوبي پوري ڪري سگهندا..؟

    ڪو به انسان شوق ۾ ڪرپشن ناهي ڪندو ، شروعات هميشه مجبوري ڪرائيندي آهي پو انسان جو نفس انکي مزيد ان جو عادي بڻائي ڇڏي ٿو.جڏهن ڊاڪٽرن جي پيشي تي ڳالهائجي ته دل ڏک سان ڀرجي وڃي ٿي.

    اها هڪ حقيقت آهي ته اسان پنهنجي آس پاس اڪثريت انهن ڊاڪٽرن جي ڏسون ٿا جيڪي مريضن جي تڪليف کي محسوس نه ڪندا آهن، جيڪي مريضن جي پهچ، انهن جون مجبوريون ۽ سندن خاندان جا مسئلا نظر انداز ڪري صرف پنهنجي لالچ، پنهنجي مفاد کي اهميت ڏيندا آهن پر مان سمجهان ٿو ته ان جو اصل ڪارڻ اهو آهي ته اهي ڊاڪٽر پنهنجين مجبورين ۽ پنهنجين جائز ضرورتن جي پريشانين ۾ رهي مريضن جا ڏک سور محسوس ڪرڻ جي قابل ئي نه رهندا آهن.

    مان مڃان ٿو ته توهان جون ڳالهيون اڄ جي ڊاڪٽرن جي درست عڪاسي ڪندڙ آهن پر مان اهو به ضرور چوندس ته اڄ جي هن بدتر صورتحال جي ذميداري صرف ڊاڪٽرن تي ڏيڻ بدران اسان جي نظام، اسان جي حڪمرانن کي ڏيڻ گهرجي.

    اسان وٽ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪرپٽ هوندا آهن ڇو جو اهي جائز طريقي سان ئي پنهنجون سڀ ضرورتون پريون ڪرڻ جي قابل هوندا آهن ، پر محترم ڀا...ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن جا سيلري پيڪيج ايترا نه آهن جو اهي پنهنجي خاندان جي ڪفالت ايمانداري سان ڪري سگهن. مان انهن ڪرپٽ ڊاڪٽر جي حمايت نه ڪري رهيو آهيان پر توهان کي ۽ سڀني دوستن کي تصوير جو ٻيو رُخ به ڏيکاري رهيو آهيان. ڊاڪٽرن سان ڪيل انهن ناانصافين جو ئي نتيجو آهي جو اڄڪلهه سُٺن ڊاڪٽرن جي گهڻائي ٻاهرين ملڪن جو رُخ ڪري رهي آهي.. ڪو به خوشي سان پنهنجي ديس کي نه ڇڏيندو آهي. جڏهن ڊاڪٽر بڻجي به اُهي پنهنجي خاندان جون جائز گُهرجون ۽ اميدون پوريون ڪرڻ جي قابل نه بڻجي سگهن ته پو ٻڌايو ته اهي ڇا ڪن..؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد علي بوزدار

    محمد علي بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جون 2012
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    Khipro
    سلام ادا توهان جيڪا ڳالهه ڪري رهيا آهيو حقيقت آهي پر انسانيت به ڪا شي هوندي آهي جيڪڏهن ڊاڪٽرن انهن کي ڪمائي جو ذريعو بڻائڻ ٿا ته پو ڪوبه ڪاروبار ڪري سگهن ٿا انساني جانين سان نه کيڏين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو