• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ريڊيم ڌاتو،ڪئنسر جي علاج ۾ ڪم ايندڙ ڌاتو.

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
ريڊيم هڪ خطرناڪ تابڪار ڌاتو آهي.جنهن مان نڪرندڙ الفا ڪرڻا انساني اک سان به ڏسي سگهجن ٿا.هن اهم ڌاتو کي 1898ع ۾ مادام ميري ڪيوري دريافت ڪيو هو.
ميري ڪيوري ۽ سندس گهر وارو پيئر ڪيوري ٻئي سائنسدان هئا.
ريڊيم اهم ۽ ڪارائتو ڌاتو هوندي به هڪ خطرناڪ ڌاتو آهي.جيڪو انساني چمڙي کي ساڙي به سگهي ٿو.جڌهن ته اهو ڪئنسر جي علاج ۾ پڻ ڪم اچي ٿو.

ان سلسلي ۾ افسوس جي ڳاله اها به آهي ته، مادام ميري ڪيوري جو مڙس هڪ حادثي ۾ مري ويو.جنهن بعد مادام ميري اڪيلي سر ريڊيم تي تحقيق ۽ تجربا جاري رکيا..۽دنيا جي سامهون ان جا مختلف فائده پيش ڪيا.تنهن هوندي به پاڻ ڌاتو سان لاڳيتو ڪم ڪرڻ سبب ان جي اثرن جو شڪار ٿي بيمار ٿي فوت ٿي وئي.
مادام ڪيوري ان تحقيق تجربن ۽ سڀ کان وڏي ڳاله آهي ته سندس قرباني سبب اڄ انسان رڳو ين خطرناڪ ڌاتو وسيلي ڪئنسر جوبعلاج ڪراڻي رهيا آهن پر ان مان ٻيا به ڪيترائي فني ۽ سائنسي فائده حاصل ڪري رهيو آهي

ڪاوش مڊويڪ مئگزين جي ٿورن سان.
 
Back
Top