آزادي جي متوالي هيمون ڪالاڻي جي ورسيء تي کيس سلام!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    [​IMG]



    آزادي جي متوالي هيمون ڪالاڻي جي ورسيء تي کيس سلام

    هيمون (اصل نالو راهي هيمن) 11 مارچ 1924ع تي سکر جي شهر ۾ پسومل ڪالاڻي جي گهر ۾ ڄائو. گهر ڀاتي کيس پيار مان هيمون سڏيندا هئا. پاڻ تحريڪ آزادي جو سورهيه ۽ سچو سپاهي ٿي گذريو آهي. هن وطن جي آزاديءَ خاطر انگريز سرڪار سان مهاڏو اٽڪايو ۽ 19 ورهين جي ڄمار ۾ ڦاهي کي چمي ڏئي پنهنجو سر ڏنو ۽ پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو.
    هيمون ڪالاڻي، پرائمري تعليم لوڪمانيه تلڪ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر مان حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. جڏهن مئٽرڪ ۾ پهتو ته هن سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. اهو 1941ع وارو زمانو هو ۽ ماڻهن جي دلين ۾ انگريزن خلاف نفرت جا مچ پئي ٻريا. هيمونءَ پنهنجي ساٿين سان گڏ دادا ٿانورداس گدومل جي اڳواڻيءَ هيٺ برٽش حڪومت جي ظالم سماج خلاف بغاوت شروع ڪئي. 23 آڪٽوبر 1941ع تي هيمونءَ کي خبر پئي ته انگريز فوج سان ڀريل هڪ ريل گاڏي جنهن ۾ بارود پڻ رکيل آهي، سا روهڙي سکر کان ٿيندي ڪوئيٽا وڃڻ واري آهي، جنهن وسيلي سرحد ۽ بلوچستان جي نوجوانن کي ڪچليو ويندو. هيمونءَ پنهنجن ساٿين سان پروگرام ٺاهيو ته ريل جا پٽا اکيڙي ريل کي ڪيرايو وڃي. مقرر وقت تي جڏهن هيمون ۽ ان جا ساٿي اهو ڪم ڪري رهيا هئا ته هڪ پوليس واري جي مٿن نظر پئجي وئي. هيمونءَ جا ساٿي ته ڀڄي ويا پر هيمون جهلجي پيو. گرفتار ٿيڻ کانپوءِ 22 ڏينهن پوليس مٿس طرح طرح جا ظلم ۽ سختيون ڪيون پر هيمون ڪجهه نه ڪڇيو. آخر انگريزن ان ڏوهه ۾ مٿس ڪيس هلايو، جيڪو چوڏهن مهينا هلندو رهيو. انگريزن گهڻو ئي چاهيو ته هي فقط پڇتاءُ ڪري ۽ معافي وٺي ته ڇڏي ڏينس پر هن ائين ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو.

    سندس ڪيس سکر مارشل لا ڪورٽ ۾ هليو، جتان جنم ٽيپ جو فيصلو ڪري حيدرآباد جي فوجي ڪمانڊر آفيسر ڪرنل رچرڊسن ڏانهن موڪليو ويو، جنهن ان سزا کي موت جي سزا ۾ بدلائي ڇڏيو. سنڌ جي اعليٰ سماجي ۽ سياسي شخصيتن هن نوجوان جي جان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ هيمون کي منٿون ڪندا رهيا ته هو رحم جي اپيل تي صحيح ڪري، پر هن رحم جي اپيل ڪرڻ بدران عزت جي موت کي ترجيح ڏني. 21 جنوري 1943ع جي صبح جو اسر مهل کيس سکر جي اسپيشل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي.

    هيمون شيخ اياز جو همعصر چئي سگهجي ٿو. شيخ اياز هيمون جي جنم کان پورو هڪ سال اڳ مارچ 1923 تي شڪارپور ۾ ڄائو هو. ممبئي ۾ هجڻ دوران مون کي اها به خبر پئي ته هيمونءَ جي هڪ ڀيڻ جيڪا اڃا حيات آهي ممبئي ۾ ئي رهي ٿي.


    الطاف شيخ جي ڪتاب بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو