• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جتي جوڙ به جي ٿيان.....طالب المولى

سعيد سنڌي

سينيئر رڪن
جيڪر جتي هجان پنهنجي محب مجيب جي
ته پيرن ۾ پرين جي پيئي روز پوان
وک وک تي واھ جا، چميو قدم چمان
ٿانيڪي ٿيان، طالب مولى تنهن سان

هئي هئي منهنجو قسمتون جيڪر جتي ٿيان
پلپل پائن پير ۾، ته ڀاڪر وجهي بيهان
پوڙن سدا چاھ مان، بيحد بار کڻان
پيارا پير ته پري ٿيا، پر مٽي مر چمان
پيئئي پيراندي هجان، ته به سدائين سونهان
طالب مولى تهدليئوم، ڏيهاڙي ڏسان
پگهر پئي پيان، عمر ڏيان عجيب سان

جتي ٿيان جيڪر، پنهنجي محب مجيب جي
ته ڪري پيار پيرن سان، ڀريو وجهان ڀاڪر
پيئي هجانس پير ۾، سدا منجھ سفر
طالب مولى طلب جي، هي خاص آهي خبر
ته نڌر به ٿيان سڌر، جي لالڻ وٽ لتاڙجان

پنهنجي محب مجيبڙا، جيڪر جتي ڪن
ته پيرن کي نه پڄڻ ڏيان، خراشون خارن
قدمن کي قرب مان، ڏيان ڀريو ڀاڪر
مٽي هاڻا پير ٻئي، مون ۾ محب وجهن
ته به منهنجو منهن مٿي ٿئي، اچو الاهي اگهن
ممڪن آهي مورڳو،مونکي چميون ڏين
طالب مولى ايئن ٿئي، ته قسمتون کلن
ڀلي ڏيھ ڏسن، پنهنجي لالڻ وٽ لتاڙجان

جيڪر آئون ٿي پوان، جتي جاني يار
پير نه ڏيکاريان پرين جا، ڪوڙين ڏيان قرار
مٺن تي مٺن جي، ڪريان وارو وار
سيبايان سڀيئي پرئين، وڻان هر ڪنهن وار
چنبڙان اهڙي چاھ مان، جو ڪري نه پاڻان ڌار
ماڻي مون کي ئي فقط، نه ٻئي ڏي ڪري نهار
لاهي کڻي ڦٽو ڪري ته به سڌو ڪن سردار
طالب مولى ائين ٿئي ته، ڪرم وڏا ڪلتار
سهان پيو صدبار، لتون لالڻ يار جون

جتي جاني جي ٿيان، هي لاکيڻي ٿم لوڙ
طالب مولى طلب ۾، تهدل ڪئي توڙ
وڻي ٿي وجود کي، پيارل جي پتوڙ
ڪِٿ چلولن چوڙ، ڪٿي پائڻ پرين جو

وڪجي ته قيمت ڪانه ڪا ۽ هلڪي مٿي هٽ
پوري پرين جي پير ۾، ته جهڪن تاج منگهٽ
جتي جاني جي ٿيان، ته ڪي به نه منهنجا مٽ
مون تي مدامي هجي، سرن سندي سٽ
سوين صدقي ٿي وڃن، ڄام وڏا ۽ ڄٽ
طالب مولى وانگيان، ڪيئي ڀان ۽ ڀٽ
هو تخت لتاڙي تاب مان ڇاهي ڇپر کٽ
ڪٿ ڪلنگيون ڇٽ، ڪٿي پيزار پرين جا

بلڪل بازارن ۾، جتيون ڍيران ڍير
پئسن ساڻ پيو ملن، ۽ ٿئي ڪانه نبير
موچن وٽ نه مهانگيون، پڻ سستيون جڙن سوير
طالب مولى طلبون، هيئن ٿيون چون هير
ته جنهن ۾ جاني پير، آئون به جتي اها ٿيان

سوني جتي به پير ۾، آڻيو وجهن امير
لچ، لانبڙ، لوٺيا، ۽ پائن پير فقير
اهي جتيون اصل کان، حيثيت ۾ حقير
پائي پرين جا پير ۾، ته سائي بي نظير
طالب مولى هن لا، ٿا نڪرن اکيان نير
جڪي ڪا تدبير ته جتي جاني جي ٿيان

جتيون ته شاهن جون به ٿيون، موتن ۾ مڙهجن
ڪانهي ڳالھ سون جي، پر هو ٿيون لک لهن
البت ٿيندو ائين آھ، ته تخت تي به چڙهن
ته به پون اهي ئي پير ۾، نه مٿي تي رکجن
سي به ته ڪنهن جا تي، ٿيون لاهڻيون پون،
جي سر جهڪن ٿا تن کي، ته به دليون ڪين جهڪن
طالب مولى طلب مان، هي نڪتا نهارجن
ته تن کي مهت ملن، جي پون پرين جي پير ۾

جتي سندي جوڙ کي، ڪلنگيون ڪين پڄن
ات ڪيئين ڪلاهون اچيو، ٿيون جذباتئون جهڪن
جن کي اتان عار ٿئي، سي سر ئي ڪسيو وڃن
جيڪي اتي جهڪيا، تاج به ماڻيا تن
محبوب وڃي پڳا، مٿاهين مقامن
ڀانيئون ته جتي لاهيون، اهو اڃا خيال هئن
ته پين پڙلا ڪن تي، ۽ حڪم هي ملين
جانب جتي نه لاهجو، متان پير اگهاڙا ٿين
وڃي پهتا توڙ تي، سان پيارن پيزارن
طالب مولى ڪيئن چوان، ٿيا جتي نه جانبن
جتي ٿيان ته ٻيو ڇا کپي، کٽان ٻنهي جهانن
جو پهتي ساڻ پرين، جتي عرش عظيم تي

ڪٿي جانب جي جتي، ڪٿي آئون غريب
مون ۾ ته آهن مورڳو، وڏا عيب عجيب
آئون گدلو، ڪنڙو، ڪوجهڙو، هو نرمل پاڻ نجيب
وٽس ڪهڙي منهن وڃان، جو ٿيندس ڪيئن قريب
پر اٿم اهو ئي آسرو، ته لالڻ آهي لبيب
چڱو چڱايون ئي ڪندو، حاڪم سائين حبيب
طالب مولى آئون ڪٿي، ڪٿي محب مجيب
هو هميش حسيب، آئون جتي جوڙ به جي ٿيان

ڪيم انصاف امين ٿي، ڳڻ ئي پي ڳوليام
ويهي پنهنجي پاڻ جا، ڦولا جو ڦوليام
ته سچ پچ صديقي چوي، رڳي عيب پسيام
پنهنجي اوڻاين جا، جڏهن پتا پيام
ته پنهنجي مرم مسي ويس، سڄڻ جو سوچيام
طالب مولى پاڻ کان، پو سوين سوال پڇيام
جواب هي جڙيام، ته جتي جوڙ به جي ٿيان.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top