• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڙي او ڪينجهر!!

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نرمل
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نرمل

سينيئر رڪن
”نرمل“ کوهارو
اڙي او ڪينجهر!!
نرمل:
آيس تو وٽ ڪينجهر ڀٽارا،
من موهيندڙ ها تنهنجا نظارا،
پر ڪيڏو ڏور ها منهنجا پيارا...
ڪينجهر:
ٿوڙو هلي اچ هيڏانهن او دلبر،
عاشقن جي مچندي هتڙي محفل،
روز ٿا مرڪن هتي دل وارا..
نرمل:
ڪينجهر ڪهڙي بات ڪيان مان،
روئي تو وٽ هتي رات ڪيان مان،
تو منجهه ئي آهن نوري جا نظارا...
ڪينجهر:
ڇا؟ نرمل توکان ميت رُٺل آ،
اها ئي ته تنهنجي وڏي ڀُل آ،
قسم آ مونکي تماچي جو پيارا...
نرمل:
ڪينجهر اهڙي ڪا بات نه آهي،
زندگي بڻي سورن جي سيج ته آهي،
نيٺ ته گذرندا اهي ڏينهن به ڏکارا..
ڪينجهر:
مٺا دعا اٿئي خوش رهه هردم،
ميلا مچندا، لهندئي سارا غم،
مايوس نه ٿئي اڙي تون خدارا...
نرمل:
مايوس ڇو ٿيندم اڙي او ڪينجهر!
”نرمل“ نيٺ ته مچندو وري به ٿر بر،
خوشحال ٿيندا سڄي سنڌوارا..​
 
جواب: اڙي او ڪينجهر!!

نرمل ۽ ڪينجهـر جـي، اها گفتار ٻڌيسون،
وينـدا ڏک ٿينـدا سک، اهـا دعـــا ٻڌيسون،
اکيـن مــان وهنــدڙ نيـر، ۽ سـورن جي سيج،
ڪينجهر ڪناري انهنجي اخير ڏٺيسون۔

shabashshabashshabash

sindhsalamatsaathsal​
 
جواب: اڙي او ڪينجهر!!

سائين نثار! هي شاعري توهان لاءِ تحفي طور موڪلي اٿم
 
جواب: اڙي او ڪينجهر!!

سائين نثار! هي شاعري توهان لاءِ تحفي طور موڪلي اٿم

مهرباني دوست! اوهانجو هي تحفو انتهائي سهڻو آهي، جيتوڻيڪ تحفو امانت هوندو آهي پر جيئن ته هي تحفو ئي اهڙو آهي جو انکي آءُ سنڌ سلامت جي دوستن جي حوالي ڪريانٿو ۔۔۔ جيئن سڀ دوست ان مان مزو ماڻين ۔۔۔
سنڌ سلامت جو مور دوست نثار ناز اڄڪلهه بجليءَ جي آزار ۾ ڦاٿل آهي نه ته هو اسانجي هن تحفي تي ڪي لفظ ضرور چئي ها ۔۔۔
sindhsalamatsaathsal
 
جواب: اڙي او ڪينجهر!!

سائين محترم نثار ناز صاحب جن به اسان جي اکين تي پر ....سائين نثار ابڙو صاحب هي تحفومن جي مندر، دل جي اٿاهه اُڪير مان اخذ ڪيل تحفو توهان کي ارپڻ لاءِ موڪليو آهي.. ٻيو ادا مان چاهيان ٿو ته منهنجي شاعري پڙهندڙ دوست اصلاحي تنقيد ڪن ته جيڪر اڃان به وڌيڪ مزو اچي.... توهان جا وڙ ۽ سنڌ سلامت جي سڀن ميمبرن کي نماڻي گذارش ته اهي جيڪر تنقيدي راين کان آگاهه ڪن ته منهنجي ان سان به همت افزائي ٿيندي...
 
Back
Top