ميان محمد عثمان ڏيپلائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    [​IMG]
    ميان محمد عثمان ڏيپلائي
    جي ايم سيد

    ميان محمد عثمان، 13 جون 1908ع تي ڏيپلي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو. سندس والد ننڍو واپاري هو. اتي ئي ڇهه ست درجا سنڌي پاس ڪيائين. ستن ڀيڻن جو هڪڙو ڀاءَ هئڻ ڪري، کيس مائٽ مٺِءَ ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ موڪلي نه سگهيا . فارسي، هڪ مولويءَ کان پڙهيائين. آهستي ڪري گرجراتي، هندي، گُرمکي، اردو۽ ٿوري انگريزي به سکي ويو. عربيءَ جي تعليم ڪا نه اٿس، پر قرآن شريف سمجهي ويندو آهي.

    پهرين واپار ڪيائين، پر ان مان گذر معاش ڪارفي نه ملڻ ڪري، زميندارن جي ملازمت ۾ٽيهن سلان تائين رهيو. هي ٽنڊي باگي، بدين کپري، ميرپورخاص ۽ عمر ڪوٽ جي مختلف زميندارن وٽ رهيو .

    هن کي ننڍي هوندي کان اخبار ۽ آکاڻين پڙهڻ جو شوق هوندو هو . انهيءَ زماني ۾ حڪيم عبدلخالق. خليق، مورائي رسالو ترقي ڪڍندو هو، جنهن جي پڙهڻ ڪري کيس مضمون نويسيءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي. حڪيم صاحب جي ٻئي رسالي. علمي دنيا ، ۾ پهريون افسانو، چنڊ سهڻو يا انسان ۽ وري انهيءَ رسالي ۾ فريبي دنيا لکيائين. 1934ع ۾، حيدرآباد ۾ حڪيم عبدالخالق سان ملاقات ٿيس. هن جي چوڻ تي ڪي قرآني دعائون، لکي مسلم ادبي سوسائٽيءَ ذريعي شايع ڪرايائي. حڪيم عبدالخالق جي ناول سندري، عبدالعليم شرر ۽ راشدالخيري جي ناولن به اثر ڪيو ٿو ڏسجيس. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته منشي صادق، نسيم حجازي ۽ ايم. اسليم جا ناول به هن پڙهيا آهن. هن مولوي خير محمد نظاماڻيءَ جي صلاح سان سنگ دل شهزادي ، لکيو جنهن جي رٿا منشي صادق جي ڪتاب . آرمينا ڪا چند تان ورتل هئي.
    هن پوءِ اسلاميه دارالاشاعت، اول ميرپورخاص ۾ قائم ڪيو .
    ڏيپلائي صاحب طبيعت جو پُپ خلوص جذباتي انسان آهي ، ان ڪري هن ابتدا کان وٺي مختلف عمل ۽ رد عمل جي چڪرن ۾ ڦاسي ، تبليغي جو ش سان ڪيترن مضموننن تي پئئي کليوآهي. سندس پهريون رد عمل مولوي حاجي عبدالرحيم پڇمي ۽ مولوي حاجي احمد ملاح جي ثرن هيٺ پير پرستيءَ خلاف پيدا ٿيو. هي جڏهن لکڻ ويهندو آهي ته جوش ۽ جنون وچان معياري زبان کي خير باد ڪري، طنز ۽ نڪته چينيءَ کي حد تائين پهچائي ڇڏيندوآهي. مرشدن جي خلاف جڏهن لکيو اٿس ته مرشد ڏاڙهي، مرشد جون ٽنگون، مرشد جو گهوڙو، مرشد جي نٿ وغيره جهڙن عنوانن سان لکي وڃي پار پيو آهي. وري جڏهن ملا واري مذهب جو شوق جاڳيو اٿس ته شيواجي شيش محل . ۽ ڏاهري رنگ محل جهڙا ڪتاب لکي، هندو سوسائٽيءَ تي حد کان ٻاهر حملا ڪيا اٿس ، ته ٻئي طرف مسلمان بادشاهن ۽ حملي آور ُورن کي ڪي منجهان ڪجه بنائي ڏيکارڻ جي ڪوکشش ڪئي اٿس. اهڙيءَ طرح پيرن جي بدعتن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻندي وڃي. فرقي پرستيءَ م ڦاٿو ۽ گهڻائي ڪتاب لکي ويٺو.حقيقت ۾ لکڻ جي مشين آهي. خيال ايندي هڪ ناول لکي ويندو آهي. جهڙيءَ طرح لکڻ ۾ مشق اٿس، اهڙي پڙهڻ ۾ درڪ اٿس. ڪيڏو به ڪتابا حلد پڙهي ويندو آهي.
    1942ع ۾ هي ميرپورخاص مان نڪري اچي حيدرآباد ويٺو 1948ع ۾ پنهنجي پريس ورتائين .
    انهيءَ وچ۾ مولانا مودوديءَ جي جماعت اسلاميءَ جو اثر ٿيو ٿو ڏسجيس. ان تحريڪ کي زور ٺائڻ لاءِ هر ڪا ڪوشش ڪيائين، پر اهو اثر گهڻو وقت نه رهيس ۽ سال 1949 ع کان هي ترقي پسند ادب ۽ ترقي پسند ماڻهن جي آثر هيٺ آيو، جنهن هيٺ هي مذهبي مهندارن کي سرمئيدارن، زميندارن، سيٺين ۽ حاڪمن جا ڇاڙتا سمجهڻ لڳو. پوءِ انسانيت جي نالي ۾ نوان ڪتاب ۽ مضمون لکڻ شرع ڪيائين. رسالو انسان جاري ڪيائين. ان سلسلي ۾ چار داڻا ۽ ماڻهو ۽ ڌرتي ڪتاب لکرائي شايع ڪيائين ۽ ڏکڻ کان سج ٿو اُڀري ، ڪورٽ ناٽڪ ڏڪار ناٽڪ ، امڙُ ( ترجمو ) وغيره ڪتاب لکيائين ۽ پڌرا ڪيائين . ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ هي حب الوطنيءَ جي رنگ ۾ رڱجي ويو. ان تي لکندي هڪ جڳهه تي چوي ٿو ته ” سنڌ جي باشندن سان هن وقت پاڪستان ۾ اهڙو ظلم روا رکيو ويو اهي ، جهڙو جپانين، چيئين سان ڪيو. فلسطين جي عربن تي يهودين ڪيو ۽ فرينچن الجيريا ۾ ڪيو “

    هن جو عجيب معجون مرڪب آهي. هڪ طرف ” اسلاميه دارالاشاعت “ ذريعي مذهبي ڪتاب ڇاپيا آٿس ۽ ڇا پي رهيو آهي.،ته ٻئي طرف. اداره انساانيت، معرفت ترقي پسند ادب ۽ حب الوطنيءَ تي ڪتاب لکي رهيو آهي. جپاني گُڏي، 1957ع جو بلوو غازي انور پاشا وغيره ڪتاب سندس انهيءَ سلسلي جون ڪڙيونآهن. ڪجهه وقت هي حر تحريڪ کي پراسرار قومي تحريڪ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪتابن لکڻ پٺيان لڳو رهيو. سندن لکيل وڏو ناول سانگهر پڙهڻوٽان آهي. ڪيتريون سٺيون ڳالهيون ان ۾ لکي ويو آهي.هن اڪثر ذريعن جي پرواهه نه پئي ڪئي آهي. مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي به ذريعا استعمال ڪرڻ ۾ دريغ نه ڪندو آهي.
    خوشتر آن باشد که سرِ دلبران
    گفـــته آيــد در حـديث ديگران
    جو پيرو ڪار ارهيو آهي. هن جي سموري زندگي هڪ جذباتي ۽ مخلص انسان جي عمل ۽ ردعمل جي مختلف مرحلن مان گذريآهي. هڪ حد تائين منهنجي حالت به اهڙي رهي آهي. چوندا آهن ته دوزخ جو رستو به چڱن جذبات سان جڙيل هوندو آهي. ڏيپلائي صاحب مختلف مضمونن تي 121 کن ڪتاب لکيا آهن. انهن مان ڪيترا ڪتاب ضبط ٿيا اٿس. ٻه دفعا تُرنگ جو تيرٿ به ڪري آيو آهي. باوجود گهڻي محنت ۽ مزدوريءَ جي مالي حالت درست نه رهي اٿس. ان جو مکيه ڪارڻ اهو آهي ته هن جذبات کي اڳيان ۽پيٽ کي پٺيان پئي رکيو آهي. تازا ردعمل هن کي نيشلز ۾ سوشلزم طرف ڌڪي رهيا آهن، پر بنيادي طرح جذباتي هئڻ ڪري هن جو هوش ، جوش مٿان اڃا غلبو ڪري نه سگهيو آهي. هوش جي غلبي کان سواءِ صحيح نيشنلزم ۽ سوشلز ۾ جي راه هٿ اچڻ مشڪل آهي. کيس ٽي فرزند آهن (1) محمد علي (2) عبدارحمان ۽ (3) حبيب الرحمان

    (نوٽ : هن کان پوءِ ڏيپلائيءَ صاحٻ جي 121 ڪتابن جي لسٽ ڏني وئي آهي، جيئن ته ڏيپلائي صاحب جي ڪتاابن جو ڌار تفصيل ڏنل آهي. ان ڪري ورجاءَ ۽ طوالت سبب هتي اها لسٽ نه ڏني ئي آهي .
    سڪرميءَ ۽ سڦلتا بابت هڪ مضمون پڙهيو ، جيڪو آڄ آءُ هتي وري پڙهڻ چاهيان ٿو، هيءُ مضمون مون 6 سپٽمبر 1979ع تي دنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان ڏيپلائي صاحٻ سان ملهايل . ادبي شام ، جي موقعي تي پڙهيو هو . ان موقعي تي مون چيو هو ته :
    ” انسان جي عظمت هيءَ آهي ته هو پنهنجي وس آهر پاڻ مان ٻاهر نڪرڻ ۽ ڌرتيءَ کان مٿي اُٿڻ جو اُمنگ رکي ۽ اُدم ڪري ـ پاڻ مان ٻاهر نڪرڻ جو مظلب آهي ته پنهنجي مفاد سان گڏ بئي جي م جي مفاد جو خيال ڪري، بلڪ پنهنجي مفاد کان پهريائين ۽ اُن کان وڌيڪ ٻئي جي مفاد کي اهميت ڏئي.
    ڌرتي کان مٿي اثڻ جو مطلب هآهي ته گهڙيءَ جي مفاد کي گهڻي وقت جي مفاد لاءِ هاڻي جي مفاد کي وصءِ جي مفاد لاءِ قرنبان ڪري،

    ”محترم محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي جيئن آءُ سڃاڻان، تيئن منهنجي نظر ۾ وپ ٻين لاءِ جيئڻ جي اهڙي اُمنگ ۽ مستقبل جي بهتريءَ لاءِ اهڙي اُدم جو هڪ مثال آهي.

    آءُ ڇو ٿو چوان ته ڏيپلائي صاحب، منهنجي لاءَ انهي بنايادي انساني عظمت جو هڪ مثال آهي؟ انهيءَ ڪري، جو جڏهن کان آءُ سندس واقف ٿيو آهين، لڳ ڀڳ ٽيهارو سالن جو عرصو چئجي، تڏهن کان مون کين پنهنجي مفاد کان گهڻو لا پرواهه ۽ سندسن دل، مستقبل جي ايدان ۾ سدائين ڀريل ڏٺي آهي. تڏهن مون کين آئيندي جو ڪو نه ڪو سحڻو خواب لهندي ڏٺو آهي۽ پوءِ پاڻ ئي اڪثر اُن کي پنهنجي اسڪيم نمبر هڪ سئو هڪ ، سڏي ٿورو کنگهي، نڙيءَ کي سوئي ،عام طرح وڏو، پر ڪڏهن ننڍو ٽهڪ ڏيئي، ڪنهن نهنڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جو نقل کڻي ٻڌائيندا ، جنهن کي ٻڌي ، حال کان بيخبر ۽ لاپرواهه سندس پآڻ جهڙي ئي انهيءَ مستقبل جي خفتيءَ تي کل به اچي ويندي ۽ قياس به ڏيپلائي صاحب جي حال کان اها لاپرواهي ۽ مستقبل ۾ اها محويت پنهنجي لاءِ نه، پر سدا.ئين پنهنجي ڪم جي حوالي سان ٻين جي ڀلائيءَ يعني عام ڀلائي ءَ لاءِ هوندي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو