ڏيپلائي قلندر صفت مصلح، اديب ۽ صحافي! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنه 1930ع کان سنه 1935ع واري دور ۾، جڏهن آءُ هاءِ اسڪول جو شاگرد هئس، تڏهن ڏيپلائي صاحب جو نالو پهريون دعو منهنجي ڪن تي پيو اھن وقت هن ميرپورخاص ۾ “ اسلاميه دارالاشاعت ، قائم ڪيو هو. ڏيپلي جو نوجوان محمد عثمان ولد حبيب الله ميمڻ صرف ست درجا سنڌي پڙهيل هو، پر سندس ڪتابي علم کان سندس عقل گهڻو ئي ڏوو هو. جنهن عقلمنديءَ همٿ ۽ حوصلي سان ٿر جي هڪ غريب نوجوان ٽيهن سالن جي عمر اندر پنهنجو گهر ڇڏي،گهر ڇڏي، ميرپورخاص جهڙي شهر ۾ پنهنجي علميءَ جي شروعات ڪئي ۽ مسلسل محنت سان اڳتي وڌي ڪامياب ٿيو، تنهن ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ ترقيءَ جو هڪ وڏو سبق سمايل آهي. سنه 1935 ع کان سنه 1980ع تائين 45 سالن جو وڏو عرصو ڏيپلائي صاحب جي مسلسل جدوجهد ۽ ڪاميابين جو دور آهي، جنهن ۾ سندس ج زوي ناڪامين کا سندس وڏين ڪاميابين ڍڪي ڇڏيو. ڏيپلائي صاحب مرحوم جي سوانح عمريءَ تي گهنو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ سمجهدار صاحبن لکيو آهي. سندن تجزيي توڙي مرحوم ڏيپلائيءَ جي عملي ڪوششن، ڪاوشن ۽ تحريرن جي مطالعي مان سندس لياقت ۽ قابليت جا ڪئين رُخ معلوم ٿين ٿا. هو صحافي، ايڊيٽير، اديب، پبلشر، مصنف، افسانه نگار ۽ ڊرمه لکندڙ هو. هو اسلامي تاريخ کان باخبر ۽ صحيح اسلامي جذبو رکندڙ هو. وطن جي حب سان سرشار ۽ وطن جي آزاديءَ جو علمبرادر هو. هن اسلامي دنيا جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. محترم ڊاڪٽر محمد علي صديقيءَ جي چوڻ مطابق انهون نه هر مسئلي پر قلم اُڻهايا، ۽ بقول محمود شام صاحب، وه ايک فعال شخص اور ايک مصلح تهه. اڳتي هلي هن پنهنجي مسلم معاشري جي دفاع ۽ اصلاح طرف توجهه ڪئي ۽ ٻه عملي قدم کنيا: پهريون ته سنڌ جي ڪٽر هوندو لکندڙن. سڀ نه آريا. سماجين ۽ هندو اخبارن جي ايڊ يٽرن طرفان مسلمانن جي خلاف مچايل هلچل، مسلامن هيروز جي ڪردار ڪشي ۽ اسلامي عقيدن جي بيحرمتيءَ خلاف قلم کنيائين. پنهنجين تحريرن ۽ تصنيفن ذريعي مخالفن جا جهڙا الزام، تهڙا زوردار جواب ڏنائين ۽ بالاآخر اُن ڪٽر گروههه کي ماٺ ڪرائي ڇڏيائين . مير پور خاص جي اخبار مسلمان جو نامور ايڊيٽر ۽ اديب محمد هاشم مخلص ۽ حيدرآباد جي اخبار جو ايڊيٽر مولي نور محمد نظاماڻي، جيڪي ڏيپلائي صاحب سان اول وڙهيا، پوءِ سندس قلمي جهاد کان متاثر ٿي ، جيڪي ڏيپلائي صاحب سان اول وڙهيا، پوءِ سندس قلمي جهاد کان متاثر ٿي، سندس قدران ٿيا. هندو لکيڪن جو جواب ۾ ڏيپلائءَ جيڪي ڪتاب لکيا، تن اُن وقت جي سنڌي مسلمان نوجوانن ۾ خوداعتمادي ۽ خودداريءَ جي لهر آندي. انگريزن پنهنجي سامراجي سازش سان سنڌ جي مسلمانن کي اقتصادي توڙي تعليمي ترقيءَ کان پري رکيو ۽ هڪ اهڙي ةضا پيدا ڪئي، جو مسلمان ڄٽ سڏجڻ لڳا. سرڪاري ڪامورا اُن وقت کُلي طور چوندا هئا ته هي ڄٽن جا پُٽ ڪين پڙهندا ! اهڙي ماحول۾ خود مسلامنن تي حقارت نفسي طاري ٿي. هو پاڻ کي واقعي جاهل سمجهڻ لڳا. پر جڏهن ڏيپلائيءَ جا ڪتابن تي ڪتاب اچڻ لڳا، تڏهن مسلامنن جي عام طبقي ۾ ڪجهه ساهه پيو . ڏٺائون ته مسلمانن ۾ به ڪو ايترا ڪتاب لکي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسان مان ڪو صاحب اُن دور جا لکيل ننڍا وڏا ڪتاب گڏڪري ۽ ساهميءَ جي هڪ پُڙ ۾ ڏيپلائيءَ جا ڪتاب رکي ۽ ٻئي پڙ ۾ اُن وقت جي هندو ليکڪن جا، ته ڏيپلائيءَ وارو پاسو ڳرو ي ويندو! ٻيو جرئت وارو قدم ڏيپلائي صاحب ، سنڌ جي مسلم معاشري جي اندروني اصلاح وارو کنيو ۽ جاهل عوام جي وهمن، وسوسن ۽ جاهل پيرن جي ڪرتوتن جي خلاف لکڻ شروع ڪيائين. ڪڇ جي مولوي عبالرحيم پڇميءَ اڳ ۾ ئي اها اسلامي تحريڪ شروع ڪئي هئي ، جنهن جو ٿر پارڪر ۽ لاَڙ ۾ وڏو اثر ٿيو هو ۽ ڏيپلائي به ان کان متاثر ٿيو . هن پنهنجي معاشري جي تعمير ۽ ترقيءَ خاطر سخت تنقيد ڪئي ، پر اها تنقيد هن پنهنجن ئي بنياد ٻاهرين ۽ ڌارين نظرين تي ڪو نه رکنيو. ڏيپلائيءَ جي انهيءَ روش ۽ ڪردار ۾ هڪ وڏو سبق سمايل آهي. هن پنهنجن نوجوانن تي ٻاهرين ۽ ڌارين نظرين جا هٿيار استعمال ڪو نه ڪيا. سندس ڀيٽ ۾ اصلاح ۽ ترقيءَ جي ڪن ٻين دعويدارن، پنهجن معيارن۽ مثلن بدران، ٻاهرين نظرين ۽ انقلابن جا ڳڻ ڳايا ۽ پنهنجن کي ڌارين نظرين جا سبق پڙهيا . انهن اُها نئين اصطلاحي ٻولي ڳالهائي، جيڪا صرف هڪ مخصوص گروهه کي سمجهه ۾ ٿي آئي.95 سيڪڙو سنڌين کي اڃا تائين سندن ٻولي سمجهه ۾ نه ٿي اچي! سنڌي مسلم معاشري جي غلط روين ۽ غلط رُخن جي اصلاح خاطر ڏيپلائيءَ جيڪي تنقيدي ڪتاب لکيا، تن گهڻيءَ حد تائين عام پڙهيل طبقي ماصلاح جو احساس پيدا ڪيو . ڏيپلائيءَ کان اڳ شمس السدين بلبل، مرزا قليچ بيگ ۽ علي خان ابڙي جي اصلاحي تحرين ۽ تصنيفن مٿينءَ سطح تي اثر پيدا ڪيو، پر ڏيپلائيءَ جي عوامي رنگ وارين تحريرن ۽ ڪتابڙن، عوامي سطح تي اثر پيدا ڪيو. جڏهن ڏيپلائي مرحوم پنهنجي ذهانت ۽ محنت سان پريس جو مالڪ ٿيو ۽ ڪتاب لکڻ، ڇاپڻ ۽ اخبار هلائڻ وارو ٿيو ، تڏهن ڇپائيءَ جي ڪم ۾ ٻين جي مدد ڪيائئين . ان وقت مولوي حاجي احمد ملاح صاحب ، ڪلام پڇاڪ جو سنڌي بيتن ۾ ترجمو ڪري رهيو هو، پر ڇپائيءَ جي مسئلن ۽ مشڪلاتن ڪري، ڪنهن به نسندس مدد ڪانه ٿي ڪئي. انهيءَ مشڪل ڪم ۾ ڏيپلائيءَ سندس مڪمل مدد دل کولي ڪئي . هن ڪلام پاڪ جي آيتن سان ڪتاب ۾ بيتن کي سهڻي سٽاءَ سان بيهاري، نموني طور هڪ سيپارو سهنو ڪري ڇپايو. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي مولوي صاحب سنڌيونيورسٽيءَ ۾ مون کي ملڻ آيو ته خاص انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪيائين. ڪمپوزنگ ۽ ڇپائيءَ جي مسئلي جي حل ٿيڻ کلانپوءِ مرحم ارباب الهجڙئي ٿر واري، مولوي صاحب جي بيتن واري معني سان سڄو ڪلام الله ڇپائي پڌرو ڪيو . هن موقعي تي آءُ مناسب سمجهان ٿو ته ڏيپلائي صاحب جي مون تي ڪيل هڪ احسان جو ذڪر ڪريان، جيڪو ساڳئي وقت سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي پڻ سندس حسان آهي. آءُ سنه 1960 ع کان سنه 1970ع وارن سلان ۾ سنڌي لوڪ ادب بابت تحقيق ، ڪتابن جي تياري ۽ ڇپائيءَ ۾ مشغول هئس. ڪم وڏڏي ڪاميابيءَ سان ٿي رهيو هو ته هڪ وڏي روڪ سامهون آئي. ڪراچيءَ جي هڪ انگريزي اخبار ” سنڊي پوسٽ ، لوڪ ادب جي هڪ تازي ڇپيل ڪتاب مناظرا تي بيجا تنقيد ڪئي ته ان ۾ گارين واري زبان استعمال ڪيل آهي ۽ ڪتاب اخلاقي اتبار کانڪريل آهي. ان بعد اها ڪوشش شروع ٿي ته ڪراچيءَ جي ڪمشنر طرفان ڪتاب مناظرا تي بندش وجهائي وڃي. مون اهو مناسب سمجهيو ته اخبار جي ايڊيٽر تي بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو وڃي ته جيئن معاملو ڪورٽ جي حوالي ٿئي ۽ ڪابه اختياري ڪتاب خلاف قدم کڻي نه سگهي. ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو ويو هو، پر جڏهن بورڊ توڙي ٻئي ڪنهن به طرفان دد جو خاطر خواه آسرو نه آيو، تڏهنمون پنهنجي سر ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. ڪيس هلندي، جج جي آڏو اها حقيقت رڪارڊ ڪرائڻي هئي ته ڪتاب ۾ استعمال ڪيل زبان ۽ اصطلاح، عام سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج آهن ۽ معيار کان ڪريل نه آهن. اخبار جي ايڊِٽر طرفان پير محمد چنا وڪيل هو، جنهن ڪورٽ ۾ مون تي وڏيون جُلهون پئي ڪيون. ويتر اهو معلوم ٿيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا ڪي اُستاد ڪي ٻيا صآحب منهنجي خلاف ۽ ڪتاب جي خلاف ڪورٽ ۾ بيان ڏيڻ لاءِ سنڀري رهيا آهن. اهڙي دل شڪن ماحول ۾ ڏيپلائي صاحب اڳتي وڌيو ۽ دل وجان سان منهنجوساٿ ڏنائين. هو ڪورٽ ۾ مهنجي طرفان شاهديءَ ۾ آيو ۽ مناظرا ڪتاب جي ٻوليءَ ۽ ان ۾ آيل لفظن ۽ اصلطلاحن جي خاطرخواه وضاحت ڪري، ڪتاب کي معيار ثابت ڪيائين. ڪيس اٺ سال هليو ۽ مون گهڻوڪجهه سٺو ! پر حالت بدليا ۽ ڪتاب تي بندش ڪانه پيئي . مون ڏيپلائيءَ جو احسان ڪونه وساريو. آخري ڳالهه ، محمد عثمان ڏيپلائي مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ ۽ مُهم جو انسان هو. هو سنڌ جي انهن قلندرنه صفت ڳاڻ ڳڻين شخصيتن ان هو، جن نتيجن کان بي نياز ٿي، ڏک بک ۽ توڪل تي سنڌ جي عوام جي خذمت ڪيئي . نااُميديءَ جو وٽس نالو ئي ڪونه هو. هو ڪنهن به ناڪاميءَ کان مايوس نه ٿيو! ( مارچ 2000ع ،ڪراچيءَ ۾ ڪيل تقرير)