ڏيپلائي هڪ برجستو انسان.

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڏيپلائي هڪ برجستو انسان
    جمال ابڙو

    (1)
    آياهن گهـــڻو اڄاڻ، پر سور پريان جا ساڻ مون،
    ڪر بيلي آهن ٻيلهه، سور پريان جا ساڻ مون.
    ڀـانيان لــــڪ ليون، جي ســــور پريان جا ساڻ ،​

    لطيف سائينءَ جي بيتن جون هي سٽون مون ڄاڻي واڻي، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ورسيءَ جي مهل موقعي مطابق چونڊيون آهن.

    اڄڪلهه جا نوجوان ليکڪ، بلڪ پختا ليکڪ به دانهن ٿا ڪن ته کين سهولتون ميسر ناهن، کين معاوضو نٿو ملي، سندن بورچيخانو نٿو هلي،کين مڃتا ڪا نه ٿي ملي، سندن لکڻين کي ڪنه ڪوئي پرنٽر ٿو ملي، نه پبلشر، نه ڊسٽريوبوٽڙ، جي هڙااون وڙان خرچ ڪري ڪتاب ڇپايون ته ڍڳ لڳلا گهر ۾پيا آهن،، ڪو مفت ۾ کڻڻ وارو ڪونهي، ائين هو هٿادو محرومين جا دفتر کولوي ويهي ٿا رهن. شڪوي شڪايت جا انبار، الائي ڪهڙا ڪهڙ روئڻا پيا روئنـ ڪڇي ڪير؟

    ڪير چوي ته ڀاو! هي شُور ته سکائون آهن، جي جهولي پائي جهلٽا آهن، جي مٺائيءَ کي ڪڙائي ٿا سمجهو ته هن پِڙ ۾ پير ڇو ٿا پايو؟ هت ته رڳو اهن ڪنڊا ۽ ڪنڊ!

    ڪــــــــــنڊا مـــــون پيــــــرن ۾ توڻي لک لـڳن،
    آڱــــر آڱــــوٺي نـــه مـــڙي، ڇــــپون پــــير ڇِـنن،
    ويندي ڏانهن پـــرين ، جتي جــــات نــــه پـــــائيان!
    جبــــــل ماــــري جــــک، جـــو آڏو آريــــجن کي،
    ٽــوڻي لڪن لک، سڀ لنگهينديس سڪ سين!​


    سطيف سائينءَ جي اهڙن سبقن کان پوءِ باقي ڪجهه چوڻ جي نه ضرورت آهي، نه گنجائش، ته پوءِ جواب به لطيف سائينءَ جو ٻڌي ته :

    لـــڳي جـــن لوري، ڏونگـــر ســــي ڏورينـــديون
    سڀ ننگيون ٿي نڪـــــرو، لالــچ ڇـــڏي لوڀ،
    لڪن ساڻ لطيف چئي منڌ جهيڙي ۽ جهري.
    لـــڪن لوســـاٽِ، ســـا سيج چڙهندي سسئي.​


    هاڻي لطيف سائينءَ جي هن ڪسوٽيءَ تي محمد عثمان حبيب الله ڏيپلائيءَ کي پر کيو، نج سون جيان جر ڪا ڏئي ظاهرٿيندو. ٿر جي واريءَ جي ڀٽن مان هڪ ڏورانهين ڳوٺ ڏيپلي مان، هڪ نينگر سنڌيءَ جا ست درجا پڙهي، ڳاڙيهي گل جيان ڦٽي نڪري ٿو. کيس نه آفيسري حاصل ڪرڻ جي محرومي آهي، نه اڇا ڪپرا پهرڻ جي ، نه يونيورسٽيءَ جي ڪئنٽين تي ڪنهن ڪسهڻيءَ ڇوڪري سان ويهي چانهنن پيئڻ ۽ پيسٽري کائڻ جي ، نه ڊگرين حاصل ڪرڻ جي نه بنگلي ۾ رهڻ ۾ ڪار ۾ گهمڻج جي انهن سڀني لوازمانت نه هجڻ يجي باوجود هو نه اڻ ڄاڻ آهي، نه اڪيلو اهي، نه ڪو وري ڪي آڏا ترڇالڪ هن کي روڪين ٿا يا رنڊڪ وجهن ٿا: ڇاڪاته هن وٽ وڏو مطالعو، سُور پريان جا ساڻ مون آهي، اهڙو ملههماڻهو اڄاڻ ۽ اڪيلو ته ناهي، پر سُورن کي سنڏي پيو.. کيس لوري آهي ته ا ماروئڙن جي، جهانگيئڙن جي پورهتين ۽ هارين نارين جي، پيو سئن هڻي ته : مُرڻ مون سين آءُ ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪيان، ڏکي ، ڏک وسار، سيج ڦٽي ڪر سئي؛ ڏک ڏکي ءَ ڏڍ، موٽي مران نه ماءُ موٽڻ کان اڳي مران، سندس اها سنڌ پوري ٿي.. عمر جي آخري گهڙيءَ تائين جهيڙويندو آيو، ماٺ ڪري نه ويٺ، پونيرن ۾ به اها لاٽ ٻاري ويو، سندس اولاد ( پُٽ ۽ نياڻيون) به ورچي ڪو نه ويٺا آهن.

    شاهه سائين جنهن کي شُور يا لوري ٿو چوي، سا آهي : مقصد ۽ جذبو جن وٽ اها وٿ ڪانهي، سي ڀلي ويهي روئن يا سرستن تي بيهي رڙيونڪن .

    ڏيپلائي صاحب، سُر سُکائون ڪر جهليا ، جن کيس جذبو به ڏنو، مقصد به ڏنو، عملم به ڏنو ته امنگ به ڏنو. هو پنهجيءَ جند ۾ انجمن بڻجي ويو جهڙوڪر ڪرشمو، ليکڪ به پاڻ ، پرنٽر به پاڻ ، پبلشر به پاڻ ۽ ڊسٽريبيوٽر به پاڻ ڊسٽريبيوٽر به اهڙو انو کوو، جو سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو گهر هجي ، جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب يا لکڻيون ه هجن . اهريون ڪرشمه ساز هستيون قومن کي جيئاري وينديون آهن.

    جنين منهن مڻي، آئون نه جيئندي ان ري ـ
    (شاهه)

    ( ماهوار . سوجهرو ، اپريل2002ع)



    (2)
    ڏيپلائي صاحب عجيب ڀل مانسيءَ جو پتلو هو. تمام مذهبي ۽ءٌ پڪو مسلمان هوندي به جيئين ته هن جي دل م غريب عوام لاءِ ڀرپور همديردي هئي ۽ هاري ۽ پورهيت جو ڀلو چهيائين ٿي، هو نيڪ نيتيءُ ۽ پوري اخلاص سان کاٻي ڌرجي عوامي تحريڪن جو حامي بڻجي ويو. طعنا مهڻا به مليس ، پر هي مرد مجاهد لاپروواهي ۽ لاغرضيءَ سان نسنگ نروار ٿي بيهي رهيو، ۽ سرڪاري عتاب ۽ مالي نقصن جي پرواهه به نه ڪيائين.

    ڏيپلائي صآحب جو هڪ واقعو ياد ٿو اچيم، جيڪو ڏيپلائيصاحب جي سچائيءَ مخلصيءَ، دليريءَ ۽ بيبيازيءَ جو لکت ۾ اڻمٽ ثبوت آهي، هي اسان جي عوامي سيسي تحريڪ جوپن لڪل ۽ ڳجهيون ڳالهيون اهن، پر ورهيه لنگهي ويا آهن، هاڻ ڪو ڀو ڀولو نه آهي.

    ڪامريڊ عبدالقادر کوکر ۽ حيدربخش جتوئي پارٽيءَ جا تمام مخلص ۽ متحرڪ ڪارڪن هئا، جن پنهنجي سڄِ حياتي، ڪيريئر ۽ دنياوي ويجهه کي قربان ڪري پاڻ کي هارن جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪر ڇڏيو هو.

    ٿيو ائين جو جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو . ڪامريڊ عبدالقادير وري رڄ چڱو مڙس، نرم مزاج ۽ اختلاف راءِ کي ريٽڻ وارو ماڻهو. انهيءَ صورت حال جو فائدو وٺي، هاري پارٽيءَ جي ڪن جو شيلن ، حقيقت ۾ پاڻ هُرتڙن ، پارٽيءَ اندر ڏنڊا انقلاب ذريعي اٿل پٿل آڻي قبضو ڪري ڇڏيو ۽ حيدربخش جتوئيءَ ۽ ڪامريڊ عبدالقادر کي نظر انداز ڪري، پنهنجا من پسند صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊي بالم ٿي ويهي رهيا، مولوي نذير حسين جتوئتي به ساڻن شامل هو ۽ عهدو به قبول ڪيو هئائين.

    پارٽيءَ فيصلو ڪيو ته انهيءَ صورتحال جو ٽوڙ ڪيو وڃي انهي ءَ ڪم لاءِ تاج محمد ابڙي ۾ مون کي ذميواري سونپي وئي.پتو ئي نه پوي ته ڇاڪجي. هنن يارن ڇا ڪيو هو، جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي ، پاڻ عهدن تي بقابض ٿي ويهي رهيا، تاج محمد تمام ذهين ماڻهو هو ، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته هاري ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۽ ڪاروائيءَ جا من پسند فيصلا لکي ، هاري حقدار، ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون ! انهيءَ جڙتو مينٽنگ جي ڪاروائي، بحث مباحثٽا ۽ اسوال جواب اهڙي نموني لکياسون، جو سود پود سچ ٿي لڳو. “ هاري حقدار جو پرچو ڇپائڻ لاءِ حيدرآباد هاري آفيس وڃڻو هو. ڏهه پنديرهن رپيا مون کي، 25 پندرهن رپيا تاج محمد کي، ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏيءَ ۾ چڙهي پياسون.....

    ...مان ۽ تاج ٻئي ڏينهن جي حڪمت عملي جوڻ ۾ لڳي وياسون.تاج محمد چو ته ڪو مسئو ئي ڪونهي، سڀاڻي هلنداسون هاري حقدار پريس، اُتي فلاڻا فلاڻا منهنجا واقف آهن، بس، مواد ڪمبپوز ڪري هڪ ڏينهن ۾ پرچو ڪڍي ڏيندا. تاج محمد ڏاڍو خوش فهم ماڻهو هو. تاج محمد ڇا، هر ڪميونسٽ اهڙو هوندو هو!

    ..صبح جو تاج محمد ۽ مان نيراڻو نڪري پياسون. ڀيڙيون سين پنڌ کي، اچي گاڏي کاتي ۾ هاري حقدار پريس تي پهتاسون. پريس کي تالو لڳو پيو هو. ٻڌايئاون ته گورنمينٽ بندش وجهي ڇڏي آهي، سو نالو به نه کڻو!

    پرچو ڪڍڻ ضروري هو.. مون کي محترم ڏيپلائي سُجهي آيو. انهيءَ جي پريس ب کوکر محلي ۾ هئي، جتان عبرت اخبار ڪڍندو هو. واٽ ويندي تاج محمد ڪجهه ناُميدي مان چيو ته ” انهيءَ ملان مان ڇا ورندو“

    الائي ڇو ، منهنجي دل ۾ يقين هو ته ڪم ٿيندو ته ڏيپلائيءَ مان ، نه ته به صحيح دڳ لائيدنو ... ڏيپلائي صاحٻ مرحوم ، الله سائين جنت ۾ جايون ڏئيس، سڌوسنئون ، پر خلوص، هڏڏو کي ، غريبن جو همدرد، چڱائيءَ جو پتلو ۽ وڏي ڳالهه ته عوام جي ڀلي خاطر پنهنجو نقصان سهنڻ وارو ماڻهو هو . وضع دار به هو ، يعني ڊاج ڏيڻ ، اندرين هڻڻ وارو ماڻهو نه هو .، عام زبان ۾ چوندا آهن گشو هڻڻ ۽ راه تان ٿيڙڻ ـ ڏيپلائي صاحب ۾ اهڙي بوءِ به ڪانه هئي جهڙو اندر تهڙو ٻاهر..

    ... جڏهن احوال ٻڌايو سونس ۽ مدد لاءِ چيوسونس ته بناللي چپيءَ جي صاف انڪار ڪيائيين. چي اهو بلڪل غير قانوني ڪم آهي. اخبار رڳو اُتي ڇچجي سگهيٿ ، جتان سرڪاري طرح ڇپائي پڌري ڪئي وڃي. تاج محمد مون ڏانهن منهن ڪري چيو اٻا ٻڌئي ؟ پر مون آسرو ڪونه لاٿو، مون کي ڏيپلائي صاحب جي چڱائيءَ تي پورو پورو ويساهه هو. چيو مانس ڏيپلائي صاحب ڪا وٽ ڪڍي ڏيو . گنڀير ٿي چياائين ته ” توهان کي اها به خبر ڪانهي ته هاري حقدار پريس توڙي هاري حقدار اخخبارن تي بندش پيل آهي! اول ته اها بندش لهريون ، پوءِ ڇپائيءَ جي ڳالهه ڪريو،...“

    تاج محمد بي دليون ٿي ويو. چيائين ” ٺڪر مالن مان ڇا ورندو، اسان کي پتائي ويو ! “ ڏيپلائي صاحب جهڙي مخلص ماڻهولاءِ اهڙا لفظ مون کي نامناسب لڳيا...

    ...مون کي خبر هئي ته اي ڊي هو نذر محمد ٽڳڙ ، جو تمام يار ويس ۽ فيض وارو تجربيڪار ۽ قابل آفيسر هو... چيائين بندش ته ڪو نه لاهينددس، پر رڳو هڪڙو پرچو ڪڍڻ ڏيندس، سو به بندش پوڻ واري تاريخ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ واري تاريخ ۾ ، پر حڪومت خلاف ڪجهه به نه لکندو... ٽڳڙ صاحٻ دير ئي ڪانه ڪئي، ڪلارڪ گهرائي هڪ ۽ آخري پرچو ڪڻ جو اجازت ناموٽائيپ ڪرائي، صحيح ڪري ، مهر هڻي ڏنائين ... پوءِ آياسين ڏيپلائي صآحب وٽ کيس اجازت نماو ڏيکاريوسين.... پر اخبار ڇپڻ کان صاف انڪار ڪيائين. چي : قائدو آهي ته اخبار رڳو اُتي ڇپبي، جتان شايع ٿئي ٿي... منٿ ڪئي سونس ته ڪو ڳٿو ڪڍ اُٿيو وڃي” هاري حقدار ، جو پرچو کڻي آيو. پوءِ وري انهيءَ مانپ ۾ رنک جوخالي پنو کڻي آيو، چيائين هن خالص پني تي هاري حقدار اخبار جي ڪنهن به سب ايڊيٽر، ڪمپوزر، يا ڪارندي کانلکرائي اچو ته هي پرچو هاري حقدار پريس ۾ ڇاپيو ويو هو ڪم ڪري اچو ته پوءِ مان ٿو اخبار ڇاپي ڏيانو !

    ... اسان ڍڪ ٻه آرام ڪري، گهربل ماڻهو4 جي گهر پهتاسون چمڪندڙ اکين سان پڏي اُڪير سان اچي تاج محمد سان مليو.... ڇوڪين ، نيٺ ته پارٽيءَ جوڪارڪن هو... خالص بپني ته اُتي ئي لکي ڏيڻ لاءِ تيار هو. چيوسونسن ته بهتراهو آهي ته ڏيپلائي صاحب جي روبرو لکي ڏئي.

    ٻئي ڏينهن عبرت آفيس پهتاسون ته اهو شخض اڳي ئي ويٺو هو. ڏيپلائي صاحب هن کان خالي پرچي تي لکائي ورتو ته هي پرچو هاري حقدار پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.

    واه ڏيپلائي صاحب واه دڳ به لاتائين،قانوني تحفظ به ڏنائين ۽ ڪم جو ذمو به کنيائين ، محض انسان دوستيءَ خاطر. چپائين ته شام تائين جيترا پرچا چئو ڪڍي ڏيانو چيوسون ، پنج سئو چيائين هيترا پئسا لڳندا پئسا ته اسان وٽ هئا ڪو نه سو مون ۽ تاج محمد صلاح ڪري چيو تهٻه سئو پرچا. ڏيپلائي صحب چيو ته ڪو خاص فرق ونه پوندو توهان کان رڳو پني جا پئسا ٿو وٺان. مزدوري ۽ منافعو ڪو نه ٿو وٺان هڪڙو ته ڏيپلائي ٻيو ميمڻ ، سو ائين چوي ـ تعجب خيز ڳالهه هئي. پر محترم محمد عثمان ڏيپلائي جي مٽي ۽ ضمير بلڪل مختلف هئا .... ڏيپلائي صاحب جي صدقي، سستي ۾ ڇٽاسون.
    (جمال ابڙي صاحب جي آتم ڪٿا تان ورتل)

    ***
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو