السلام عليڪم سنڌ سلامت ساٿيو !
فيسبوڪ استعمال ڪندڙن جو هڪ وڏو انگ صرف آنلائن رانديون (گيمز) کيڏڻ لاءِ فيسبوڪ استعمال ڪندو آهي ۽ گڏوگڏ پنهنجي دوستن کي هزارين نوٽيفڪيشن جو تحفو به موڪليندو آهي . جڏهن ته فيسبوڪ استعمال ڪندڙن ۾ وڏو انگ انهن گيمن کي پسند به نٿو ڪري ۽ انهن لاءِ ته گيم کيڏڻ کان وڌيڪ انهن وٽ پهتل گيم رڪئيسٽ بور ڪندڙ ۽ ڪاوڙ ڏياريندڙ هونديون آهن.
جيڪڏهن توهان سان به اها حالت آهي ته پريشان نه ٿيو ! ڇو ته توهان انهن گيم رڪئيسٽ مان جان آجي ڪري سگهو ٿا! سو به فيسبوڪ جي دوستن کي سان ناتو ٽوڙڻ بغير (يعني unfriend ڪرڻ جي ضرورت ناهي) . توهان انهن راندين ۽ اطلاعن (نوٽيفڪيشن) کي آساني سان بلاڪ ڪري سگھو ٿا.
ان لاءِ سڀ کان پهرين توهان پنهنجو فيسبوڪ اڪائونٽ کوليو، مٿي ساڄي پاسي ڏنل ٽڪنڊي تي ڪلڪ ڪري اتان سيٽنگ (Setting) تي ڪلڪ ڪريو .
ان کان پوءِ سيٽنگ جي صفحي تي کاٻي پاسي بلاڪنگ (Blocking) جو بٽڻ دٻايو ۽ ان سامهون اسڪرين ۾ ڏنل ٻه آپشن مان هڪ منتخب ڪريو .
ان جو مطلب آهي ته توهان ڪنهن خاص دوست وٽان ايندڙ ايپليڪيشن انوائيٽ کي بلاڪ ڪري سگھو ٿا يا وري ڪنهن خاص ايپليڪيشن کي ئي بلاڪ ڪري سگھو ٿا. مثال طور توهان جو دوست توهان کي Candy Crush جي دعوت ڏئي ٿو ته پهرين آپشن ۾ ان دوست جو نالو لکو ۽ جيڪڏهن دعوت ڏيندڙ دوستن جو انگ وڌيڪ آهي ۽ ڪينڊي ڪرش استعمال ڪرڻ جي دعوت ٿو ڏئي ته پوءِ توهان ٻئي نمبر ڏنل آپشن ذريعي ايپليڪيشن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو .
اميد اٿم ته توهان ان طريقي ڪار کي سمجھي ويا هوندا ۽ ان تي عمل ڪري فيسبوڪ تي پُرسڪون زندگي گذاري سگھو ٿا .