سڀئي سُهاڳڻيُون، سڀني ڳچيءَ هارَ
پَسَڻَ ڪارڻ پرينءَ جي، سهسين ڪن سينگارَ
ڍَولُ تنين جَي ڍَارَ ، هيٺاهيون هلن جي.
سر ليلا چنيسر
سُهاڳڻيُون = مُڙسن واريون، لفظ سهاڳ جي معني' آهي ورُ، مڙس، گهوٽُ. سهاڳڻيون جمع آهي واحد ٿيندو سهاڳڻ معنى مڙس واري.
سهسين = سوين، سورنهن سينگار
ڍول =پرين, محبوب، پر هتي مراد آهي چنيسر.
ڍارَ = گس، واٽ، پنڌ، دڳ
هيٺاهيون = هيٺاهين وٺي، نياز نوڙت، عاجزيءَ، انڪساريءَ سان.
* چنيسر جون ليلا کانسواءِ ٻيون به جيڪي راڻيون هيون سي سڀ هيرن جواهرن ۽ موتين جا هار پائينديون هيون.
* سڀ راڻيون ويس وڳا پهري ۽ سورنهن سينگار ڪنديون هيون ته جيئن چنيسر کي سڀني کان وڌيڪ مان وڻان.
* چنيسر کي ته اها راڻي وڻندي هئي جنهن وٽ نياز نوڙت، عاجزي ۽ انڪساري هوندي هئي.
سمجهاڻي
*ڀٽائي اسان کي درس ٿو ڏئي ته غُرورُ، تَڪَبُرُ، هَٺُ ۽ وڏائي ڪنهن کي به پسند ناهي هوندي. سڀڪو انسان نياز نوڙت، عاجزي ۽ انڪساريءَ کي پسند ڪري ٿو.
سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل