منصور سرور
سينيئر رڪن
رپورٽ: ساگر ابڙو
بهترين اداڪار، مصور ۽ پينسل ورڪ تي پينٽر آهي هن جي فيملي فنون لطيفه سان لاڳاپيل آهي. هن ڊرامن جي شروعات ديوارين سان ڪئي جڏهن ته اسٽيج تي به گهڻا پروگرام ڪيا. ان سان گڏ ريڊيو جو بهترين صداڪار آهي ساقي عالم ابڙو کي بهترين آرٽسٽ جا ڪيترائي ايورڊ به مليا آهن.
16 فيبروري 2014ع ساقي عالم ابڙو ڄامشورو ڦاٽڪ کان پنڌ پنهنجي گهر سنڌ يونيورسٽي ڪالوني وڃي رهيو هو ته هڪ ڪار کيس ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ساقي عالم ابڙو جون ٻئي ڄنگهون ۽ سندس کاٻي ٻانهن ڀڄي پئي جڏهن ته منهن جي ساڄي پاسي تي به ڌڪ رسيا، جنهن سبب چار ڏند به ڀڄي پيا، کيس راجپوتانه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي گهمڻ ڦرڻ توڙي ويهڻ کان به لاچار آهي. گڏوگڏ ڳالهائڻ جي سگهه به ختم ٿي چڪي اٿس.
ساقي عالم ابڙو جي گهر واري صفيا عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ساقي عالم ابڙو گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ آهي سندس ايڪسيڊينٽ کان پوءِ گهر جو الهه تلهه کپائي بينڪ کان قرض کڻي علاج تي خرچ ڪيو آهي پر اڃا تائين مڪمل صحتياب نه ٿي سگهيو آهي ۽ هاڻي اسان ۾ علاج ڪرائڻ جي سگهه به نه رهي آهي. هن چيو ته اسپتال وارن به جواب ڏئي ڇڏيو آهي هاڻي الله ۾ آسرو آهي اسين گهڻو پريشان آهيون. هن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته منهنجي هڪ نياڻي کي سرڪاري نوڪري ڏني وڃي ته جيئن اسان جي گهر جو گاڏو هلي سگهي. هن سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي کان گهر ڪئي آهي ته ساقي عالم ابڙي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي هن وڌيڪ چيو ته ساقي عالم ابڙو سنڌ يونيورسٽي جو ملازم به آهي جيڪو 5 مهينن کان اسپتال داخل آهي، پر سنڌ يونيورسٽي جي وي سي سميت وڏن آفيسرن ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي آهي ۽ نه ئي عيادت لاءِ وٽس لڙي آيا آهن. هن چيو ته جڏهن کان منهنجي مڙس جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پگهار ۾ ڪٽوتي ڪري 35 هزار جي جڳهه تي اسان کي هر مهيني 13 هزار روپيا ڏئي رهي آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هن سنڌ يونيورسٽي جي وي سي کان مطالبو ڪيو ته جيستائين منهنجي مڙس جي طبيعت ٺيڪ ٿئي تيستائين ان جي جگهه تي منهنجي هڪ نياڻي کان ڊيوٽي ورتي وڃي ۽ اسان کي پوري پگهار ڏني وڃي.
بي قدري سماج ۾ ثقافت کاتي سميت سڀني کان وسري ويل ساقي عالم ابڙو زندگي جي مختلف شعبن ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏئي سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. هي هڏن جي مٺ ڪنهن ٻئي ماڻهو جي نه سنڌ جي يگاني ۽ فطري اداڪار ساقي عالم ابڙو جي آهي جيڪو پنهنجي زندگي جا آخري پساهه ڀري رهيو آهي. ساقي عالم ابڙو جي اکين جا بند ان ڪري ٽٽي پيا آهن جو بيماري سبب ڳالهائڻ جي سگهه به وڃائي ويٺو آهي ساقي عالم ابڙو گذريل 30 سالن کان سنڌ يونيورسٽي جو ملازم آهي پر الائي ڇو سنڌ يونيورسٽي انتظاميا کان ويندي مادر علمي رهندڙ اديبن، دانشورن ۽ سڀني ساڃاهه وندن کان وسري ويو آهي سنڌيونيورسٽي انتظاميه ساقي عالم ابڙو جي ڪا به مدد نه ڪئي پر اونڌو سندس پگهار ۾ ڪٽوتي ڪري کيس هڪ وڏو صدمو رسايو آهي. ساقي عالم ابڙو کان 5 سال اڳ سندس موڀي پٽ سوڀارو ابڙو هڪ روڊ حادثي ۾ وڇڙي چڪو آهي. هن وقت سندس نياڻين ۽ معصوم پٽن کان علاوه ڪو به سهارو نه اٿس.
ساقي عالم ابڙو گذريل 5 مهينن کان اسپتال جي بستري تي لاچار ۽ بيوس بڻيل آهي. سنڌ جا ليجنڊ اداڪار مفلسي واري زندگي گذاري رهيا آهن پر سرڪار انهن جي ڪا به پرگهور نٿي لهي. ثقافت کاتي کي گهرجي ته ساقي عالم ابڙو جو مڪمل سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ۽ گڏوگڏ سندس اولاد جي مستقبل جي لاءِ به ڪو عمل جوڙيو وڃي، ڇو ته ساقي عالم ابڙو گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ فرد آهي. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ساقي عالم ابڙو جي نياڻي کي سرڪاري نوڪري ڏئي ته جيئن هوءَ گهر جو سهارو بڻجي سگهجي.
سنڌيونيورسٽي انتظاميا کي به گهرجي ته جيستائين ساقي عالم ابڙو ٺيڪ ٿئي تيستائين سندس جڳهه تي نياڻي کان ڊيوٽي ورتي وڃي ۽ پگهار ۾ ڪٽوتي ڪرڻ بدران کين مڪمل پگهار ڏني وڃي.