صوف جا فائدا

'صحت سرير جي' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏16 جون 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    [​IMG]
    صوف، جيري، آنڊي ۽ بڪي لاءِ فائديمند آهي. صوف ۾ سڀ کان وڌيڪ فاسفورس جو مقدار هوندو آهي ان کان علاوه آئرن، پروٽين، ڪيلشيم، ڪاربوهائڊريٽ ۽ وٽامن بي به ڪافي مقدار ۾ هوندو آهي. صوف دل جي مرض لاءِ فائديمند آهي. پٿري جي مريضن لاءِ ضروري آهي ته اهي ڏينهن ۾ چار کان پنج صوف روزانو کائن. دل جي مريضن کي گهرجي ته کاڌو کائڻ کان اڳ هو صوف کائن. دماغ جي ڪمزوري لاءِ مريضن کي روزانو هڪ صوف کائڻ گهرجي. ان کان علاوه مريضن کي منجهند ۽ رات جي کاڌي ۾ صوف ڪچي سبزي طور پچائي ڏنو وڃي ۽ رات جو سمهڻ کان اڳ هڪ پڪل ۽ مٺو صوف ڏنو وڃي ته مريضن جي صحت بهتر ٿئي ۽ هو جلدي ٺيڪ ٿي وڃن. ڪمزور نظر وارن ماڻهن کي به روزانو مکڻ سان گڏ مٺو صوف کائڻ گهرجي. بخار جي مريضن کي اڃ، تپش ۽ ٿڪاوٽ ۽ بي چيني لاءِ صوف جو جوس پيئڻ گهرجي. صوف پيٽ لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي، صوف کائڻ سان پيٽ ۾ گئس ختم ٿيندي آهي ۽ پيٽ ۾ ڪيڙا وغيره پيدا نه ٿيندا آهن. 2 مٺا صوف يا صوفن جو جوس روزانو پيئڻ سان پيٽ ۾ ڪيڙن کان راحت ملي ٿي ۽ قبضي ختم ٿئي ٿي. روزانو صبح جو خالي پيٽ 2 صوف کائڻ سان تپش ختم ٿئي ٿي ۽ بک وڌي ٿي صوف ۾ موجود فليوونائيڊس ڦڦڙن کي صحتمند رکي ٿو. روزانو صوف جي استعمال سان ڦڦڙ وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا وڌيڪ وزن سبب دل جي مرض هاءِ بلڊ پريشر، شگر جهڙين بيمارين کان راحت ڏيڻ ۾ صوف جو استعمال فائديمند آهي. صوف ڪافي مقدار ۾ فائيبر وزن گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار هوندو آهي. صوف کي استعمال ڪرڻ سان ٿولهه ۾ به گهٽتائي اچي ٿي. ننڊ نه اچي ته سمهڻ کان اڳ صوف جو جوس ۽ کير ملائي پيئو. هڪ گلاس صوف جي جوس ۾ مصري ملائي صبح شام استعمال ڪرڻ سان پراڻي کان پراڻي کنگهه به ختم ٿي ويندي. مٿي جو سور، چڙ، بيهوشي يا پريشاني جي شڪايت ڪندڙ ماڻهن کي کاڌو کائڻ کان اڳ 2 صوف کائڻ گهرجن.
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غفوررند

    غفوررند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واھ صوف تنھنجا فائدا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين ... ميوا ۽ ڀاڄيون هونئن به انڪري اهميت وارا آهن جو انهن ۾ قدرتي طور وٽامنز جو وڏو تعداد موجود آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ميوا ۽ ڀاڄيون صحت لا تمام ضروري آهن.
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    موضوع جي حساب سان اڄ امت اخبار ۾ پڻ هڪ آرٽيڪل ڇپيو... دوستن جي فائدي لاءِ ان اميد سان لڳائجي ٿو ته هن آرٽيڪل جو اردو ۾ هجڻ کي نظر انداز ڪيو ويندو....

    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,570
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    مهرباني ادا معلومات ڏيڻ لا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو