• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صحت ساٿ نٿي ڏئي

اياز احمد سومرو

سينيئر رڪن
مانوارا سنڌ سلامت جا سڀئي دوستو
اسلام عليڪم
ادا پهريان به عرض ڪيو هيم ته صحت خراب رهي ٿي. هينئر وري ڪرنگهي واري هڏي ۾ ڪجهه مهرا پنهنجي جا تان سري ويا آهن . تمام گهڻي تڪليف آهي. هٿن ۽ پيرن ۾ سور به سوايو آهي. اصل هٿ ۾ پاڻي جو گلاس به ڪون ٿو کڻي سگهان سموري سنگت کي دعا جي درخواست آهي.
 
الله پاڪ توهان کي جلد صحت، تندرستي عطا فرمائي. علاج وغيره هلي پيو ؟؟
 
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دَردَ جي دَوا؛
جانِبَ! منهنجي جِيءَ ۾ آزَرَ جا اَنوا؛
صاحبَ! ڏي شِفا، ميان! مريضنِ کي.

تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دارُون کي دَردَنِ؛
تون ڏِئين، تون لاهِئين، ڏاتَرَ! کي ڏُکندَنِ؛
تڏهين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪن، جڏهين اَمرُ ڪريو اُنِ کي.

اوهان لاء دعاگو آهيون ته رب پاڪ اوهان کي جلد صحتياب ڪري .... آمين
 
Back
Top