ليلا چنيسر وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾
دُهلين، دمامين، نَقرين، ٿي پلپل پُڇياس
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾.


سر ليلا چنيسر

راڄ = رعيت، قبيلو. سنڌ ۾ اڄ به قوم رئيسن، ڀوتارن، وڏيرن، سردارن، پيرن، ميرن جي راڄن ۾ ورهايل آهي.
دُهلين = دهلن تي، سنڌ ۾ خوشيءَ جي موقعي تي دهلن شرناين جو رواج آهي.
دمامين = دمامن تي، دمامين جمع آهي واحد ٿيندو دمامو جيڪو فارسي ٻوليءَ جي لفظ دمامه مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي ڌُڪڙُ.
نقرين =نقرن تي، لفظ نقرين جمع آهي واحد ٿيندو نقرو جيڪو عربي ٻوليءَ جي لفظ ناقور مان ورتل آهي معنى اٿس تُوتارو. هي ساز ڦوڪ ذريعي وڄايو ويندو آهي.
پُڇياس = پڇندا هئا، سنڌ ۾ اڄ به رواج آهي ته شاديءَ جي تاريخ وڏيري جي صلاح سان طئه ڪبي آهي.
ڍولي =محبوب، پرين هتي چنيسر.
ڍيلياس = ڌار ڪيائين، دل تان لاهي ڇڏيائين
ڏهاڳڻ = جنهن کي مڙس ڇڏي ڏنو هجي، ڦٽي ڪيو هجي.

* ليلا پڇتائيندي چئي ٿي ته جڏهن چنيسر سان هيس ان جي زال هيس ته پَٽَ راڻي هيس.

* جڏهن به راڄ ۾ ڪو وهانءُ شادي ٿيندي هئي ته دهلن شرناين سان ماڻهون منهنجي آجيان ڪندا هئا ۽ ماڻهون وچ ۾ وهاريندا هئا.

* هاڻي جڏهن چنيسر دل تان لاهي ڇڏيو آهي ڦٽي ڪيو آهي ته ڪير پڇي به نه ٿو.

سمجهاڻي

* ڀٽائي اسان کي درس ٿو ڏئي وقت ۽ حالتون سدائين هڪجهڙيون ناهن رهنديون. تنهنڪري وڏائي ۽ غرور کي ڇڏي ماڻهن سان پيار ۽ پنهنجائپ وارو رويو اختيار ڪيو.

سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top