منصور سرور
سينيئر رڪن
سلميٰ سومرو
”ٻن سالن تائين فالج جي بيماري سان وڙهندي وڙهندي احساس ٿيو ته سوشل سيڪيورٽي نالي اسان مزدورن سان رڳو مذاق ٿئي ٿي. مخصوص اسپتال مان اسان کي رڳو کنگهه ۽ بخار جي دوا ملڻ جو نالو سوشل سيڪيورٽي آهي. حيدرآباد ۾ ڪپڙو ٺاهيندڙ (ڪپڙي جي ڇپائي، رڱائي ۽ ٻيا مختلف مرحلن ۾ مڪمل ٿيندا آهن) حيدرآباد سائيٽ ايريا ۾ قائم مل ۾ 20 سالن کان وڌيڪ سروس رکندڙ پڪو مزدور آهيان پر فالج جي بيماري ۾ اداري پاران هڪ گوري جي به مدد نه ڪئي وئي. پيريءَ ۾ بيماري جا اُهي ڏينهن ڪيترا ڏکيا هئا انهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ تمام ڏکيو آهي.“
بِلو رنگ جو پراڻو وڳو پهريل (جنهن جي ڪف ۽ کيسن تي رنگين ڌاڳي سان هٿ وارا ٽوپا صاف پئي نظر آيا) چاچا خيرو پنهنجو حال پئي اُوريو.
چاچا خيرو جي هڪ ڪمري واري گهر جي زبون حالت، انتهائي غربت، ميريون اکيون، جهرين وارو چهرو ۽ هٿن تي ڪپڙو رڱڻ واري هاڃيڪار ڪيميڪل جي ڪارڻ ٿيل زخمن جي باوجود چاچا خيرو شڪراني جا ڪلمات ادا ڪري رهيو هو. ڇو جو هو فالج سان جنگ جوٽي ٻيهر پنهنجي غريباڻي زندگي ڏانهن موٽي سخت مزدوري ڪري رهيو آهي.
چاچا خيرو وٽ منهنجي سوالن کان گهڻا جواب هئا ۽ هن ٻڌايو ته ’اونچي دڪان ڦيڪا پڪوان‘ وارو محاورو هتي هلي رهيو آهي. وڏو ادارو هجڻ جي باوجود اسان مزدورن جون گذريل سال جي ٻارنهين مهيني کان پگهارون روڪيل آهن، جيڪي اڄ تائين ناهن مليون. ميڙ منٿ مئنيجر کي ڪيون ٿا ته هزار، پنج سئو هٿ تي رکي ڇڏين ٿا، باقي رهجي ويل پگهار ڏيندا يا ڪو نه ڏيندا اهو ته الله ۽ ان جو رسول ئي ڄاڻي ٿو. سڀ الائونس ۽ بونس ختم ڪري ڇڏيا اٿن. صبح 9 کان 6 تائين ڪم ڪندا آهيون جنهن جا رڳو 10 هزار ملندا آهن. بيماري يا ڪنهن ٻي صورت ۾ موڪل جو پگهار ڪٽيو ڇڏين. جيڪڏهن ٿورڙي دير به مل ۾ اچڻ تي ٿئي ٿي ته پگهار مان پئسا ڪٽين ٿا پر اوور ٽائيم جيڪو اڪثر ڪري ڏهين تائين به ڪرائيندا آهن ان جي محنت ۽ ٽائيم جي حساب سان پئسا ناهن ڏيندا. سندن مرضي پوين ته ڪنهن جي هٿ تي پنجاهه رکن يا سئو روپيا. ڪير چوي انهن کي، اسان جي ته سيٺ تائين رسائي ناهي انچارج جيئن چوي سو مڃون ٿا. ان مل جي سڀني مزدورن کي جيڪڏهن هڪ گرائونڊ ۾ گڏ بيهارجي ته وڏي تعداد ۾ مزدور ئي مزدور ڏسبا پر ان جي باوجود به ان مل ۾ انهن کي پوئين ۽ (سي بي اي) ٺاهڻ جي اجازت ناهي.“ چاچا خيرو جي مطابق ان مل جا 3 مزدور رڳو ان ڪارڻ ڪڍيا ويا جو انهن، مزدورن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ ان جي حقن جي لاءِ ڳالهائڻ ۽ يونين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. هاڻ روزگار ڪڍجڻ جي ڊپ کان ڪير يونين جو نالو ئي نٿو وٺي. امان ”هتي ته انڌير نگري چرٻٽ راجا“ وارو لقاءُ آهي هر اُهو اصول منٽن ۾ لاڳو ٿئي ٿو جنهن ۾ سيٺ کي فائدو پهچي باقي ليبر جيڪڏهن چپ چورڻ جي به همت ڪري ٿي يا ته ڪڍيو ڇڏين يا چون ٿا ته مل خساري ۾ پئي هلي. هڪ لسٽ ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ مزدورن جا نالا آهن انهن کي جلد ئي فارغ ڪيو ويندو ته وڃي پنهنجو ٻيو ڪو بندوبست ڪن. ويهه سال گذري ويا آهن پر اڄ تائين ان مل ۾ ڪنهن هڪ مزدور کي به پڪو ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن مزدور کي ريٽائرمينٽ ملندي مون ڏٺو آهي. جنهن مزدور ۾ همت آهي سو وڃي مل تي ڪيس ڪري ۽ رٽائرمينٽ وٺي پر امان ڪيس ڪرڻ به سولو ناهي. هڪ همراهه اسان سان گڏجي ڪم ڪندو هو، ڪيس ڪرڻ جي تياري ۾ آهي چوي ٿو ته وڪيل رٽائرمينٽ مان به پنهنجي خرچي پاڻي پهرين ٻولائي ورتي آهي. هاڻ ڏسون ته ٿئي ڇا ٿو؟ ڪورٽ ۽ وڪيلن کي منهن ڏئي سگهي به ٿو يا نه؟
هن وڌيڪ ڳالهائيندي ٻڌايو ته مزدور جي به ڇا زندگي آهي. سڄي حياتي مزدوري ۾ گذاري ڇڏين ۽ پوءِ وري پنهنجو ئي حق وٺڻ جي لاءِ ڪورٽ جا چڪر ڪاٽين ۽ وڪيلن کي منهن ڏين. ليبر ڊپارٽمينٽ جي چيڪنگ ۽ وزٽ جا ته چاچي خيرو رنگ ئي نرالا ٻڌايا ”ليبر ڊپارٽمينٽ مان آفيسر اچن ۽ چيمبر ۾ ويهي هليو وڃن. پر هڪ ڀيري غلطي سان اسان مزدورن جي ڪم ڪرڻ واري جاءِ تي به آيا هئا پر ان وقت به سيٺ مئنيجر، انچارج ۽ ٻيا مل جا ماڻهو گڏ هئا ته ڇا حال اوريون اسان انهن سان ڪهڙي خبر چار ڪريون پنهنجي بي وسي جي...؟ ”هيڏانهن باهه ته هوڏانهن پاڻي.“سڌي سنئين ڳالهه اِها ته سيٺ طبقو پاڻ کان مٿي وارن سان ته خوشي سان ڏي وٺ ڪري ٿو پر مزدورن کي نٿو سهي ۽ نه ئي اُنهن کي مضبوط ٿيڻ ڏيندو، جيستائين پڇاڻو ۽ سختي نه ڪئي وڃي.
ڳالهه ته خيرو چاچا جي سورنهن آنا صحيح هُئي مل جا مزدور هر روز ڪيترائي ميٽر ڪپڙو ٺاهين ٿا پر کين سال ۾ رڳو 6 ميٽر ڪپڙو مل پاران ڏنو ويندو آهي، پوءِ ڀلي ان ڪپڙي مان وڳو ٿئي يا رومال. الائونسز ۽ بونس به ختم ڪري ڇڏيا آهن (E.O.B.I) جي ته ڄڻ نالي سان ئي واقف ناهن. چاچا خيرو ۽ ٻين مزدورن مطابق جڏهن يونين هئي ته ان وقت حالتون بهتر هيون اسان سگهارا هئاسين بونس الائونسز ۽ اوور ٽائيم جا به پئسا ملندا هئا پر هاڻ ته سج ئي لهي ويو آهي.
پاڪستان، ورڪ فورس جي حساب سان ڇهون ۽ ايشيا ۾ ٻيو وڏو ملڪ آهي ۽ مزدورن جي لاءِ جوڙيل قانون به ايترا ڪمزور ناهن پر ان باوجود به مزدور طبقو سگهارو نه ٿي سگهيو آهي. جنهن سبب چيڪ اينڊ بيلنس ۽ مانيٽرنگ نٿي ڪئي وڃي. جيڪڏهن اها صحيح نموني ٿئي ته مسئلا پيدا ئي نه ٿين. ليبر رائيٽس تي ڪم ڪندڙ قابل ايڊووڪيٽ لالا حسن چيو ته 76 کان وڌيڪ ليبر لا موجود آهن پر انهن تي عمل نه ٿيڻ جي ڪارڻ مزدورن جي حالت سالن کان رحم جوڳي آهي، ايتري قدر جو مزدورن جي هيلٿ ۽ سوشل سيڪيورٽي تي به قانون موجود آهن پر سيٺ طبقو ۽ مالڪان نه ئي مزدورن کي رجسٽرڊ ڪرائين ٿا ۽ نه ئي انهن کي E.O.B.I ۽ سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ ٺهرائي ڏين ٿا، مزدور رجسٽرڊ نه ڪرائڻ جي ڪارڻ مالڪ ڪيترائي فائدا حاصل ڪن ٿا ۽ ليبر جو حق مارين ٿا. ڪٿي ڪٿي ليبر انسپيڪٽر ڪمزور نظر آيو آهي ته وري ڪنهن جاءِ تي ليبر انسپيڪٽر ئي مالڪن سان مليل هوندا آهن. اڪثر ڪري ملون ۽ فيڪٽريون سياسي، سماجي ۽ بااثر ماڻهن جون آهن ۽ انهن جي اثر رسوخ جي سامهون ليبر انسپيڪٽر کي بي اختيار ڏٺو ويو آهي. ڀلي ڪهڙي به صورت هجي پر ويڌن مزدورن سان ئي آهي ۽ جيڪڏهن اهي حالتون نه بدليون ته اڳيان به ائين ئي هلندو رهندو ۽ چاچي خيرو جهڙا غريب مزدور سڄي زندگي مزدوري ڪرڻ جي باوجود پنهنجو حق حاصل نه ڪري سگهندا.