منصور سرور
سينيئر رڪن
مير اعظم علي ٽالپر
هيءَ ڳالهه 2010ع جي ڊسمبر ۾ سخت سردي واري موسم جي آهي، جڏهن آئون رتوديرو جي واٽر سپلاءِ اسڪيم ڏسڻ لاءِ ويو هئس، جيڪا بند پيل هئي ۽ ان تي ڪم ڪندڙ همراهه تعويذن جو ڪم ڪندڙ هو ۽ رتوديرو شهر ۾ کاٻي هٿ تي گهٽي ۾ بشير خان قريشي جي گهر جي پاسي هڪ دوست جو گهر هو، پر اتفاق سان هو ان وقت گهر ۾ موجود نه هو ۽ آئون اتان سڌو وسايو ڀٽو (عرضي ڀٽو) جيڪو پير مسافر طرف هو، واٽر سپلاءِ اسڪيم ڏسڻ هليو ويس، جيڪا پڻ واهه جي ڪپ تي هئڻ جي باوجود سڪل (بند) هئي.
هي اسڪيمون ان ڪري ياد آيون آهن جو تازو وفاق کانپوءِ سنڌ جو بجيٽ ۽ ان ۾ اسڪيمن جو ’راڳ درٻاري‘ ڳايل آهي. منهنجو هڪ دوست هر سال انبن ۾ ٻُورَ اچڻ وقت دماغي توازن وڃائي ڇڏيندو آهي ۽ انب اچڻ وقت سندس حالت بلڪل (غير) خراب هوندي آهي. سو اهڙو ئي حال راقم جي يار مولڻ موالي جو به آهي، جيڪو هر سال هر بجيٽ تقرير ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجا هوش ۽ حواس وڃائي ويهندو آهي. سندس 60 سالن جي ڄمار ۾ سڀ کان شاندار بجيٽ وزير خزانه جي حيثيت ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي هئي ۽ سندس اهو به خيال آهي ته ’بجيٽ‘ هڪ امتحان آهي، پوءِ جيڪو ان ۾ پاس ٿئي. جيئن هر شاگرد کي امتحان ڏيڻ کان اڳ ڊپ ۽ خوف هوندو آهي، پر امتحان ٿيڻ کانپوءِ هو پاڻ کي آرام ۾ محسوس ڪندو آهي ۽ کيس ڏکيو يا آسان امتحان هئڻ جو ڪو فڪر نه هوندو آهي.
البته هن سال بجيٽ تقرير کانپوءِ راقم جو يار مولڻ موالي انتهائي جذباتي بڻجي ويو آهي. بقول سندس ته اردو پهاڪي جيان ”بڙي ميان تو بڙي ميان، ڇوٽي ميان سبحان الله“ سو چوڻ لڳو ته وفاقي بجيٽ اچڻ کانپوءِ پاڻ واري ڪراچي واري سنگت اعلان ڪيو هو ته اسان وفاق جي ڀيٽ ۾ بجيٽ سنڌ واسين لاءِ شيرين خاطر فرهاد جي کير جي ندين وهڻ جهڙو عوام کي ڏينداسين، پر هنن همراهن به پراڻي گاني وانگر ”لارا لپا لارا لپا“ ڳائي سرڪاري ملازمن لاءِ ساڳيو 10 سيڪڙو، ساڳي هڪ انڪريمينٽ جو اعلان ڪري ڪهڙو تير ماريو آهي.
ان کانسواءِ عوام کي ’ڪيش‘ هٿ ۾ ته ڪجهه نه مليو، باقي زمان مستقبل ”ٿيندا“ ’ڪبا‘ ’ڪبو‘ يعني آسرن جي طلسماتي دنيا ۾ اميدن جا سنهري باغ ڏيکاريا ويا آهن.
مٿان وري ظلم اهو آهي ته پورا سٺ سال ٿيا آهن، ريڊيو پاڪستان هر بجيٽ کي قوم جي بجيٽ آهي ۽ ڪڏهن وري عوام دوست ٻڌايو آهي ۽ اهو به فرمايو آهي ته هن ’هڏ‘ ڏُوکي حڪومت جهڙي بجيٽ ڪنهن به حڪومت ڪڏهن قوم کي نه ڏني آهي، جهڙي اسان ڏني آهي، ثبوت طور مختلف واپارين جا تاثرات به نشر ڪيا ويندا آهن. بهرحال مولڻ موالي جو پارو هن بجيٽ کانپوءِ تمام گهڻو چڙهيل هو، بقول سندس ته هر حڪومت هميشه اهو اعلان ڪندي آهي ته رڳو هي بجيٽ مشڪل آهي، عوام برداشت ڪري پوءِ سڀ سڻايون ٿي وينديون، ائين بجيٽ وارو ڏينهن هر حڪومت لاءِ هڪ ’فيشن‘ شو آهي، جيڪو هڪ وزير نه پر هڪ فنڪار جيان اسٽيج تي اداڪاري ڪري انگن اکرن جا جادوئي ’وٽ‘ سَٽ ڏئي هليو ويندو آهي ۽ پوءِ کيس بجيٽ جو هڪ انگ به ياد نه هوندو آهي.
تازو مولڻ موالي هڪ عجيب سوال پڇيو ”چيائين يار هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ لنڊن جي ٿاڻن ۾ ڪو وڏو يا ننڍو مُنشي ڪونهي ڇا؟“ آئون حيران ٿي ويس اي مولڻ اهو سوال ڪرڻ جي توکي ڪهڙي ضرورت پئي؟
هڪدم سلفي جو سُوٽو هڻي ڪنن مان دونهون ڪڍي چوڻ لڳو، يار ڪيڏو نه عجيب سسٽم آهي مون جهڙو کريل موالي رڳو پوليس پڪڙي ويندي آهي ته ننڍي مُنشي جي مهرباني سان ڪلاڪ ۾ کلندو ٻاهر ايندو آهيان. جڏهن ته وڏو منشي صاحب ته ٿاڻي جي ناني آهي، پر لنڊن ۾ ڪيڏو به ڪو بااثر گرفتار ٿئي ٿو ته اصل پوليس لوهه ڪريو ڇڏي، خبر نه ڇو؟ لڳي ٿو ته لنڊن جي پوليس اسٽيشن تي پاڻ واري لڏي مان ننڍا منشي ۽ وڏا منشي ڪو نه آهن، نه ته ماڻهو ايترو لاڪپ ڪو نه ٿين ۽ بس اسان وانگر رڳو ٿاڻي جو مُنهن ڏسن ۽ وري پوئتي واپس وَرن. ڪاش ڪنهن گوري انگريز کي ’منشين‘ جي فائدي جي خبر پئي ته هو به ان کي فورن ’پِيٽنٽ‘ ڪرائي ڇڏين، جيئن هو برصغير جي چانورن جو ٻج، جڙيون ٻوٽيون پنهنجن نالن تي پيٽنٽ ڪرائين ٿا.
مولڻ موالي جي اها عقل واري ڳالهه ٻڌي مون کيس چيو ته ”تون به ڪو صفا چريو آهين“ انگريز بهادر جو پنهنجو حساب ڪتاب آهي، تون بابا اجايو مٿو پيو هڻين. اهو ٻڌي موالي ناراض ٿي پيو ۽ چيائين ته هڪڙو لکيل پڙهيل ماڻهن ٻيو اخبارن کي اسان جهڙا مسڪين موالي وڻن ئي ڪو نه ٿا. جڏهن ته اسان ڪنهن جي نه آئي ۾ نه ڪنهن جي ويئي ۾، پوءِ به ڏسو اڄوڪي اخبار ۾ خبر آهي ته ساماري جي بودر فارم تي ڪچي شراب جو واهپو وڌي ويو. هاڻ ڇا ڪجي، جتي پڪو مال نه ملندو ته ويچارا ڪچي تي ئي گذارو ڪندا، ها البته ڏُگو فارم جي ڳالهه ٻي آهي، جيڪو وڻي سو پيئن ۽ ٽُن ٿيا وتن، ڪير چوندو؟ ڇو ته هو سائين وڏا آهن.
باقي لونگيوال وارا ڄاڻن انهن جو ڪم ڄاڻي ڀلي ٺرو ٺاهي کپائي اچن حرام جو واٽ تي کين ڪو جهلي.
هي به هڪ پراڻي ڳالهه آهي، جڏهن ڪوٽڙي کان ڪوئيٽا بولان ميل ۾ بنا خوف جي جيڪب آباد، جهٽ پٽ، سبي، آب گُم، ڪولهو کان وڃبو هو، اسان حاجي غيبي روڊ تي رهندا هئاسين، واٽ تي بازار ايندي ويندي مينگل هائوس هو پر انهن ڏينهن ۾ ان اندر ڪا چهل پهل نه هئي. ٻئي طرف علمدار چوڪ تي وڃڻ سان بگٽي صاحب جو بنگلو هو ۽ اڃا سرياب هوٽل جو ڪم هلندڙ هو.
ٻن پهرن کان اڳ لياقت بازار مان سنڌي اخبارون ڪراچي کان هوائي جهاز ذريعي پهچي وينديون هيون.
ان زماني ۾ محمد اسماعيل کوسو عبرت جو نمائندو نه هو. ڪوئيٽا ۾ رهندي رهائش کي ويجهو هڪ خان صاحب جي چانهه جي هوٽل هئي، ان جي اڳيان مدرسو ۽ ڇوڪرين جو هڪ اسڪول هو. هوٽل وارو في ڪوپ چانهه جو 5 روپيه هلائيندو هو ۽ انهن ڏينهن ۾ فلم دلهن ايڪ رات ڪي رليز ٿي هئي، خوب هلائيندو هو ۽ پڻ وي سي آر تي پنهنجي ’ثقافت‘ جو ڀرپور مظاهرو ڪندو هو ۽ ڪيترائي نوجوان سندس هوٽل ۾ ايندا هئا، پر هُن اسان کان بطور سنڌ مان سنڌي مهمان سمجهي پئسا نه ورتا، بس هڪ دفعو تعارف ڪرائڻو پيو ۽ هو گراهڪن کي جاءِ گهٽ هئڻ تي پنهنجو ثقافتي ورثو نسوار جو چَٽَ وات ۾ وجهي چوندو هو ’لَڪَا وهان بيٺو، جهان وه سنڌي بيٺا هي‘ پر ان ڪوئيٽا ۾ هاڻ امن ته ڪونهي، پر خير بخش مري جهڙا امن ۽ خاموش مزاج وارا انسان به ويا هليا، جنهن لاءِ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر سلام چيا هئا.
آخر ۾ اهو ته جمع ڏينهن اسرار شام (لالا اسرار) کي گهر ڏسڻ لاءِ پنهنجي سائين مٺل جسڪاڻي سان گڏ ويس ته انتهائي ڪمزور ۽ ضعيف کٽ تي ستل هو ۽ چيائين ته ”قصو پورو ٿي ويو“ حالانڪه هو مون کي سدائين ۽ خاص ڪري عيد گاهه ۾ عيد نماز تي ملڻ وقت چوندو هو ته منهنجي ٻارن جي ڪتاب لاءِ ڪرڪيٽ سيکارڻ لاءِ مضمون لک، پر ان ڏينهن اهو نه چيائين، پر ماضي ۾ سندس ڊرامو ’لوئي لڄ‘ ٽنڊو ڄام ۾ ڪرائڻ ۽ ان ۾ فنڪارن جي آمد روبينه الماس ۽ ٻيا ياد رهندا. ان موقعي تي اياز عالم ابڙو به آيو هو ۽ جنهن کي راقم پنهنجي سنگت مطابق منهن ڏنو هو. دعا آهي ته اسرار کي الله صحتياب ڪري ۽ هي جيڪو مون لکيو اوهان پڙهيو سو به پاڪستاني بجيٽ وانگر پٽ سٽ تحت لکي پورو ڪيو ويو. هن کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ جي همت اوهان کي رب ڏيندو، آئنده لاءِ موڪلاڻي ڪانهي.