• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بلٽ ٽرين جي صفائي 7 منٽن ۾

منصور سرور

سينيئر رڪن
32-300x188.jpg

ٽوڪيو (ع آ نيوز) جاپان جي بلٽ ٽرين جنهن کي دنيا جي تيز رفتار ريل چيو ويندو آهي اها نه صرف اسپيڊ ۾ سڀ کان اڳيان آهي پر هن جي صفائي جو ڪم به سيڪنڊن ۾ ڪيو ويندو آهي. هي بلٽ ٽرين 2 سو ڪلو ميٽر جو مفاصلو هڪ ڪلاڪ ۾ طئي ڪري مسافرن کي سندن منزل تائين پهچائيندي آهي ۽ انهيءَ مناسبت سان پليٽ فارم تي به صرف 12 منٽن جي لاءِ بيهندي آهي. جڏهن ٿوري وقت ۾ مسافر لهي ويندا آهن ته صفائي جي لاءِ رکيل ماڻهن جو عملو بلٽ ٽرين ۾ نون مسافرن جي چڙهڻ کان اڳ ئي ستن منٽن ۾ صفائي عملو پنهنجو ڪم ڪري ويندو آهي ۽ باقي پنج منٽن ۾ مسافر هن ٽرين ۾ ويهي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿيندا آهن. گهٽ وقت ۾ ٿيندڙ صفائي لاءِ يارنهن ٽيمون آهن ۽ هر ٽيم ۾ 22 ورڪر جيڪي پنهنجي طئي ٿيل حصي ۾ وڃي صفائي ڪندا آهن.
 
Back
Top