• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ ويلو 2 لک رپين ۾

منصور سرور

سينيئر رڪن
news-1402860581-1472-300x154.jpg

ابيزا (ع آ نيوز) هن دنيا ۾ هڪ طرف اهڙا ڪروڙين ماڻهو به آهن جن کي غربت سبب ٻن وقتن جي ماني به نه ٿي ملي. ٻئي طرف وڏي حيثيت وارا ماڻهو جن لاءِ عياشي جو پورو انتظام ڪيو ويو آهي. اهڙي هي جڳهه ابيزا نالي هڪ ٻيٽ ۾ آهي، جيڪا سبلي موشن جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. هي ريسٽورنٽ دنيا جي مهانگي ترين ريسٽورنٽ ۾ شامل آهي. هن ريسٽورنٽ ۾ توهان هڪ وقت جو کاڌو صرف 250 پائونڊن (تقريبن 2 لک 8 هزار پاڪستاني روپين) جي حساب سان کائي سگهو ٿا. اهڙي طرح ريسٽورنٽ جي مالڪ جو چوڻ آهي ته ابيزا ۾ هوٽل هلائڻ ڏاڍو مهانگهو آهي ۽ جنهن معيار جي سروس اسان سبليموشن ۾ڏئي رهياآهيون، ان کان گهٽ قيمت ممڪن ئي ناهي. هن نئين ريسٽورنٽ ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو آهي. کائڻ دوران چؤطرف جو ماحول تبديل ٿيندو رهي ٿو. ڪمري جو گرمي پد، خوشبو ۽ گهم کاڌي موجب تبديل ٿيندي رهندي آهي. ان ۾ رڳو 12 ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ آهي ۽ هتي کائڻ لاءِ ايندڙن جي فهرست ڏينهون ڏينهن ڊگهي ٿيندي وڃي ٿي.
 
Back
Top