• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زيتون جو تيل دل جي بيمارين ۾ تمام فائديمند آهي

منصور سرور

سينيئر رڪن
Gawa-Oil1-300x228.jpg

راولپنڊي (ع آ نيوز) طبي ماهرن چيو آهي ته زيتون جو تيل دل جي بيمارين، مشقن جي ڪمزوري ۽ ننڊ جي کوٽ جهڙين بيمارين لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي. زيتون خدا طرفان عطيو آهي. پنهنجي غذائي ۽ طبي اهميت سبب قرآن شريف ۾ ڪيترن ئي جاين تي زيتون جي ميوي جو ذڪر آهي. ماهرن چيو ته زيتون جو وڻ زندگي ۽ امن جي علامت پڻ آهي. زيتون جون هڪ هزار کان وڌيڪ قسمون آهن ۽ ٽي هزار کان وڌيڪ رائج نالا آهن جن مان اڪثر قسمن جو تعلق اسپين ۽ اٽلي سان آهي. زيتون جي سو کان وڌيڪ قسمن جو ميوو آچار يا تيل طور کاڌو ويندو آهي. طبي ماهرن چيو آهي ته زيتون جي تيل جو استعمال دل جي مختلف بيمارين ۽ مشقن جي ڪمزوري ختم ڪرڻ لاءِ فائديمند آهي.
 
Back
Top