• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روبينه ابڙو نيٺ گونگي ڳالهايو نثري نظم روبينه ابڙو

مصور عالم

سينيئر رڪن
“نيٺ گونگي ڳالهايو”
نثري نظم
(روبينه ابڙو)

هو پيدائشي گونگو نه هيو
پر هو پنهنجي زبان کي
ڳالهائڻ لاءِ اوماهي رهيو هو.......
هُو.....
جنهن پنهنجي ڳالهائڻ جي شروعات
اروڙ کان ڪئي
سندس سچ
برداشت ڪرڻ جوڳو نه هيو
رياست کيس
کوکلي مسند تي ويهاري
راڄڌانيءَ جي
ڪٻاڙخاني جي
ڪنڊ ۾ اڇلي ڇڏيو
۽ سندس زبان تي
قلم 144 لاڳو ڪري
کيس خاموش رهڻ جو حڪم ڏنو ويو
پوءِ هن آئينا ٺاهڻ شروع ڪيا
کيس خبر هئي ته هو اهي آئينا
انهن انڌن لاءِ ٺاهي رهيو آهي
جيڪي هڪ ڏينهن
پنهنجن اکين کان ضرور ڪم وٺندا
کيس پڪ هئي ته
اهي ازلي انڌا ناهن
پر هنن جي اکين کي
ڪجھ به نه ڏسڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي
آئينا ٺاهيندي ٺاهيندي
هن حواس ايجاد ڪرڻ جو هنر به سکي ورتو
۽ پنهنجي لفظن کي
مصنوعي گونگن لاءِ
آواز جو روپ ڏنو
هن اهڙا ڪارناما ڏيکاريا
جو ماڻهو کيس سامري سمجهڻ لڳا
۽ اهو جادو
هن رياست جي انهن پالتن کان سکي ورتو هيو
جن کي ٽارچر سيل ۾
گونگن کان ڳالهرائڻ
چڱيءَ طرح ايندو آهي
۽ انڌن کان سمورا ڳُجھ ڳولرائڻ جو فن به
خوب ايندو آهي
جڏهن هن پنهنجي ڳچيءَ مان
ان مسند جي غلاميءَ جو ڳٽ
ڳرندي ڀانئيو ته
هو راڄڌانيءَ جي ڪٻاڙخاني مان فرار ٿي
پنهنجي مٽيءَ سان اچي مليو
۽ پوءِ
نيٺ گونگي ڳالهائڻ شروع ڪيو
پر اها ته اڃان سندس شروعات هئي
هن مس مس ٻاتاوان ٻول
ٻولڻ شروع ڪيا هئا
ته مٿس فتوائن جا تير وسڻ لڳا
خوف ته ان ڳالھ جو آهي
جڏهن هن ڀرپور ڳالهائڻ شروع ڪيو
ته پوءِ سندس سچ جي گونجار سان
سمورا ڪوڙ جا ڪوٽ
ڊهي پٽِ پئجي ويندا
۽ پوءِ نه رهندي ڪا مسند
نه رهندي ڪا تعزير
۽ نه ئي رهندي ڪا فتوا
جي رهندي ته صرف
اهائي هڪ سچ جي ڳڙي
جيڪا اڄ به
سندس زبان تي رکيل آهي...
 
امر جليل کي ڀيٽا طور پيش ڪيل بهترين نظم .... روبينه ابڙو هن دور جي عورت شاعرائن مان وڏي شاعره طور پنهنجو پاڻ مڃايو آهي.
 
Back
Top