سنڌ جا وڏا وزير، دور حڪومت ۽ انهن جو مختصر تعارف

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جا وڏا وزير، دور حڪومت ۽ انهن جو مختصر تعارف ​



    نالو اقتدار جي شروعات اقتدار جو خاتمو پارٽي

    غلام حسين هدايت الله 28 اپريل1937 23 مارچ 1938 مسلم پييپلز پارٽي
    الابخش سومرو 23 مارچ 1938 18 اپريل 1940 اتحاد پارٽي
    مير بديح علي خان ٽالپر 18 اپريل 1940 07 مارچ 1941 مسلم ليگ
    الهه بخش سومرو2 07 مارچ 1941 14 آڪٽومبر1942 اتحاد پارٽي
    غلام حسين هدايت الله2 14 آڪٽومبر 1942 14 آگيٽ 1947 مسلم پيپلز پارٽي
    محمد ايوب کهڙو 16 آگسٽ 1947 28 اپريل 1948 مسلم ليگ
    پير الاهي بخش 3 مئي 1948 4 فيبروري 1948 مسلم ليگ يوسف هارون 18 فيبروري 1949 07 مئي 1950 مسلم ليگ
    قاضي فضل الله 08 مئي 1950 24 مارچ 1951 مسلم ليگ
    محمد ايوب کهڙو 25 مارچ 1951 29 ڊسمبر 1951 مسلم ليگ
    29 ڊسمبر 1951 22 مئي1953 گوورنر رول
    پيرزاده عبدالستار22 مئي 195308 نومبر 1954 مسلم ليگ
    محمد ايوب کهڙو 3 09 نومبر 1954 13 آڪٽومبر 1955 مسلم ليگ
    Post abolishePart of West Pakistan province 13 آڪٽومبر 1955 30 جون 1970

    01 جولاء 1970 01 مئي 1972 مارشل لاء
    ممتاز علي ڀٽو 01 مئي 1972 20 ڊسمبت 1973 پاڪستان پيپلز پارٽي
    غلام مصطفج جتوئي 25 ڊسمبر 1973 05 جولاء 1977 پاڪستان پيپلز پارٽي

    05 جلاء 1977 06 اپريل 1985 ضياء مارشل لاء
    غوث علي شاه 06 اپريل 1985 06 اپريل 1988 مسلم ليگ
    اختر علي جي قاضي 11اپريل 1988 24 جون 1988 اسلامي جهموريه پاڪستان
    24 جون 1988 31 آگسٽ 1988 گوورنر رول
    اختر علي جي قاضي 2 31 آگسٽ 1988 02 ڊسمبر 1988 اسلامي جهموريه پاڪستان
    قائم علي شاه 02 ڊسمبر 1988 25 فيبروري 1990 پاڪستان پيپلز پارٽي
    آفتاب شعبان ميراڻي 25 فيبروري 1990 06 آگسٽ 1990 پاڪستان پيپلز پارٽي
    ڄام صادق علي نگران 06 آگست 1990 05 مارچ 1992آزاد
    مظفر علي شاه 06 مارچ 1992 19 جولاء 1993 اسلامي جهموريه پاڪستان
    سيد علي مدد شاه نگران 19 جولاء 1993 21 آڪٽومبر 1993
    سيد عبدالله شاه 21 آڪٽومبر 1993 06 نومبر 1996 پاڪستان پيپلز پارٽي
    ممتاز علي ڀٽو 2 07 نومبر 1996 22 فيبروري 1997 سنڌ نيشنل فرنٽ
    لياقت علي جتوئي 22 فيبروري 1997 30آڪٽومبر 1998 پاڪستان مسلم ليگ ن
    30 آڪٽومبر 1998 17 ڊسمبر 2002 گوورنر رول
    ايئر مارشل ر عظيم دائودپوٽه گوورنر ۽ وڏو وزير 25 آڪٽومبر 1999 24 مئي 2000
    علي محمد مهر 17 ڊسمبر 2002 09 جون 2004 پاڪستان مسلم ليگ ق
    ارباب غلام رحيم 09 جون 2004 19 نومبر 2007 پاڪستاب مسلم ليگ ق
    عبدالقادر هاليپوٽه نگران 19 نومبر 2007 06 اپريل 2008
    سيد قائم علي شاه 06 اپريل 2008 اڄ تائين پاڪستان پيپلز پارٽي





    مختصر تعارف ​



    غلام حسين هدايت الله ​

    غلام حسين هدايت الله صاحب جا وڏا اصل ڪشمور جا رهاڪو هئا ۽ هندو مذهب سان تعلق رکندا هئا. سر غلام حسين جو والد سکر اچڻ کانپوء مسلمان ٿيو ۽ پٺاڻن مان شادي ڪيائين، سر غلام حسين 1878ع ۾ سکر ۾ پيدا ٿيا، پنهنجي والد جي وفات کانپوء مٿس تنگدستي جو وقت گذريو ۽ وٽس پڙهڻ لاء به ميونسپل جي لائيٽن جو سهارو وٺڻو پوندو هو، غلام حسين صاحب شروعاتي تعليم سکر مان حاصل ڪرڻ کانپوء ڪراچي ۾ سنڌ مدرسته ۽ ڊي جي ڪاليج مان تعليم حاصل ڪيائون ۽ اتان بي اي ڪرڻ کانپوء وڪالت شروع ڪيائون، ڪجه عرصي کانپوء ميونسپالٽيء جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو، ۽ اڳتي هلي ميونسپالٽي جو وائيس پريزيڊنٽ مقرر ٿيا، 1909ع م ضلعي حيدر آباد لوڪلبورڊ حيدرآباد جا وائيس پريزيڊنٽ چونڊيا ويا، سر صاحب ٻ شاديون ڪيون۔ کيس پهرين گهرواري مان هڪ نياڻي پيدا ٿي، ۽ ٻئي گهرواري بيگم صغرا مان چار پٽ ٿيا، منور حسين، الطاف حسين، ممتاز ؓحسين، انور حسين۔
    الهه بخش سومرو ​


    سومرا سنڌ جي تمام پراڻي ذات آهي، سنڌ جي سومرن جا خانداني پيشا ٻه سمجها ويندا آهن، هڪ ڊکاڻڪو ڪم ۽ ٻيو ڌوٻي وارو ڪم ، عام طور تي اگر ڪنهن کان پڇيو ويندو آهي ته ابا ڪير آهين اگر ان چيو ته مان سومرو آهيان ته کيس چيو ويندو ته ابا ڪهڙو سومرو، ٺۡڪ ٺڪ يا شون شون، ٺڪ ٺڪ مطلب ڊکڻ ۽ شون شون مطلب ڌوٻي، ڇو جو ڊکڻ وٽ هميشه ٺڪ ٺڪ جو آواز پيو ايندو آهي، ۽ ڌوٻي وٽ وري استري جي شون شون جو آواز پيو ايندو آهي،
    سومرن سنڌ تي تمام گهڻو وقت حڪومت پڻ ڪئي آهي، موجوده دور ۾ به حڪومت ۾ سومرن جو وڏو ڪردار رهيو آهي،
    الهه بخش صاحب 1900ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيا سندس والد جو نالو محمد عمر سومرو هو سندن پاڙي جو نالو مستري جي نالي سان سڏيو ويندو هو، پاڻ ميئٽرڪ ڪرڻ کانپوء سياست ۾ دلچسپي ورتائون سندس والد پنهنجي خاندان جو چڱو مڙس پڻ هو ، سندس ڏاڏي جو نالو به الهه بخش هو جيڪو ٺيڪيداري جو ڪم ڪندو هو ، الهه بخش صاحب کي سنڌ جو سائين محترم سائين جي ايم سيد صاحب دودو ثاني چوندو هو، 1923ع ۾ جيڪب آباد ميونسپالٽي ۽ ضلعي لوڪلبورڊ سکر جا ميمبر چونڊيا ويا، الهه بخش صاحب هڪ پارٽي اتحاد پارٽي پڻ ٺاهي، پاڻ 14 مئي 1943ع تي صبح جو شڪارپور ۾ هڪ ٽنگي ۾ ڪنهن طرف ڏانهن وڃي رهيا هئا ته ڪنهن مٿس پستول جا فائر ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو، .


    محمد ايوب کهڙو ​


    ايوب کهڙو صاحب هڪ منفرد سياستدان هو، سندس تڪبر ۽ وڏائي جڳ مشهور آهي، پاڻ ون يونٽ جا حمايتي سنڌ جا سياستدان هئا، جنهن ڪري سنڌ جا ماڻهون کيس گهڻو پسند ناهن ڪندا، محمد ايوب صاحب 1901ع ۾ پيدا ٿيا، سندس والد جو نالو وڏيرو شاه محمد خان کهڙو هو، جيڪو لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل جو رهاڪو هو ۽ هڪ سٺو زميدار شخص هو، ايوب صاحب شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري سيڪنڊري تعليم لاء لاڙڪاڻي مدرسي ۾ داخلا ورتي، اتان ڇهه درجا پاس ڪري پوء سنڌ مدرسي ڪراچي مان ميئٽر ڪيائون، 1926ع کان سنڌ محمدن ائسوسئيشن جو ميمبر ٿيو، محمد ايوب صاحب جڏهن ون يونٽ جو \ٺهراء پاس ڪرايو ته سنڌ جو سائين محترم جناب سائين غلام مرتضه جي ايم سيد صاحب سندس گهر جو پاڻي به نه پيئندو هو، ون يونٽ واري قدم سنڌ ۾ هن لاء وڏي مخالفت برپا ڪئي، ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙن ماڻهن کيس اڄ تائين معاف نه ڪيو آهي، سندس اهيا وڏي غلطي چئبي۔ ايوب صاحب کي چار پٽ پيدا ٿيا، شاه محمد، شاه زمان، مسعود احمد، خالد محمود۔


    پير الاهي بخش ​


    پير صاحب 1897ع ۾ دادو جي هڪ ڳوٺ پير جو ڳوٺ ۾ جنم ورتو سندس وڏا پيري مريدي سان پڻ تعلق رکندا هئا. پير صاحب جي اصل ذات پنهور آهي پر سندن خانداني پيري مريدي جي ڪري هنن کي پير سڏيو وڃي ٿو، پير صاحب جي والد جو نالو پير نوازعلي هو، پير صاحب شروعاتي تعليم دادو جي هڪ ننڍي شهر ڀان سعيد آباد ۾ حاصل ڪئي تنهن کانپوء ناز هاء اسڪول خيرپور ميرس مان ميئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري مسلم علي ڳڙه يونيورسٽي مان اعله تعليم حاصل ڪيائون، پير صاحب هڪ بااخلاق شريف شخص هئا، پاڻ هميشه عوام جي خدمت کي ترجيح ڏنائون، ۽ هر حال ۾ عوام جي خدمت ڪندا رهيا، پوء ڀلي اقتدار ۾ هجن يا نه، پير صاحب جي دور حڪومت ۾ سنڌ اندر ڪافي ڪم ٿيا، جنهن جو ذڪر هت نه ڪرڻ ناانصافي برابر ٿيندو،
    پير صاحب جي دور حڪمت ۾ سنڌ مسلم ڪاليج برپا ٿيو، سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي، سنڌ اندر زوري ۽ مفت تعليم رائج ٿي، تنهن کان علاوه تعليم بالغان لاء زور ڏنو ويو،
    پير صاحب کي پنج پٽ ٿيا، ميان محمد نواز، ميان شاه نواز، ميان عبدالمجيد، ميان عبدالرشيد۔
    پير صاحب جي نالي تي ڪراچي ۾ پي آء بي ڪالوني پڻ جوڙائي وئي جيڪا اڄ به ڪراچي ۾ موجود آهي.
    موجوده سينئر وزير مظهر الحق سندس پوٽو آهي،
    پير صاحب 08 آڪٽومبر 1975 ۾ وفات ڪئي.


    يوسف هارون ​


    ملڪ جا بهترين سياستدانن ۾ يوسف هارون جو نالو پڻ سر فهرست آهي. يوسف هارون 1916ع ۾ سر عبدالله هارون جي گهر ۾ پيدا ٿيا، سندن والد سر عبدالله هارون پڻ هڪ بهترين سياستدان ۽ بهترين کنڊ جا وڏا واپاري هئا، ’موجوده دور ۾ ڊان گروپ جي مالڪان مان آهن، هارون فيملي اصل ۾ ڪڇ جي علائقي جا هندو لوهاڻه هئا۔ جيڪي پوء مسلمان ٿيا، هن خاندان ۾ ابو بڪر نالي هڪ شخص هو جنهن کي هڪ پٽ هارون نالي پيدا ٿيو، جو سنڌ تي انگريزن جي قبضي ٿيڻ بعد 1858ع ڌاري واپار جي خيال کان سنڌ ۾ آيو، جنهن جي نالي پٺيان هي هارون فيملي سڏجي ٿي،

    قاضي فضل الله ​



    قاضي فضل الله 15 جنوري 1902ع ۾ نوشهري جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا سندس والد جو نالو قاضي ميان عبيدالله هو، جيڪو هڪ پرائمري استاد هو، قاِضي فضل شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪري پوء نوشهري مدرسه هاء اسڪول ۾ داخل ٿيا ، تنهن کانپوء سنڌ مدرسه ڪراچي مان ميٽرڪ ڪيائين، قاضي صاحب تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء 1931ع ۾ وڪالت شروع ڪئي،1939ع ۾ هي ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ لاڙڪاڻي جو چيئر مين پڻ چونڊيو ويو.


    عبدالستار پيرزاده​


    هي سکر شهر جي مشهور ولي الله خيرالدين جي درگاه تي پيرزادن جو خاندان آهي،
    عبدالستار پيزاده صاحب ملڪ جي مشهور شخصيت عبدالحفيظ پيرزاده جو والد محترم هئا. پيرزاده صاحب 4 جولاء 1907ع ۾ سکر ۾ پيدا ٿيا، سندس والد جو نالو عبدالرحمان هو، شروعاتي تعليم سکر جي سنڌي اسڪول مان ورتائون تنهن کانپوء تلڪ ميونسپل اسڪول سکر مان ميٽرڪ ڪري انٽر آرٽس ۾ ڪري ۽ انگلينڊ مان اعله تعليم حاصل ڪري آيا، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء وڪالت شروع ڪيائون، ان سان گڏ سياست ۾ پڻ دلچسپي ورتائون ، ۽ چونڊن ۾ حصو پڻ ورتائون ۽ سنڌ جو بمبئي کان الڳ ٿيڻ کانپوء سکر مان سنڌ اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا۔، اهڙي ريت سنڌ جو وڏو وزير پڻ بڻيا.


    ممتاز علي خان ڀٽو​


    ممتاز علي ڀٽو صاحب 29 نومبر 1933ع ۾ ڳوٺ پير بخش ڀٽو ضلعه لاڙڪاڻه ۾ پيدا ٿيا ممتاز صاحب پنهنجي سياست جي شروعات جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي سان ڪئي، ممتاز صاحب پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ميمبرن مان آهن ممتاز صاحب 32 سالن جي عمر ۾ سياست ۾ پير رکيو، ۽ 32 سالن جي عمر ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، ممتاز صاحب 1970 ۾ ايوب کهڙي جي مخالفت ۾ اليڪشن لڙيو ۽ ڀرپور ڪاميابي ماڻي، ممتاز صاحب جڏهن سنڌ جا وڏا وزير ٿيا ته هنن اهيو پڻ علان ڪيو ته سنڌ صوبي جي سرڪاري زبان سنڌي آهي۔ تنهن کانپوء پنهنجي هڪ الڳ پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ جي نالي سان ٺاهيائون، ممتاز صاحب شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوء آڪسفورڊ يونيورسٽي لندن مان ماسٽرس پڻ ڪيائون. پاڻ ملڪ جي ڄاتل سڃاتل شخصيتن مان آهن
    غلام مصطفه خان جتوئي ​



    غلام مصطفه جتوئي صاحب 14آگسٽ 1931ع ۾ نوان جتوئي ِلعه نوشهرو فيروز سنڌ ۾ پيدا ٿيا، سندس والد جو نالو غلام رسول جتوئي هو، جيڪو سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهي چڪو هو، 1946ع کان 1952ع تائين، ۽ سندس ڏاڏو خانبهادر امام بخش خان جتوئي پڻ بمبئي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر رهي چڪو هو،جتوئي صاحب پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ميمبرن مان آهن، ۽ پوء پيپلز پارٽي سان اختلافن جي ڪري پيپلز پارٽي ڇڏي پنهنجي هڪ پارٽي نيشنل پيپلز پارٽي ٺاهيائون، جتوئي صاحب نوابشاه ڊسٽرڪ برڊ جا چيئرمين پڻ رهيا، جتوئي صاحب پنهنجي سياست جي شروعات 1956ع ۾ ڪري چڪا هئا۔ ۽ 1956ع ۾ ويسٽ پاڪستان جا صوبائي پهريان ميمبر پڻ چونڊيا ويا۔ جڏهن چونڊيل وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي صدر اسحاق ختم ڪيو ته ان وقت جناب غلام مصطفه صاحب کي ملڪ جو نگران وزيراعظم بنايو ويو، جتوئي صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ سٺي ڪردار جا مالڪ هئا، جتوئي صاحب 20 نومبر 2009ع تي وفات ڪري ويا.


    غوث علي شاه​


    غوث علي شاه صاحب 01 جنوري 1934ع ۾ پيدا ٿيا، غوث علي شاه صاحب سيڪنڊري تعليم ناز اسڪول خيرپور ميرس مان حاصل ڪرڻ کانپوء ڪراچي لاء ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائون، سيد صاحب 1979ع ۾ وڪالت جي پڻ پريڪٽس ڪئي، سيد صاحب پاڪستان جا مڃيل وڪيل مان آهن، کيس ڇهه ٻار آهن، سندن نالا هيٺ ڏجن ٿا، سيد شبير حيدر شاه، ڊاڪٽر علي حيدر شاه، عامر حيدر شاه، سيد فرحان حيدر شاه، باقي کيس ٻه نياڻيون آهن، سندس تعلق پاڪستان مسلم ليگ ن گروپ سان آهي، پاڻ هڪ بهترين سياستدان جي حيثيت سان سڃاتا وڃڻ ٿا. شاه صاحب نواز حڪومت ختم ٿيڻ کانپوء آڪٽومبر 2001ع کان 17 آگست 2008ع تائين لنڊن ۾ رهيا،


    سيد قائم علي شاه ​

    سيد قائم علي شاه صاحب سنڌ جي تاريخي شهر خير پور ميرس ۾هڪ مڊل ڪلاس ۽ پڙهيل لکيل فيملي ۾ 1930ع ڌاري پيدا ٿيا. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺان حاصل ڪرڻ کانپوء ايل ايل بي جي ڊگري پڻ ايس ايم لا ڪاليج مان حاصل ڪيائون، پاڻ هڪ پروفيشنل جي حساب سان وڪيل آهن، جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيا، ۽ ء ڀٽو دور ۾ وفاقي وزير پڻ رهيا آهن، پاڻ پاڪستان پيپلز پارٽي سان واسطو رکن ٿا، سيد صاحب پاڪستان پيپلز پارٽي صوبه سنڌ جا صدر پڻ آهن، ، سيد صاحب سنڌ جا ٻه ڀيرا وڏا وزير رهي چڪا آهن شاه صاحب کي چار پٽ ۽ ست نياڻيون آهن، ۽ سڀ جو سڀ تعليم يافته آهن، ۽ تقريبن سڀ جو سڀ سرڪاري نوڪرين ۾ آهن، سندس وڏو پٽ سيد مظفر حسين شاه بلوچستان ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي،
    سندس ٻيو پٽ لياقت علي شاه ڊاڪٽر آهي، سندس نياڻي نفيسه شاه هڪ تعليم يافته عورت آهي، ۽ ٻاهران ڊاڪٽريٽ ڪري آئي آهي، ۽ سنڌ ۾ انساني حقوق جي حقن واري تنظيم لاء ڪم ڪري رهي آهي۔
    .


    لياقت علي جتوئي ​


    لياقت علي جتوئي صاحب 05 جنوري 1948ع ۾ دادو ضلعي جي ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ۾ پيدا ٿيا، سندس والد جو نالو عبدالحميد خان جتوئي هو، سندس والد هڪ قوم پرست شخصت طور مڃيو ويندو هو، سندس والد جا فيصلا انصاف تي ٻڌل هوندا هئا، سندس فيصلن جي هاڪ پوري سنڌ ۾ مشهور آهي، لياقت جتوئي صاحب لاء اهيو پڻ چيو ويندو آهي ته پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار پڻ رهيا آهن، لياقت صاحب سنڌ جي وڏي وزير کانسواء وفاقي وزير پڻ رهي چڪا آهن، پاڻ ملڪ جي مشهور پارٽي مسلم ليگ ن گروپ سان تعلق رکندا هئا، پر نواز حڪومت ختم ٿيڻ تي عقل ۽ دانائي کي استعمال ڪندي نواز ليگ کي ڇڏي جنرل پرويز مشرف جي راتورات ٺهندڙ پارٽي مسلم ليگ ق گروپ ۾ شموليت اختيار ڪيائين۔


    عظيم دائود پوٽه ​

    ايئر مارشل عظيم دائود پوٽه 14 سيپٽمبر 1933ع ۾ بمبئي ۾ پيدا ٿيا، سندن خاندان جو تعلق دادو جي هڪ ڳوٺ ٽلٽي سان آهي، جيڪو دادو شهر کان تقريبن 10 ڪلو ميٽر پري آهي، سندس والد سنڌ جو عظيم انسان اديب، ۽ عالم جناب علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه جن هئا، جيڪي ڪنهن تٿرف جا محتاج ڪونهن، عظيم صاحب تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء 1951ع ۾ رايل ايئر فورس جوائن ڪيائون، دائودپوٽه صاحب پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لا۔ينس جا چيئرمين ۽ ڊاريڪٽر پڻ رهيا، جنوري1986ع کان اپريل 1990ع تائين، تنهن کانپوء پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جا پڻ چيئر مين رهيا، ۽ رٽائر ٿيڻ کانپوء جنرل مشرف دور ۾ سنڌ جا گوورنر ۽ وڏا وزير رهيا. کيس سرڪاري مڃتا طور هيٺيان ايوارڊ پڻ مليا، ستارا جرئت، ستارا امتياز، هلال امتياز،

    علي محمد مهر ​

    علي محمد مهر ڳوٺ خان ڳڙه مهر ضلعه گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيا، هي اصل ڀٽي راجپوٽ قبيلي سان تعلق رکن ٿا،، مهر روهڙي واري پاسي تمام گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا، مهرن لاء مختلف روايتون آهن ، ڪن جو چوڻ آهي ته هي عرب نسل آهن، ۽ محمد بن قاسم سان سنڌ ۾ آيا هئا۔ جڏهن ته تاريخي ڪتاب تاريخ راجستان ۾ لکيل آهي ته مهر راجپوتن جي شاهي گهراڻي جي ٽيهين پيڙهي مان آهن۔ ،

    ارباب غلام رحيم ​


    ارباب غلام رحيم 15 سيپٽمبر 1957ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ پيدا ٿيا، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان تعليم حاصل ڪري سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتائون، ارباب صاحب جڏهن يونيورسٽي جي چوٿين سال ۾ هئا ته سياست جي شروعات ڪيائون، 1981ع ۾ جنرل ضياء جي تعاون سان ٿرپارڪر ضياء ڪائونسل چيئرمين چونڊيا ويا، ارباب صاحب چار ڀيرا قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا، ان کان علاوه هڪ ڀيرو صوبائي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا ۽ ۽ مشرف دور ۾ جنرل پرويز مشرف سان ويجها تعلق هجڻ جي ڪري سنڌ جا وڏا وزير پڻ بڻيا، ارباب صاحب پنهنجي تر جا سٺا نالي وارا زميدار پڻ آهن، ۽ ٿر جي ماڻهن تي وڏو روب تاب رکن ٿا۔


    سيد عبدالله شاه ​



    سيد عبدالله شاه 1934ع ۾ دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ واهڙ ۾ پيدا ٿيا، شروعاتي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪري دادو شهر جي پرمانند هرداس پائليٽ سيڪنڊري اسڪول مان ميئٽرڪ ڪيائون، پاڻ هڪ بهترين وڪيل رهي چڪا آهن. سندن سياسي تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي سان هو، شاه صاحب اسپيڪر ، ڊپٽي اسپيڪر، صوبائي وزير، ۽ سنڌ جا وڏا وزير رهي چڪا آهن، پاڻ 1997ع کان 2007ع تائين جلاوطن پڻ رهيا، سيد صاحب سنڌ جا بهادر وڏا وزير سمجها ويندا آهن، سيد صاحب جي سندس ئي دور ۾ سندس ڀاء سيد احسان علي شاه کي ڪراچي ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو الزام ڪراچي جي لوڪل پارٽي ايم ڪيو ايم تي لڳايو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراه الطاف حسين جي ڀاء ۽ ڀائيٽئي جو قتل ٿيو، جنهن لاء پڻ اهيو چيو ويندو آهي ته اهو سيد عبدالله شاه پنهنجي ڀاء جو پلاند ورتو هو۔ باقي خبر الله کي۔ سيد صاحب يارويس ۽ دوستن جي ڪم اڃڻ وارو شخص هو، سيد صاحب 2007ع ۾ ڪراچي جي ضياء الدين اسپتال ۾ وفات ڪري ويا،


    الله بخش سومرو

    [​IMG]
    پير الاهي بخش

    [​IMG]
    قاضي فضل الله



    [​IMG]

    هارون فيملي ( عبدالله هارون، يوسف هارون، محمود هارون وغيره)

    [​IMG]
    پيرزاده عبدالستار


    [​IMG]
    لياقت علي خان جتوئي

    [​IMG]
    سيد عبدالله شاه

    [​IMG]
    سيد غوث علي شاه

    [​IMG]
    ايئر مارشل عظيم دائودپوٽه

    [​IMG]
    ارباب غلام رحيم

    [​IMG]



    نوٽ مٿين شخصيتن جو هت صرف مختصر تعارف ڏنو ويو آهي، باقي انشاءالله ايندڙ وقت ۾ انهن شخصيتن جو تفصيلي احوال پڻ ڏنو ويندو۔
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جا وڏا وزير، دور حڪومت ۽ انهن جو مختصر تعارف

    سر غلام حسين هدايتالله

    [​IMG]

    محمد ايوب کهڙو
    [​IMG]

    غلام مصطفه خان جتوئي

    [​IMG]


    ممتاز علي خان ڀٽو

    [​IMG]

    مژظفر علي شاه

    [​IMG]
    آفتاب شعبان ميراڻي

    [​IMG]
    علي محمد مهر

    [​IMG]

    سيد قائم علي شاه



    [​IMG]

    ڄام صادق علي

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏23 ڊسمبر 2013
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ جا وڏا وزير، دور حڪومت ۽ انهن جو مختصر تعارف

    واه سائين واه

    تمام بهترين معلومات ڏني آهي توهان اڄ انهن چڳن مڙسن جو شجرو پڙهي ڪري اصل لڳ ئي ٺري ويا

    بهترييييييييييييييييييييييييييييين معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان کي مبارڪون هجن

    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو


    سدائين گڏ
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جا وڏا وزير، دور حڪومت ۽ انهن جو مختصر تعارف

    ادا ڦلپوٽه صاحب اوهان جي مهرباني جو اوهان منهنجي تحرير کي پسند ڪيو۔

    ماء هڪ اهڙي نعمت آهي، جنهن جو قدر شايد مون جهڙو ماڻهون ئي ڄاڻي يا اهو ماڻهون ڄاڻي ٿو جنهن جي ماء جهڙي نعمت حال حيات نه آهي، ماء اهو گهاٽو وڻ آهي، جنهن هيٺان جون مهيني جي سج جي به تپش اثر ناهي ڪندي ۽ هر تپش کي پاڻ برداش ڪري اسان مٿان گهاٽي ڇانو ميسر ڪندي آهي۔
    اسان جي سهڻي رسول حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم جن وٽ هڪ شخص آيو ۽ عرض ڪيائين ته سائين سڀ کان وڌيڪ سهڻي اخلاق جو حق ڪنهنجو آهي۔
    حضُور سائين جن جواب ڏنو۔ته تنهنجي ماء جو ، ان شخص وري ساڳيو سوال ڪيو۔ ۽ وري حضُور سائين جن ساڳيو جواب تنهنجي ماء جو۔ ۽ ان شخص وري ٽيون ڀيرو ساڳيو سوال ڪيو ۽ حضور سائين جن وري ٽيون ڀيرو جواب ڏنو ته تنهنجي ماء جو۔ ۽ جڏهن چٿون ڀيرو ساڳيو سوال ڪيو ته حضور سائين جواب ڏنو ته تنهنجي پيءُ جو۔
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ جا وڏا وزير، دور حڪومت ۽ انهن جو مختصر تعارف

    سائين ممتاز علي پيارا اوهان جي تحرير فقط سهڻي فقير سائين کي نه بلڪ اسان کي به تمام پسند آهي ليڪن بجلي بيوفا لکڻ نه ٿي ڏئي پڙهي بس ڪري لکڻ جي تياري ڪر ته اڳيئي بريڪ ڊائون دعا ڪيو ته ڪو سنڌ ۾ سڌارو اچي ڪو سلڇڻو سنڌين جو سڄڻ اچي ته هنن آزارن مان جند آزاد ٿئي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو