مان اعتراف ٿو ڪريان ته .....يار محمد شاھ

'مقالا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مان اعتراف ٿو ڪريان ته مون کي پنهنجو لطيف انٽرنيشنل ٽي وي چئنل کولڻ جو هڪ شاندار موقعو مليو هو، جيڪو مون ضايع ڪري پاڻ کان وڌيڪ سنڌ ۽ سنڌ واسين سان زيادتي ڪئي. انهيءَ چينل ذريعي مان شاهه لطيف ڀٽائي ۽ سندس فڪر کي سڄي دنيا ۾ عام ڪريان ها ۽ ”عالم سڀ آباد ڪرين“ جي پرچار ڪيان ها.

    ان چئنل لاءِ مون کي فنڊنگ به ملي رهي هئي. رٽائرڊ ڪامورن، اين جي اوز ۽ ٻين ادارن پاران پئسن ملڻ جو به پڪو انتظام ٿي چُڪو هو پر مان ڪوبه ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ استخارا ڪڍائي پوءِ بسم الله ڪندو آهيان. پر استخارا اهو نتيجو ڏنو ته اهي فنڊ تنهنجي لاءِ مناسب ناهن سو تون ان پراجيڪٽ ۾ هٿ نه وجھه. جڏهن ته اڳتي هلي ڪن ديني عالمن چيو ته صلاح ڪرين ها ته ڪا جائز وچين راهه ڪڍي وٺون ها جيڪا موجود به هئي. بهرحال جيڪو ٿيو سو ٿيو پر هاڻي منهنجو ارادو آهي ته لطيف تعليمي چئنل کوليان ۽ اهو انشاءَ الله پنهنجن پئسن سان شروع ڪندس. هتي مان اهو به ٻڌائيندو هلان ته جڏهن مان لطيف ٽي وي چئنل کولڻ جو ارادو ڪيو هو ته تڏهن ڪوبه سنڌي پرائيويٽ ٽي وي چئنل موجود نه هو، پر جڏهن منهنجو چئنل کولڻ جو پروگرام ختم ٿيو ته پوءِ ٻين شروعاتي سنڌي ٽي وي چئنلن کي کولرائڻ ۾ مون بنيادي ڪردار ادا ڪيو. جنهن جو انهن ٽي وي چئنلن جا مالڪ به اعتراف ڪندا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو