• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پڙهائڻ ۽ پڙهڻ ڏکيا ڪم آهن

منصور سرور

سينيئر رڪن
عبدالعزيز چنڊ
پڙهڻ ۽ پڙهائڻ مشڪل ڪم آهي. انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ استاد يا شاگرد ٿيڻو پوندو، پوءِ جڏهن صرف پڙهائڻ جي ڳالهه ڪبي ته استاد ٿيڻ جا مسئلا ۽ ڏچا سامهون ايندا. اصل مسئلو اهو ناهي ته ٻيا ڪم ۽ پروفيشن آسان آهن. ليڪن اهو فيصلو ضرور ڪرڻو پوندو ته ڪنهن ڪم يا پروفيشن جي اهميت ڪيتري ۽ ڪهڙي آهي ۽ اُن سان لاڳو مشڪلاتون ڪهڙيون آهن. وري انهيءَ کان به اهم ڳالهه آهي ته بجاءِ دليل ڏئي، ثابت ڪجي ته هي خيال درست آهي يا هوءَ ڳالهه صحيح آهي مگر اصل مسئلو آهي ته انهيءَ ڳالهه کي محسوس (Feel) ڪجي.

جڏهن ڪو وزير يا امير يا ڪو آفيسر يا عام ماڻهو ڳالهه ڪندو ته چوندو، تعليم تباهه ٿي وئي ۽ تباهي جو سبب ۽ بار ماستر تي آهي. ماستر پڙهائي ته سڀ سڻائي ٿي وڃي. معنيٰ اها به ٿي سگهي ٿي ته ڪو ٻيو سڌري نه سڌري ”ماستر ضرور سڌري“ ڇو ته تعليم سان ئي سڌارو ممڪن آهي.

اُهو وڏيرو ساڳيا ڌنڌا ڪندو، امير جا لڇڻ ساڳيا رهڻ گهرجن، آفيسر ۽ وزير به ڪو نه سڌرندو باقي سڌرڻ جهڙي ڪا شيءِ رهي آ ته اُهو آهي ”ماستر“. وري اِهي اڪابر ڪاوڙبا ته مثال ڏيندا، سائين ماستر اسان جي زماني جا- سائين استاد الهڏنو مرحوم اڄ به ڪو نه ٿو وسري. Tense انگريز جا اهڙا پڙهايائين جو اڄ به برزبان ياد آهن. ڳالهه جي انت تائين پهچو ته چوڻ ڇا ٿو چاهي وزير يا امير صاحب معنيٰ ته سڄي زندگيءَ ۾ استاد الهڏنو ئي واحد ڀلو استاد هو جنهن جا پڙهايل Tense کيس ياد آهن. بقايا 50 يا سئو استادن سان واسطو پيو هوندس پهرين ڪلاس کان وٺي Post Graduates تائين، اُهي ڇا هئا، انهن جي پڙهائي ڪهڙي هئي. ڇا انهن سڀني جي پڙهايل هڪڙي هڪڙي رڳو point ياد هجيس هوند ته به هر شيءِ جو ماهر ٿيو ويٺو هجي ها. ٻيو ته استاد الهڏني به رڳو Tense پڙهايس ۽ همراهه کي سمجهه ۾ آيا. بقايا انگريزي ڪهڙن استادن کان پڙهيو، الجبرا ياد اٿس.Trigonometry ياد اٿس. ڪا Chemistry جي equation ذهن ۾ رهجي ويس. معنيٰ ته استاد کي tribute پيش ڪرڻ عظيم ڳالهه. مگر ڪنهن هڪ استاد جي هڪ ڳالهه ياد ڪري، پنهنجن سڀني استادن تي خاڪ نه وجهو ۽ نه وري سڄي community تي ملامت ڪيو. جيڪڏهن وزير مير صاحب کي سڀ استاد ڀلا مليا ته انهن جا سڀئي شاگرد به هو خود ڊاڪٽر انجنيئر ڇو نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته اُنهيءَ وقت سڀني ماڻهن جو زور ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيڻ تي هوندو هو يا اڃا به آهي.

انهيءَ دليل جا گهڻا پهلو آهن. استاد به بيشڪ کڻي انهيءَ وقت جا معتبر ۽ ماهر علم هجن ۽ هئا پر ڇا سڀ شاگرد نه معتبر ها يا هوندا. جڏهن شاگرد ڪمزور هوندا ته ڇا استاد انهن سڀني کي هوشيار بنائي سگهندو.

عظيم فقيهه حضرت امام ابو حنفه وڏو قابل استاد ۽ امام آهي، هزارين شاگردن کي علم ڏنو هوندائين. تاريخ ۾ سڀ شاگرد سندس عظمت کي پهتا ۽ ڪجهه جو احوال ۽ علم پاڻ تائين پهتو. ٻيا ڪيڏانهن ويا. چوڻ جو ته استاد بهترين به آهي تڏهن به شاگردن جو چڱو هئڻ به شرط آهي ۽ شاگرد بهترين آهي ته هڪ اڌ استاد به کيس سٺي ٺيڪ ڏئي ويندو.

استاد ۽ شاگرد، جيڪڏهن ڪمزور ٿيا آهن ته ڇا هو پاڻهي ويٺي ويٺي ڪمزور ٿي ويا آهن يا ڪو خارجي سبب آهي يا سبب آهن.

جيڪڏهن نظر ٿا ڊوڙايون ته impression اهو ٿو ملي ته جهڙوڪر سماج جا ٻيا طبقا سگها ٿيا آهن. وڌيڪ معتبر ٿيا آهن ۽ قابل ٿيا آهن اگهو ٿيو آهي يا ته ماستر يا شاگرد. اڳي جا ماستر به ڀلا ۽ شاگرد به ڀلو، اڄ Banker ڀلو، ڪلرڪ ڀلو، پوليس وارو ڀلو، وڪيل ڀلو، ويندي جيڪو توهان سان گڏ 30 سال استاد رهيو، ڪالهه ……… ٿي ويو سو به چوندو ”سچي ڳالهه اها آهي ته ماستر کي رڳو کپي موڪل“ يڪدم پويان 30 سال پاڻ ڇا هو وساري ويهندو.

امير وزير جي ڳالهه ڇڏ- نه پڙهيو، جيئن تيئن ڪري مشرف جي ڊپ کان B.A ڪيائين. ڪن ته پاڻ ڪئي، ڪن جو ٻڌوسين ته سنگت کان ونگار ڪرايائون ۽ B.A پاس ٿي ويس. ننڍا وڏا ڪارناما ڪيائون (؟) چند سال جيل گذاريائون. نڪتا ته ڪي وزير ته ڪي امير. هتي غريب ۽ متوسط طبقي جو ماڻهو هڪ ڏينهن نه ٿو ڪمائي ته ٻچا ٿا بُک مرن. هو همراهه چار سال جهڙوڪر تيل جو کوهه کوٽيو ويهيو رهي. مجال آهي جو کيس يا اولاد کي ويلو لنگهڻ تي گذارڻ نصيب ٿئي.

اُهو همراهه جڏهن ووٽ وٺي (پنهنجي قائد جي نالي تي) ميدان ۾ ايندو ته پنهنجو گهر پئسن سان ۽ عوام جو واعدن سان ڀريندو. چوندو ته اسين ڪجهه به نه آهيون. اصل ۾ اسان تي قائد جي مهرباني آهي. ٻي معنيٰ اها آهي ته اصل شيءِ ته قائد آهي اسين ته china جو مال آهيون. قائد جو سهارو نه هُجي ته ماڻهو نه اسان جي بيٽري سلامت ڇڏين نه وري اسان واري SIM ڪنهن کي هٿ اچي.

انهيءَ ماحول ۾ جتي سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ مري وڃي. محض بڪواس ۽ داٻا وڃي رهن. انهيءَ ۾ فلاح نه ٿيندي. برڪت نه ٿيندي.

اڄ به ايمانداري سان وزير ۽ امير ويهن هڪ هڪ ڪري مسئلي کي وٺن. هڪ مائٽ يا هڪ دوست يا ڪنهن خاص سبب جي merit جو قتل نه ڪن ته اُميد ڪجي ٿي ته حالتن ۾ Improvement اچي سگهي ٿي.

بيشڪ تعليم جي عظيم عمارت کي، جنهن جا Piler استاد ۽ شاگرد آهن، انهيءَ کي وڏو نقصان پهتو آهي ليڪن واويلا خوب ٿي چُڪي. اچو ته ڪنهن هڪڙي Point کان شروع ڪيون.

- پهرين ڳالهه ڀرتي merit تي ڪيو، استاد اُهو ٿيندو جيڪو شروع کان A/B گريڊ هجي.

- سندس Written ۽ Oral ٽيست ٿيندي جيڪا پاڪستان جي معتبر ترين اداري کان ڪرائي ويندي.

- سندس ٽيسٽ CSS NIPE جي طرز تي ٿيندي.

- کيس پگهار ۽ ترقي اُنهي معيار تي ملندي. ائين ڪو نه ٿيندو ته OGDC جو هيلپر به ليڪچرر کان وڌيڪ پگهار کڻندو يا Bank جو گارڊ به ڪنهن ماستر کان پگهار ۽ سهولتن ۾ سگهارو هوندو. استاد ٺاهيندڙرازو/معمار آهي، ٻيا سڀ طبقا سندس پيداوار ۽ مددگار آهن.

- سندس پوسٽنگ ڪٿي به ڪري کيس سهولتون (رهائش+ ٽرانسپورٽ) وغيره مهيا ڪئي وڃي.

- ٻهراڙي ۾ وڌيڪ الائونس ڏئي attraction پيدا ڪري قابل ۽ fresh استادن کي موڪيلو وڃي.

- توهان کان ايترو نه ٿو پڄي جو ٻهراڙي ۽ شهر جا House rent ۽ convance هڪ جيترو ڪري سگهو. ڪير شهر جون سهولتون ڇڏي وڌيڪ پگهار ۽ الائونس ڇڏي، ٻهراڙي ۾ ويندو. باقي وزير امير چوندو ته ”جذبو پيدا ڪيو“ کاڌو ايترو مهانگو آهي جو ماستر جو رت ئي سُڪي ويو آهي. همت ڪري 10، 12 ٻار پيدا ڪيائين اها ئي وڏي غنيمت آهي. باقي رهيو ڇا آهي جو اڃا به ڪجهه پيدا ڪري. جذبو ته وڃي پيو کڏ ۾ ۽ اهي ٻار وڏا ٿي وري انهيءَ وزير جي پٽ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا. ماستر غربت ۾ مرندو. وزير ۽ سندس اولاد ڦاٽي مرندا.

ڳالهه شروع ٿي هئي ته پڙهائڻ ڏکيو ڪم آهي. اڄ جي دور ۾ جڏهن هر شيءِ جو مُلهه ٿي پيو آهي اُنهيءَ بيگاني دور ۾ ماستر جو مُلهه نه رهيو آهي مٿان ڪو چوي ته استاد ٽيوشن ٿا ڪن، سي به چند آهن لک ماسترن جو نوڪري ۾ جي هجي ته لک جو لک يا ٽيوشن يا ٻيو ڪو ڪاروبار ڪو نه ڪندا هوندا.

ڪاپي ڪلچر، پئسن تي مارڪون ۽ ٻيا آسرا، ٻار کي انهيءَ طرف راغب ڪيو ويو آهي، اهو جن بوتل ۾ بند ڪرڻ جون ڪافي ڪوششون ٿيون آهن ليڪن ڪجهه نه ٿيو. انهيءَ لاءِ.

هر ضلعي يا تعلقي سطح تي خاص سينٽر ٺهرايا وڃن. ساڳي طرز تي سخت نگراني هيٺ هر ٽئين مهيني، نائين ڏهين ۽ يارهين ٻارهين جا امتحان ورتا وڃن، جيڪي ٻار همت ڪري اُهو پاس ڪن اُنهن کي ترجيح ڏئي اڳتي آندو وڃي جيئن اڳئين وقت ۾ پنجين درجي ۾ هوشيار ٻارن کان اسڪالر شپ جو امتحان وٺندا هئا. پنجون عام امتحان سڀ پاس ڪندا هئا باقي خاص هوشيار اسڪالر شپ ماڻيندا هئا.

انهيءَ سستم سان جنرل امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر کي ڌڪ رسندو ته حقدار ٻار سخت امتحان ۽ سچو امتحان ڏئي سرخرو ٿيندا. هن سسٽم ۾ ته ڪاپي ڪيو، پئسا ڏيو، جڏا ٻار هوشيار ٻارن کي ماريو وڃن ۽ جڏهن انٽري تيسٽ ڏين ته ڦهه پٽ تي.

متان ڪو چوي ته اها Discrimination ٿي ويندي، ڪا نه ٿيندي. ڇو ته تعليم سڀني جو حق آهي ليڪن پهريون نمبر اچڻ هوشيار ۽ محنتي جو حق آهي، نه ڪي ڪاپي ڪندڙ جو يا پئسا ڏئي مارڪون وٺندڙ جو.

ڇا هنن چند points تي عمل ممڪن آهي. جي ڪڏهن آهي ته ڪيتري وقت ۾ ڪو امير وزير انهيءَ تي غور ڪرڻ، بحث ڪرڻ ۽ انهيءَ کي نافذ ڪرڻ ۾ سچو ۽ وس وارو آهي ۽ جيڪڏهن آهي ته جي بسم الله.
 
سنڌ جي تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ هن مضمون ۾ آيل پوائنٽون تي عمل جي ضرورت آهي، جيئن ته استاد قوم جو معمار آهي، ان لاءِ عزيز صاحب جو مضمون سنڌ جي تعليمي عملدارن لاءِ غور طلب آهي
 
Back
Top