سندس يادگار اسٽيج ڊرامو انڪوائري آفيسر تمام مشهور هيو. سندس جنازي نماز اڄ صبح جو 9 وڳي ٽنڊوڄام ۾ ادا ڪئي وئي.
منهنجي خيال ۾ انڪوائري آفيسر (ڪتاب) مرزا قليچ بيگ جو تصنيف ڪيل ڊرامو آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 76 صفحا آهن. اِن جو ڇاپو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سال 1966ع ۾ شايع ڪيو۽ اهيو ڊرامو اسرار شام جو ناهي هي ڊرامو ڪتابي صورت ۾ مون وٽ موجود آهي.. اسرار شام سان .منهنجي ذاتي دوستي هئي، جڏهن پاڻ سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن شروع ڪيو هئائين تڏهن دادو شهر لاء ڪاپيون وڪرو ڪرڻ لاء مون کي چونڊيو هو.دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون معاف ڪري جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري. سندس نالو اهڙو آهي جو مان پهرين کيس هندو سمجهندو هئس.
اسرار شام: سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناليواري ليکڪ ۽ صحافي
-اسرار شام- جو جنم 29 مارچ 1954ع ڌاري ٽنڊي ڄام جي هڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو حاجي محمد جمعو ميمڻ هو. اسرار جو اصل نالو اسرار احمد ميمڻ آهي. هو ابتدا ۾ روزاني ”سنڌ نيوز“
-اخبار- جو اسٽاف رپورٽر رهيو، بعد ۾ 1987ع کان وٺي سنڌي ٻارڙن لاءِ علمي، ادبي، ثقافتي، معلوماتي ۽ تفريحي ڪتابي سلسلو شروع ڪيائين، جنهن جو نالو ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“ رکيائين. هن وقت تائين
-ان- ڪتابي سلسلي جا 122کان وڌيڪ ڪتابڙا منظرعام تي اچي چڪا آهن. پاڻ وقت بوقت سنڌي ٻارڙن لاءِ مختلف تفريحي پروگرامن جو بندوبست پڻ ڪندو رهيو آهي. سنڌي ۽
-اردو- اسٽيج ڊرامن جي فيلڊ ۾ به وڏو حصو ورتو اٿس. مشهور اسٽيچ ناٽڪ ”لوئي لڄ“ جي گولڊن جوبلي شو تي کيس سونو
-تاج- پهرايو ويو. سندس طويل انٽرويوءَ تي مشتمل ڪتاب ”آئون ڪو ڄاڻان“ ڇپجي چڪو آهي، جڏهن ته پندرهن کن اڻ ڇپيل ڪتاب اٿس. سندس علمي ۽ ادبي ڪارنامن تي کيس مختلف سماجي تنظيمن طرفان اوارڊ ۽ ٻلا ڏنا ويا آهن....بشڪريه سنڌيانه
ڪتاب: ”وڌي جڏهن آئون وڏو ٿيندس“
سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران ڇپايل هن ڪتاب جو ليکڪ اسرار شام آهي، جنهن کي ڀوڳ چرچي ۾ آئون ”پراسرار شام“ چوندو آهي، جيتوڻيڪ هو پراسرار بلڪل ناهي، سنئون سڌو ماڻهو آهي، ”سڌي راند سونٽي“ جي ڄاڻندو آهي ۽ سندس دل ۾ ڪنهن لاءِ به ٻيائي ناهي هوندي. سندس شخصيت جي باري ۾ ڪجهه نه لکندس، جنهن جو هڪ سبب اهو آهي ته هو ڪنهن تعارف يا تعريف جو محتاج ناهي. ٻيو ته اسرار شام ايترو ته گهڻ رخو ماڻهو آهي جنهن تي تمام گهڻو لکي سگهجي ٿو. اهڙي شخصيت کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ منهنجي وس ۾ ناهي. ”وڌي جڏهن آئون وڏو ٿيندس“ ٻاراڻي مذاحيه ۽ اصلاحي ناٽڪن جو ڳٽڪو آهي، جنهن کي سولي سنڌي جو ويس ڍڪائي ٻارن جي پڙهڻ جهڙو بڻائڻ سندس ئي قابليت آهي. هن غير شادي شده هوندي به ٻارن لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي.
ڊاڪٽر فهميده حسين جي چوڻ موجب هنن ناٽڪن کي اسٽيج ڪري انهن جون سي ڊيز پڌريون ڪيون وينديون، جيڪي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ڪارائتيون ٿينديون. اسرار شام پاڻ ”ناٽڪ ۾ ناٽڪ“ جي عنوان سان لکي ٿو ته ”عالمي ادب جي حوالي سان خاص ڪري سڌريل ملڪن ۾ هن صنف تي وڌيڪ ڪم ٿيو آهي، ٻارن لاءِ ڪارٽون ٺاهيندڙ والٽ ڊزني ۽ ڊراما سيريز ”هيري پوٽر“ جو رڪارڊ ٽوڙ بزنس، ان جو کليو ثبوت آهي.“
ڪتاب جي مهڙ ۾ خالد آزاد ”سنڌي ۾ ٻارن لاءِ لکيل ناٽڪن جي ارتقا هڪ جائزو“ جي عنوان سان ٻارن لاءِ لکيل ۽ اسٽيج ڪيل ناٽڪن جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو آهي. اسرار شام نهايت خوبصورت ناٽڪڙا لکيا آهن ۽ ٻولي ايتري ته سولي آهي جون مون جهڙو سٺ سالن جو ٻار به آسانيءَ سان پڙهي حاصل مقصد ڪڍي سگهي ٿو. ڪتاب خوبصورت ڪاغذ تي ڇپايل آهي ۽ ٽائٽل ڪور به تمام سهڻو آهي.
”تعارف“
وفا مولا بخش قمبراڻيءَ لکيو آهي، جنهن جي چواڻي اسرار شام گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي پر سندس تعارف جو حوالو ٻارن جي ليکڪ وارو آهي. ٻاراڻي ادب سان سندس وابستگي اسڪول واري زماني کان آهي. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران غير سماجي سرگرمين ۽ حصي وٺڻ ۽ ٻارڙن جي تنظيمن ”ٻارڙن جي ٻاري“ ۽ ”بزم گلشن سنڌ“ سان لاڳاپيل هئڻ ڪري سندس لاڙو ٻاراڻي ادب طرف ٿيو. هن جي پهرين ڪهاڻي ”ڪتو ۽ بگهڙ“ جي عنوان سان ۱۹۷۴ع ۾ ”گل ڦل“ ڇپي. اڄ تائين سندس لاتعداد لکڻيون، ڊراما، ڪهاڻيون، ڪالم ۽ فيچر مختلف روزانه ۽ هفتيوار اخبارن جي صفحن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. آخر ۾ آئون اهو انڪشاف ڪندو هلان ته ڪجهه سال اڳ ملهايل ”ناٽڪ صدي“ جي نشاندهي ڪري ملهائڻ ۾ اهم ڪردار اسرار شام جو هو، جيڪو ڪريڊٽ ٻيا کڻي ويا.