صحافتي پيشو ۽ اندر جي حقيقت!!!! محمد علي بوزدار صحافت لفظ ضحيفه جي جمع صحف لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي پيغام پهچائڻ يعني پيغمبري پيشو اختيار ڪرڻ آهي. صحافت ڪرڻ هڪ غير معمولي پيشو آهي. صحافت جي تاريخ پيغمبر جي دور کان ملي جنهن جو ذڪر قران مجيد، ۽ حديثن ۾ پڻ آيو آهي. صحافت ان دور ۾ هئي جنهن ۾ دور ۾ الله جو موڪليل پيغام کجور ۽ وڻن جي پنن تي لکي عوام تائين پهچايو ويندو هو. صحافت جي تاريخ پراڻي تاريخ آهي، حقيقي تاريخ آهي. صحافت جي گهڻي پذيرائي سياست جي اچڻ بعد ٿي جڏهن سياست وجود ۾ آئي ته صحافت به عام ٿيڻ لڳي. ڇاڪاڻ ته عوام جي رسائي سياستدانن تائين، سياستدانن جي رسائي عوام تائين، دنيا جي ملڪن جي رسائي عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ صحافت جو اهم ڪردار رهيو آهي. 21 صدي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ اسان جي ملڪ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ صحافت هڪ مضبود ادارو ٿي سامهون آئي. ۽ هن وقت اسان جي معاشرو جو چوٿون ٿنب صحافت کي سمجهيو ويندو آهي. صحافت ڪندڙ صحافي جي زميواري هوندي آهي ته سرڪاري، سماجي، ملڪي ، غير ملڪي، عوام متعلق ضروري ڄاڻ عام ماڻهن تائين فرض شناسي سان عوام تائين پهچائين، وغيره وغيره. اليڪٽرونگ ميڊيا، جي اچڻ بعد پرنٽ ميڊيا جي پذيرائي ٿوري گهٽ ٿي ويئي جڏهن ته هن دور ۾ سوشل ميڊيا جي اچڻ بعد اليڪٽرونگ ميڊيا جي پذيرائي به ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ اهڙو دور اچي ويندو ته هر گهر ۾ 2 کان مٿي صحافت ڪندڙن ۾ شامل هوندا. هن دور ۾ اسان جي معاشري ۾ صحافتي پيشي کي خراب ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ اسان جي معاشرو ۽ اسان جا ادارا ملوث آهي، ادارن ۾ رشوت هجڻ، ويج بورڊ جو نه هجڻ، ادارن جي بليڪن ميلنگ ، وغيره وغيره شامل آهن. تعلقه سطح کان وٺي ملڪي سطح تائين صحافت ڪندڙ هميشه ڪنهن نه ڪنهن ڪرپشن ۾ ملوث مليا آهن. هن دور ۾ صحافت کي هڪ ڍال طول استعمال ڪيو ٿو وڃي، گهڻي تعداد ۾ غلط ڪم ڪندڙ ماڻهو، وڏو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو، ڏوهن ۾ ملوث ماڻهو، سرڪار ڊيوٽي ڪندڙ ماڻهو صحافت کي اختيار ڪرڻ جا خواهشمند نظر ايندا آهن. جيڪي پنهنجي ڪڌي ڪم کي لڪائڻ لاءِ، ڪاروبارن کي شيلٽر ڏيڻ لاءِ، ڪيل ڏوهه کان بچڻ لاءِ ، سرڪاري ڊيوٽين کان آجو ٿيڻ لاءِ صحافتي پيشو اختيار ڪيو ويندو آهي. اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ ڪيترائي صحافي سرڪاري نوڪرين ۾ بنا ڊيوٽين جي پگهارون کڻي صحافت جا مزا وٺي رهيا آهن. ڪو وقت هوندو هو ته ڪنهن سان ظلم ڏاڍ، جبر ٿيندو هو ته اهو مظلوم علائقي جي وڏيري، وڏ انصاف لاءِ ويندو هو پر هن ترقي يافته دور ۾ ظلم جي خلاف مظلوم ميڊيا ڏانهن رخ ڪندو آهي جيڪڏهن ميڊيا جو مثبت ڪردار نه رهيو ته هڪ ڏينهن ميڊيا پوئتي پئجي ويندي. اسان جي معاشري ۾ ننڍي سطح تي صحافي ٺاهڻ جو مشينون پڻ ايجاد ٿي ويون آهن، جن ڪمائي جو ذريعي بڻائي ڇڏيو آهي، ننڍن شهرن ۾ صحافت ڪرڻ لاءِ نيوز ايجنٽن جو اهم ڪردار هوندو آهي.اهي وري اهڙن ماڻهن جو سهارو وٺن ٿا جيڪي اهڙن ڪم ۾ ملوث هوندا آهن، جن کي 5 کان 10 ڪاپيون هلائڻ تي صحافتي ڪارڊ وٺرائي ڏنو ويندو آهي، پوءِ ڀلي هو ڪهڙو ڪم ڇو نه ڪندو هجي ان سان ادارن جو ڪوبه تعلق نه هوندو آهي. اهڙا ماڻهو وري صحافت جو غلط فائدو حاصل ڪندا آهن. ساڳي ريت ڪيترن ئي ادارن جا مالڪ پڻ صحافتي پيشي کي خراب ڪرڻ ۾ برابر جا ملوث آهن، ڇاڪاڻ تي هڪ ننڍي شهر توڙي وڏي شهر ۾ بنا ڪنهن تحقيق جي اخبارن جي سرڪيوليشن ۽ ملندڙ اشتهارن تي سودو ڪندي صحافي مقرر ڪيا ويندا آهن. جنهن سبب صحافتي پيشي ۾اهڙن ماڻهن جو تعداد وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ صحافي محنت سان ڪم ڪري ٿو ۽پنهنجو فرض کي فرض سمجهي نڀائي ٿو ته ان کي اسان جي معاشري جا ڪجهه صحافت دشمن عناصر هٽائڻ لاءِ ادارن کي اڳئين صحافي کان وڌيڪ بزنس ۽ وڌيڪ سرڪيوليشن توڙي ايڊوانس جون لالچون ڏيئي هٽايو ويندو آهي.ائين هڪ حقيقي آواز بلندڙ نه ٿي سگهندي آهي. ويج بورڊ جي به نه هجڻ ڪري اسان جي معاشري ۾ ننڍا ننڍا ادار قائم ٿي ويا آهن جنهن ۾ رڳو علائقي ۾ ماڻهن کا اشتهار توڙي سرڪيوليشن تي ڪارونهوار هلايو ٿو وڃي. صحافتي ادارون جي تعداد وڌڻ هڪ سٺو عمل آهي پر جيڪڏهن ان کي حقيقي صحافتي عمل ڪري نڀايو وڃي. اسان جي معاشري ۾ صحافي جي عزت ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي. ڪوبه آفيسر جيڪڏهن ڪنهن صحافي کي آفيس ۾ ايندي ڏسي ٿو ان کي دل سان نه پر مجبوري سان عزت ڏيئي ويهاريو ويندو آهي. واپس وڃڻ بعد جيڪي لفظ اسان جي معاشري ۾ صحافي لاءِ ڪڍيا ويندا آهن اهي چوڻ جهڙا نه آهن. اسان جي معاشري ۾ عام ماڻهو کي صحافي ٺاهڻ لاءِ ڪوبه معيار مقرر ٿيل نه آهي، پڙهيل لکيل هجي يا نه هجي، معاشري ۾ عزت هجي يا نه هجي،پوليس جي ڏوهن ۾ گهربل هجي يا نه هجي،ٻه نمبر ڪاروبار ڪندڙ هجي يا نه هجي انهي عمل کي اسان جا ادارا نٿا ڏسن. اهي ڏسن ٿا صرف ئي صرف ڪاروبار کي. هڪ صحافي کي مقرر ڪرڻ کان اهو هرگز نه پڇيو ويندو آهي ته ڪيتري تعليم آهي، ڪيتريو تجربو آهي، مگر اهوضرور پڇيو ويندو آهي ته اخبارون ڪيتريون هلائيندي ، سال ۾ ڪيترا اشتهار ڏيندي. جيڪو هنن سان ڳالهه سان متفق ٿئي ٿو ان کي صحافي مقرر ڪيو ويندو آهي، اهڙن معيار جا ڪي صحافي وري علائقي ۾ قائم اڏن تان منٿليو وٺن ٿا، آفيسرن کي اخبارون وٺڻ لاءِ در در ويندا آهن، ڪي اهڙا به صحافي ٿي گذريا آهن جيڪي اشتهارن جي مد ۾ دڪاندار توڙي، سياسي توڙي سماجي ماڻهن کي تنگ ڪندا نظر اچن ٿا. جيڪو اشتهار نه ڏي ان خلاف لکيو ويندو آهي، جڏهن ته حقيقي طور تي ڪرپشن ڪندڙن، توري غير قانوني اڏا هلائيندا توڙي ٻين علائقائي مسئلن بابت لکڻ وارن جو تعداد تمام ٿورو نظر ايندو آهي. صحافت جي اهڙي زوال کي ڏسندي اسان کي روئڻ ٿو اچي. ڇاڪاڻ تي پيغمبري پيشي کي اهڙي نموني لڄايو پيو وڃي جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. صحافتي پيشي ۾ ڪم ڪندڙن صحافين ۾ سرڪاري ملازمن جو تعداد ۾ گهڻو ٿو نظر اچي. ڇاڪاڻ تي اهڙا صحافي ڪنهن سياستدانن جي بنگلن تي حاضري ڀريندي ڀريندي سرڪاريو نوڪرين جون سهوليتون حاصل ڪري وٺن ٿا. اهڙا صحافي وري اهڙن سياستدانن جي چمچاگيري ۾ عمر گذاري ڇڏين ٿا. پر حق کي حق نٿا سمجهن منهنجي نظر ۾ اهي حقيقي صحافي نه آهن. انهن کي اسان جيڪڏهن صافي چئون ته به هرج نه هوندو. هن وقت اسان جي معاشري کي اهڙن صحافين جي اشد ضرورت آهي جيڪي پنهنجي فرض سان ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪن حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪن. مگر اسان جو ظالم سماج اهڙن بهادر صحافي برداشت نٿو ڪري هميشه اهڙا صحافي ڪنهن نه ڪهن سياسي انتقامي ڪارروائي توڙي آفيسرن جي عتابن هيٺ هوندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ صحافتي پيشو هڪ خطرناڪ پيشو قرار ڏنو ويو آهي. اسان جي معاشري ۾ اخبارن توڙي چينلن جو ڪرندڙ معيار اسان جي معاشري ۾ ڪندڙ صحافين تي جي ڪري آهي. ڪجهه اخبارن ۽ چينلن کانسواءِ حڪومتي ادارن پڻ ٻين اخبارن جي خبرن کي ترجيع نه ڏيندا آهن. ڇاڪاڻ تي اڄ جي دور ۾ پئسن عيوض خبرون هلايون وينديون آهن، جيڪڏهن ڪنهن صحافي کي 500 کان 1000 روپيا ملي وڃن صحافي اهو نه ڏسندو ته خبر ڪوڙي آهي يا سچي فقط اهو ڏسندو ته پنهنجين پرائين اخبارن ۾ دوستن کي منٿون ڪرائي خبرون هلائيندو ۽ ٻي ڏينهن تي سب کان پهرين اخبارن جي اسٽالن تي اچي اخبارون گڏ ڪري خبر ڏيندڙ ماڻهو کي اخبارون ڏيندو ۽ وري اخبارن جي مد ۾ ڪجهه ڏوڪڙ وٺندو. ٻئي پاسي وري سياستدادن اهڙن صحافين کي ڄڻ گود کڻندا آهن جيڪي سموري ڏينهن توڙي رات، هر پل جي خبر اخبارن ۾ لکڻ تي مجبور هوندو آهي. اهڙي صحافت سبب اسان جي معاشري ۾ صحافتي ڪردار ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي. صحافي هميشه هڪٻئي جي مخالف هوندا آهن، هڪٻئي جا پير ڪڍڻ توري هڪ ٻئي جي اخبارن کي مٽائڻ لاءِ ادارن جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي ويندا آهن. جنهن جو واضح ثبوت اهو آهي ته هر شهر ۾ هڪ وڌيڪ پريس ڪلب قائم ٿيل آهن. ايتري قدر جو اسان جي وڏا ڏا ٽي وي چينل به هاڻي هڪٻئي جي خلاف نظر اچن ٿا. جيڪڏهن اسان جا ادار مظبود ٿي وڃن، ۽ صحافين کي مقرر ڪرڻ وقت ڪو اهڙو معيار مقرر ڪيو وڃي جنهن تي هڪ صحافي پورو لهي، ۽ صحافين کي پگهارون سان گڏ ٻيون مراعتون به مهيا ڪيون وڃن ته صحافتي پيشي ۾ ڪجهه ڪرپشن گهٽجي سگهي ٿي. ۽ اهي عوام جي حقيقي ترجماني ڪري سگهندا. حق سچ جي راهه ۾ شهيد ٿيندڙ صحافين کي حڪومت به معاوضو مقرر ڪري ته جيئن صحافتي پيشي هڪ ۽ سچ لکڻ جو رواج پيدا ٿئي. آئون هن ارٽيڪل جي ذريعي سڀني صحافي ڀائرن کي اپيل ٿو ڪريان ته خدارا حق سچ لکڻ شروع ڪريو زرد صحافت جو خاتمو آڻيو ڇاڪاڻ تي هي هڪ پيغمبري پيشو آهي. E-mail ma_rajapk@yahoo.com