سعودي عرب ۾ آزاد خيالن جي پرچارڪ کي قيد ۽ ڪوڙن جي سزا سعودي عرب جي هڪ عدالت انٽرنيٽ بلاگر (انٽرنيٽ تي ويب سائيٽ ۽ گروپ ٺاهيندڙ)رائف بدوي نالي شهريءَ کي ”مذهبي توهين“ ۽ انٽرنيٽ تي آزاد خيال فورم هلائڻ جي الزام ۾ ڏهه سال قيد ۽ هڪ هزار ڪوڙن جي سزا ٻڌائي آهي، مقامي ميڊيا موجب عدالت پنهنجي فيصلي ۾ رائف کي 2 لک 66 هزار ڊالر ڏنڊ ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي، انساني حقن جي عالمي تنظم ايمنسٽي انٽرنيشنل بدوي کي ٻڌايل سزا کي خطر ناڪ قرار ڏيندي اها ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. بدو سعوي عرب ۾ انٽرنيٽ جي هڪ ويب سائيٽ ”لبرل سعودي نيٽ ورڪ“ جو باني آهي ۽ 2010 ۾ کيس مذمت جي توهين جي الزام ۾ گرفتار به ڪيو ويو هو ۽ سندس ويب سائيٽ به بند ڪئي وئي هئي. سعودي سرڪار جي ويجهو سمجهي ويندڙ هڪ اخبار موجب ان کان اڳ بدوي جي اپيل رد ٿي چڪي آهي. گذريل سال سعودي عرب جي هڪ عدالت چيو هو ته رائف بدويءِ تي اسلام ترڪ ڪرڻ جو ڪيس نه ٿو هلائي سگهجي جيڪڏهن مٿس الزام درست ثابت ٿئي ها ته اها ان معاملي ۾ کيس موت جي سزا به ڏئي ٿي سگهي پر ائين ڪرڻ بدران عدالت هي معاملو هڪ ماتحت عدالت ڏانهن منتقل ڪيو. بدويءِ ان کان اڳ 7 مئي کي ”لبرل سعودي واسين“ جو ڏينهن قرار ڏنو هو ، واضع رهي ته ان کان اڳ هڪ ناليواري اديب ترڪي الحمد کي به اسلام تي تنقيد ڪرڻ جي الزام هيٺ حراست ۾ ورتو ويو هو. سوشل ميڊيا سعودي عرب ۾ تمام گهڻو مشهور آهي ۽ ان تي ملڪ جي حساس سمجهيو ويندڙ موضوعن تي بحث ڪيو ويندو آهي، جن ۾ مذهب ۽ سياست به شامل آهن، گذريل سال سعودي عرب جي هڪ عدالت سَتَ سائبر ڪارڪنن کي فيس بڪ ذريعي ماڻهن کي احتجاج تي اتساهڻ جي الزام ۾ پنجن کان ڏهن سالن جي سزا ٻڌائي هئي گذريل سال ئي انساني حقن جي ٻن ڪارڪنن کي ”انٽرنيٽ تي ڏوهه“ سميت مختلف الزامن تحت ڊگهي مدي لاءِ جيل اماڻيو ويو هو، انهن تي انٽرنيٽ تي ڏوهن جو الزام ان لاءِ لڳايو ويو هو جو اهي ٽوئيٽر ۽ ٻين سائيٽن کي حڪومت تي تنقيد لاءِ استعمال ڪندا هئا.
ڀاء بهــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــرين عمـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــل آهي. اهڙو ڪو قانون اسان جي ملڪ ۾ به هجڻ گهرجي، جنهن سان اهڙن ڇڙواڳن(دهرين مذهب بيزار ماڻهن )کي قابو ڪيو وڃي جيڪي خيالن جي آزادي جي آڙ ۾ الله ۽ رسول جي قانون تي تنقيد ڪن ٿا.