عوام سڌري وڃي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    عوام سڌري وڃي

    سنڌ تمام پياري آهي، پر ان جا سنڌي عملدار اڃان وڌيڪ پيارا ۽ سگهارا آهن، هو پنهنجن تي ڏنڊا ۽ ڌارين آڏو انڌا هوندا آهن، سنڌي عملدارن جي ڪاوڙ ۽ غصو صرف سنڌي ماڻهو تي هوندو آهي، جو انهن کي ڀُڃي کائڻ باوجود شهر بند نه ٿيندا آهن، هڙتالون ۽ کڙتالون به نه ٿينديون آهن، ٻيو ته صوفين جي هن ڌرتيءَ جا ماڻهو به ڏاڍا ڀلا آهن، هو مرندي مرندي به ڪوسي واءُ لڳڻ جون دعائون نه گهرندا آهن، سدائين درگذر ۽ وسارڻ واري ڳالهه ڪنهن پوليس مقابلي ۾ مرڻ کان پوءِ به قاتل طرفان مٿي منٿ قافلي جي روانگي ۽ واپسي ساڀ، سوڀ ۽ معافي، ڏين سنڌي برابر سٺي ۽ شاندار قوم آهي، سڄي دنيا جو غم ۽ الم سهي ويندي، هر ڪنهن کي معاف ڪندا آهن، پرويچارپنهنجي ڪڙم ۽ قبيلي وارو، ٿڙيو، ٿاٻڙيو، ڪٿي اٽڪيو ته پوءِ بس، طوفان، زلزلو ۽ مارا ماري شروع، جو پنهنجي تي دٻدٻو ۽ رُعب رکڻو آهي، ڌاري اڳيان هٿن ٻڌي جهڪڻو آهي.

    سرڪاري سنڌي ماڻهو هن دنيا جو اهو شاهڪار آهي، جنهن کي اوهان اينٽي سنڌي خمير مان ٺهيل ڀلي نه چئو، پر پڪ ڄاڻو، ان مان عام سنڌي ماڻهوءَ کي ڪو به فائدو حاصل نه ٿيندو.

    سنڌ سان عشق جون ڳالهيون ڪندڙ به ڪنهن نه ڪنهن جي ايجنڊا تي هلندا آهن، اسان وٽ اهڙا ئي بي شمار مثال آهن، جيڪي ڏيڻ مناسب ناهن، پر انهن ڳالهين جو مطلب اهو آهي ته عام ماڻهن جي ۽ پنهنجي خدمت ڪيو، جو اڳتي لاءِ اهو ئي هڪ سامان آهي، جيڪو ڪم ايندو ڀلا اوهان کي رعب ۽ لئه ڪرڻي آهي ته ڀلي ڪريو، اسان کي ان تي به اعتراض ناهي، پر اهو داٻو ۽ دٻدٻو سڀني لاءِ هئڻ گهرجي، صرف پنهنجن لاءِ ڇو ؟

    اسان اهو به مڃون ٿا ته زيادتي ڪنهن سان به نه ٿيڻ گهرجي، پر جيڪي شيءَ اوهان کي ٻين جي بري لڳي ٿي، احا پاڻ لاءِ به بري هئڻ گهرجي، يا جيڪي ڳالهه ٻئي جي خراب آهي، اوهان پاڻ ته گهٽ ۾ گهٽ ان کان بچو، اوهان پاڻ ڳُڙُ کائو ۽ ٻئي کي چکڻ به نه ڏيو ته پوءِ ان کي ڀلي منافقي نه چئو، زيادتي نه چئو، عيب نه چئو، پر گهٽ ۾ گهٽ ان کي ٺيڪ ته نه چئو، ايئن روزانو ۽ معمول مطابق ٿي رهيو آهي، اخبارون ڀريون پيون آهن، جو ان کي ڪارڪردگي چيو وڃي ٿو، ان ڪارڪردگيءَ پويان، ڀاڙا، ڀتا، سير تفريح ۽ پڪنڪ جو سامان به آهي، سرڪاري خرچ تي ڳوٺ جو سير به آهي، داٻو دٻدٻو، رعب ۽ لئه به آهي، جو ان کان پوءِ ميڙ منٿ قافلو، يارن دوستن جا ايلاز، اثر رسوخ وارن جا نياپا ۽ فون، مطلب ته اهو سڀ ڪجهه جنهن کانپوءِ اوهان جو مرتبو بالا ۽ بلند ۽ آل عيال ۽ اقبال جو خير ۽ دعائون جاري آفيسن ۽ ادارن جا جيڪي دورا ٿين ٿا، انهن جي پويان جيڪي فلاسافي آهي، اها ايتري نه کليل ۽ واضح آهي جو ڪنهن کي سمجهائڻ جي ضرورت ئي ناهي، مثال فلاڻو، پنهنجي فلاڻي طوفاني ۽ زلزلائي دوري تي پهتو، جتي ڪجهه آفيسرن کي غير حاضر ڏسي، رڪارڊ کڻائي پنهنجي هيڊ ڪوارٽر آيو، غير حاضر عملي کي نوٽيس جاري، جواب طلبي ۽ پوءِ نوٽ طلبي، جو هڪ لڳاتار ۽ اڻ کٽ سلسلو جو رب کي راضي رکڻ لاءِ معافي ڏيڻ به ضروري آهي ۽ نوٽ طلبيٰ کان پوءِ پنهنجي روح کي به راضي رکڻو ضروري ٿي پوي ٿو. جيڪڏهن جيءُ راضي ناهي ته پوءِ جهان ڪهڙي ڪم جو ؟؟ اهو سلسلو ۽ رواج اصولي طرح ۽ قانوني طور ڏاڍو سٺو آهي، پر سٺو اڃان ايئن آهي ته اهڙو رواج مٿان کان هلڻ ۽ هجڻ گهرجي، پر مٿان کان هلندي هلندي، ڪيترا دفعا اهو دور ۽ رواج ترڪي پوي ٿو، ۽ پوءِ رڳو هلندو وڃي ٿو، يعني ترڪندو ترڪندو.

    اسان ننڍا ماڻهو چواڻي، ننڍو وات ۽ وڏيون ڳالهيون سو اسان کي ته شايد سوال پڇڻ ۽ سوچڻ جو به حق ناهي، پر انسان آهيون، خطا ٿي وڃي ٿي، ڀلي سوال پڇي نه سگهون، پر سوچي ته سگهجي ٿو ۽ سوچڻ اسان سڀني جو حق آهي، حالانڪه هن سماج ۾ سوچ تي پهرا صدين کان لڳل هئا ۽ اهو سلسلو هلندو رهي ٿو، پر خواب اهڙي ظالم چيز آهن، جيڪي بنا دعوت ۽ سڏ جي اچن ٿا ۽ پوءِ ڪي ياد رهن ٿا ته وري ڪي جلدي کن ڀل ۾ وسري به وڃن ٿا، خوابن جا پنهنجا پنهنجا نمونا ۽ انداز آهن، ڪڏهن ٿيڻيون ۽ ڪڏهن اڻ ٿيڻيون ڳالهيون شامل ٿي وڃن ٿيون جو انهن تي نه ئي بندش يا پابندي آهي، نه ڪنهن خواب جي ائٽم تي سزا ڏئي سگهجي ٿي.پر خواب آور گورين تي بندش ضرور آهي، جنهن کي ٻين ٻولين ۾ گولي چوندا آهن، ياد رهي ته گوري ۽ گولي ٻئي خطرناڪ آهن، هاڻي گورين جون به تمام گهڻيون معنائون آهن ۽ گولين جون به ڳالهه علم جي آهي، جنهن کي جيتري ڄاڻ آهي اهو اوترو ئي ان کي ڇڪي سگهي ٿو، جو اسان وٽ هر شيءَ ڇڪي وڃي ٿي ۽ ڇڪجي رهي آهي، مون ڳالهه پئي ڪئي خوابن ۽ سوچڻ جي ۽ انهن طوفاني دورن ۽ زلزلن جي جنهن کانپوءِ ويچارا ماڻهو مختلف ڪم ڪارين جي ڪري يا بيماري بڙيءَ جي ڪري آفيسن مان ڪجهه گهڙيون، ليٽ ٿين ٿا، جنهن ڪري انهن کي نوٽيس ڏئي پوءِ هيڊڪواٽرن جا جيڪي ڌڪا، ٿاٻا کائڻا پون ٿا ڪاش اهي ٽوئري ۽ دورائي عملدار، انهن کان باخبر هجن، هونئن به هتي سزا منٽن ۾ ملي ٿي، پر جزا ۽ ڇوٽڪارو وڏي مرحلي مان گذري ٿو، جيڪڏهن ڪا ڪورٽ ڪنهن قيديءَ کي سزا ٻڌائي ٿي ته پوءِ جيل پهچڻ وقت فوري طور ان تي عمل ڪيو وڃي ٿو، ان جو انتظار نه ٿو ڪيو وڃي ته اهو آرڊر لکت ۾ اچي، پر جيڪڏهن ڪنهن کي رهائي، آزادي، ضمانت ملي ٿي، ته پوءِ ان جي واسطيدار فورم کان تصديق ڪرائي وڃي ٿي ۽ ان جو دورانيو اڃان وڌايو وڃي ٿو، سواءِ ان شرط جي ته جيڪڏهن باباءِ قوم جو لحاظ ڪجي جيڪو ٻنهي صورتن ۾ جائز آهي.

    اسان انتهائي عام، ننڍا ۽ صفا معمولي ماڻهو اهو سوال به نه ٿا ڪري سگهون، ته وزير، امير، ڪبير ۽ اهي سيڪريٽري پاڻ وقت تي اچن ٿا ؟؟ ڪو اهڙو به آهي جيڪو انهن کي به چيڪ ڪري ۽ نوٽيس ڏئي، ڪيترن وزيرن کي ته اها خبر ئي ناهي ته ان جي آفيس ڪٿي آهي!! جو اهي چوويهه ڪلاڪ پنهنجي خدمت واري ڪم ۾ مصروف هوندا آهن، محڪمن جا سيڪريٽري ته ٿين ئي بادشاهه، بادشاهن کان ڪير پڇي !! واٽر ڪينن ۽ پوليس جون لٺيون کائيندڙ عوام سڌري وڃي، يا وري مفاهمتي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪنهن اهم ماڻهو، ميمبر يا پارٽيءَ کي اڳيان ڪندي پاڻ بچائن يا وري اڃان سولو ڪم اهو ويزا سسٽم آهي جيڪو نه صرف اوهان جي پٽ ڀرائي به ڪندو ۽ اوهان کي هر بيماري ۽ لاچاريءَ کان بچائيندي اڳتي ايندو.

    اوهان جون ماضيءَ ۾ ڪيل غلطيون، ڏنل گاريون، الزام بهتان ۽ اهو سڀ ڪجهه ايئن معاف ٿي وسري وڃي ٿو، جيئن اسان جا سياسي اتحاد ٺهندا ۽ جاري رهندا آهن.

    ماڻهن کي هاڻي سوچڻ، محنت ڪرڻ ۽ ڳولهڻ بجاءِ ڪنهن نه ڪنهن وس واري جي مدد وٺڻي پوندي، جو ماشا الله سنڌ ۾ ٻئي شيءَ وڌي هجي يا نه !! هتي ايجنٽ، ڪميشن ايجنٽ ۽ پي رول تي هلندڙ هر قسم جا جوان موجود آهن. ان لاءِ عوام کي سڌري وڃڻ گهرجي.

    (هي ليک مون کي وڻيو، ان ڪري لفٽ ڪري پڙهندڙن لا هت رکيو)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو