سونَ برابر سَڳڙَا، لُون لُون برابر لَکُ
رُپو جنهن رَد ڪيو، ڪَوڙُ تهين کي ڪَکُ
مون ماروءَ جو مَکُ، تيل نه لائيان تنهنجو.
سر مارئي
سڳڙا = ڌاڳا، اُهي ڌاڳا جيڪي ماروئڙن منهنجي ٻانهُن، ڪاراين ۾ ٻڌا هئا.
لُون = تند، ڌاڳو
برابر لَکُ = لک جي برابر
رُپو = چاندي، سون سڪا، مال ملڪيت، عيش عشرت
رَد ڪيو = ترڪ ڪيو، لالچ نه ڪئي، طمع نه ڪئي
ڪَوڙُ = ڪروڙ
مَکُ = ساٺ سوئنڻ ويل لڳايل تيل
* او عمر منهنجي ماروئڙن جيڪي مون کي ٻانهُن ۾، ڪاراين ۾ ڌاڳا ٻڌا هئا سي سون جي چين ۽ ڪنگڻن کان اُتَمُ ۽ اعلي' آهن. انهن ڌاڳن جي هڪ هڪ تند کي لَکَ لَکَ جي برابر ٿي سمجهان.
* جنهن تنهنجي سمورين لالچن، سڪن، سون، چاندي ۽ عيش عشرت کي قبول نه ڪيو، تنهن لاءِ تنهنجا هي ڪروڙ به هڪ ڪک مثل آهن.
* کيتَ سان مڱڻي ويل ساٺ سونئڻ ڪندي مون کي منهنجي ماروئڙن جيڪو تيل لڳايو هو. اُهو منهنجي لاءِ فخر جو باعث آهي تنهنڪري تنهنجا تيل ڦليل, هار سينگار ۽ ويس وڳا مون کي نه گهرجن.
سمجهاڻي
ڀٽائي اسان کي حُبُ الوطني، پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ سان پيار جو درس ڏئي ٿو ۽ سيکاري ٿو ته ڪنهن به لالچ ۾ اچي پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ سان ٺڳي ۽ غداري نه ڪيو. پنهنجي سادگيءَ واري زندگيءَ تي هميشه ناز ۽ فخر ڪيو.
____
سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل